Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 1:50 - Common Language New Testament

50 عيسيٰ چيس تہ ”ڇا تون انھيءَ ڪري ايمان ٿو آڻين جو مون تو کي ٻڌايو تہ مون تو کي انجير جي وڻ ھيٺ ڏٺو ھو؟ تون ھن کان بہ وڏيون ڳالھيون ڏسندين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

50 يسوع هن کي جواب ڏيئي چيو، تہ مون جو توکي انجير جي وڻ هيٺان ڏٺو، تنهنڪري ايمان آندو اٿيئي ڇا؟ تون انهي کان بہ وڏيون ڳالهيون ڏسندين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

50 يسوع چيس تہ ”ڇا تون انهيءَ ڪري وشواس ٿو آڻين جو مون تو کي ٻڌايو تہ تو کي انجير جي وڻ هيٺ ڏٺو هئم؟ پر تون هن کان بہ وڏيون ڳالهيون ڏسندين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

50 عيسيٰ چيس تہ ”ڇا تون انهيءَ ڪري ايمان ٿو آڻين جو مون تو کي ٻڌايو تہ تو کي انجير جي وڻ هيٺ ڏٺو هئم؟ پر تون هن کان بہ وڏيون ڳالهيون ڏسندين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 1:50
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ⁠جو جنھن وٽ ڪجھہ آھي، تنھن کي وڌيڪ ڏنو ويندو تہ وٽس تمام گھڻو ٿي پوندو. پر جنھن وٽ ڪجھہ بہ ڪونھي، تنھن کان اھو بہ کسيو ويندو جيڪو ھن وٽ آھي.


ھن رستي جي ڀر ۾ ھڪ انجير جو وڻ ڏٺو سو وڌي اُن وڻ ڏانھن ويو. ڏٺائين تہ وڻ ۾ رڳو پن ئي پن ھئا. تنھن تي ھن وڻ کي چيو تہ ”تون وري ڪڏھن بہ ميوو نہ جھليندين.“ تڏھن اھو وڻ ھڪدم سڪي ويو.


ڇالاءِ⁠جو جنھن ڪجھہ ڪمايو آھي تنھن کي وڌيڪ ڏنو ويندو، تہ جيئن وٽس گھڻو ٿي پوي. پر جنھن ڪجھہ بہ نہ ڪمايو آھي، تنھن کان اھو بہ کسيو ويندو جيڪو وٽس آھي.


تون ڪيتري نہ سڀاڳي آھين، جو تو يقين ڪيو آھي تہ خدا جو ڪلام تو لاءِ سچو ثابت ٿيندو.“


عيسيٰ اھو ٻڌي ھن تي عجب کائڻ لڳو ۽ جيڪي ماڻھو سندس پٺيان پئي آيا، تن ڏانھن منھن ورائي کين چيائين تہ ”مون ايڏو ايمان بني اسرائيل ۾ بہ ڪونہ ڏٺو.“


نٿن⁠ايل چيو تہ ”استاد! اوھين تہ خدا جا فرزند آھيو. اوھين بني اسرائيل جا بادشاھہ آھيو.“


پوءِ وڌيڪ چيائين تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ اوھين آسمان کلندو ڏسندا ۽ خدا جا ملائڪ ابن⁠آدم تي نازل ٿيندا ۽ مٿي ويندا ڏسندا.“


عيسيٰ ھن کي چيو تہ ”مون تو کي ڪين چيو ھو تہ جيڪڏھن تون ايمان آڻيندينءَ تہ خدا جو جلوو ڏسندينءَ؟“


عيسيٰ چيس تہ ”تو مون کي ڏٺو آھي، تنھنڪري ايمان آندو اٿيئي. پر سڀاڳا آھن اھي جيڪي ڏسڻ کان سواءِ ئي ايمان ٿا آڻين.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ