Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 1:39 - Common Language New Testament

39 عيسيٰ جواب ڏنو تہ ”ھلي ڏسو.“ پوءِ اھي ساڻس گڏ ھليا ۽ اھا جاءِ ڏٺائون جتي ھو رھندو ھو ۽ اھو ڏينھن ھن سان گڏ گذاريائون. اھو اٽڪل ٽپھريءَ جو وقت ھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

39 هن چيو تہ هلي ڏسو. پوءِ هو آيا ۽ جتي هو رهندو هو، اُهو هنڌ اچي ڏٺائون؛ ۽ اُهو ڏينهن وٽس ٽڪيا: اُهو اٽڪل ڏهين بجي جو وقت هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

39 يسوع جواب ڏنو تہ ”هلي ڏسو.“ اهو اٽڪل چئين بجي جو وقت هو جڏهن اهي ساڻس گڏ هليا ۽ اها جاءِ ڏٺائون جتي هو ترسيل هو. پوءِ هنن اهو ڏينهن ساڻس گڏ گذاريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

39 عيسيٰ جواب ڏنو تہ ”هلي ڏسو.“ اهو اٽڪل چئين بجي جو وقت هو جڏهن اهي ساڻس گڏ هليا ۽ اها جاءِ ڏٺائون جتي هو ترسيل هو. پوءِ هنن اهو ڏينهن ساڻس گڏ گذاريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 1:39
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر انھن کيس پوئتي ڇڪي جھليو تہ ”اسان سان ٽڪي پئو، ڇوتہ سانجھي ٿيڻ واري آھي ۽ ڏينھن لڙي ويو آھي.“ تڏھن ھو انھن سان ٽڪڻ لاءِ گھر اندر ويو.


عيسيٰ ڦري انھن کي پنھنجي پويان ايندي ڏسي چيو تہ ”اوھان کي ڇا گھرجي؟“ تنھن تي انھن جواب ڏنو تہ ”اي ربي (يعني استاد)! اوھين ڪٿي رھو ٿا؟“


جن ٻن ڄڻن يحيٰ جي ڳالھہ ٻڌي ھئي ۽ عيسيٰ جي پٺيان ھلڻ لڳا ھئا، تن ۾ ھڪڙو شمعون پطرس جو ڀاءُ اندرياس ھو.


نٿن⁠ايل ھن کي چيو تہ ”ناصرت مان بہ ڪا چڱي شيءِ نڪري سگھي ٿي ڇا؟“ تنھن تي فلپس چيس تہ ”ڀلا ھلي ڏس.“


پوءِ جڏھن اھي سامري وٽس آيا، تڏھن عرض ڪيائونس تہ ”اسان وٽ ھلي مھمان ٿيو.“ سو عيسيٰ اتي ٻہ ڏينھن ٽڪي پيو.


جيڪي پيءُ مون کي ڏيندو سي سڀ مون وٽ ايندا ۽ جيڪو بہ مون وٽ ايندو تنھن کي آءٌ ڪڏھن بہ نہ موٽائيندس.


ڏسو، آءٌ دروازي وٽ بيھي کڙڪايان ٿو، جيڪڏھن ڪو ماڻھو منھنجو آواز ٻڌي دروازو کوليندو تہ آءٌ اندر لنگھي ايندس ۽ انھيءَ سان گڏ ماني کائيندس ۽ اھو مون سان گڏ کائيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ