Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 1:49 - Common Language New Testament

49 نٿن⁠ايل چيو تہ ”استاد! اوھين تہ خدا جا فرزند آھيو. اوھين بني اسرائيل جا بادشاھہ آھيو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

49 نتن ايل جواب ڏنس تہ اي اُستاد، تون خدا جو فرزند آهين، تون اسرائيل جو بادشاهہ آهين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

49 تنهن تي نٿن‌ايل چيو تہ ”اي گرو! اوهين تہ ايشور جا پٽ آهيو. اوهين بني اسرائيل جا راجا آهيو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

49 تنهن تي نٿن‌ايل چيو تہ ”اي استاد! اوهين تہ خدا جا فرزند آهيو. اوهين بني اسرائيل جا بادشاهہ آهيو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 1:49
31 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنھن تي جيڪي⁠بہ ٻيڙيءَ ۾ ھئا تن اچي کيس سجدو ڪري چيو تہ ”بيشڪ تون خدا جو فرزند آھين.“


۽ اچي پڇيائون تہ ”اھو ٻار ڪٿي آھي جيڪو يھودين جو بادشاھہ ٿيڻ لاءِ ڄائو آھي؟ اسان ھن جو تارو اوڀر ۾ ڏٺو آھي ۽ اسين ھن کي سجدو ڪرڻ لاءِ آيا آھيون.“


”صيئون جي شھر کي چئو تہ ’ڏس، تنھنجو بادشاھہ تو وٽ اچي پيو، نماڻو ۽ گڏھہ تي سوار، بلڪ گڏھہ جي ٻچڙي يعني کودڙي تي.‘“


ھو چاھين ٿا تہ ماڻھو کين بازارن ۾ سلامي ٿين ۽ کين ’سائين‘ يا ’استاد‘ ڪري سڏين.


اوھان کي ’سائين‘ يا ’استاد‘ سڏائڻ نہ کپي، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھين سڀيئي ھڪٻئي جا ڀائر آھيو ۽ اوھان جو رڳو ھڪ استاد آھي.


عيسيٰ گورنر جي اڳيان پيش ڪيو ويو، جنھن کانئس سوال پڇيو تہ ”ڇا تون يھودين جو بادشاھہ آھين؟“ عيسيٰ جواب ڏنس تہ ”اھو تہ اوھين پاڻ ٿا چئو.“


”ھي تہ ٻين کي پيو ڇڏائي پر ھاڻي پاڻ کي نہ ٿو بچائي سگھي. ڇا ھي بني اسرائيل جو بادشاھہ آھي؟ ھاڻي صليب تان لھي اچي تہ ڏسون ۽ ان تي ايمان آڻيون.


سو شيطان ھن وٽ آيو ۽ چيائينس تہ ”جيڪڏھن تون خدا جو فرزند آھين تہ ھنن پٿرن کي حڪم ڪر تہ مانيون ٿي پون.“


ھاڻي ڏسون تہ ھي مسيح، اسرائيل جو بادشاھہ، ڪيئن ٿو صليب کان ھيٺ لھي اچي، تہ پوءِ اسين بہ ٿا مٿس ايمان آڻيون.“ عيسيٰ سان گڏ جيڪي ماڻھو صليب تي چڙھيل ھئا، تن بہ مٿس چٿرون ڪيون.


ملائڪ وراڻيس تہ ”پاڪ روح تو تي نازل ٿيندو ۽ خدا تعاليٰ جي قدرت تو مٿان ڇانوَ ڪندي، انھيءَ ڪري تہ پاڪ ٻار خدا جو فرزند ڪري سڏبو.


”سڳورو آھي اھو بادشاھہ، جو خداوند جي نالي سان ٿو اچي، بيشڪ آسمان منجھہ سلامتي آھي ۽ عرش عظيم تي شان وارو خدا آھي.“


ڪنھن بہ ماڻھوءَ خدا کي ڪڏھن ڪونہ ڏٺو آھي پر سندس اڪيلي ئي فرزند، جيڪو سندس پاسي ۾ آھي، تنھن ئي کيس ظاھر ڪيو آھي.


مون اھو ڏٺو آھي ۽ شاھدي ٿو ڏيان تہ ھيءُ خدا جو فرزند آھي.“


عيسيٰ ڦري انھن کي پنھنجي پويان ايندي ڏسي چيو تہ ”اوھان کي ڇا گھرجي؟“ تنھن تي انھن جواب ڏنو تہ ”اي ربي (يعني استاد)! اوھين ڪٿي رھو ٿا؟“


عيسيٰ چيس تہ ”ڇا تون انھيءَ ڪري ايمان ٿو آڻين جو مون تو کي ٻڌايو تہ مون تو کي انجير جي وڻ ھيٺ ڏٺو ھو؟ تون ھن کان بہ وڏيون ڳالھيون ڏسندين.“


تنھن تي پلاطس چيس تہ ”پوءِ ڇا تون بادشاھہ آھين؟“ عيسيٰ وراڻيو تہ ”اھو تہ اوھين پاڻ ٿا چئو تہ آءٌ بادشاھہ آھيان. آءٌ انھيءَ مقصد لاءِ ڄائس ۽ ھن دنيا ۾ آيس تہ رڳو سچ جي شاھدي ڏيان. جيڪو بہ سچ جي پاسي آھي سو منھنجو آواز ٻڌي ٿو.“


ساڳئي وقت سندس شاگردن عرض ڪيس تہ ”اي استاد! ڪجھہ کائو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ