Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 1:38 - Common Language New Testament

38 عيسيٰ ڦري انھن کي پنھنجي پويان ايندي ڏسي چيو تہ ”اوھان کي ڇا گھرجي؟“ تنھن تي انھن جواب ڏنو تہ ”اي ربي (يعني استاد)! اوھين ڪٿي رھو ٿا؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

38 يسوع ڦري هنن کي ايندو ڏسي، کين چيو تہ اوهين ڇا ٿا ڳوليو؟ هنن چيس تہ اي ربي (يعني استاد) تون ڪٿي ٿو رهين؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

38 يسوع ڦري انهن کي پنهنجي پويان ايندي ڏسي چيو تہ ”اوهين ڪهڙي ڳولا ۾ آهيو؟“ تنهن تي انهن جواب ڏنو تہ ”اي ربي (يعني گرو)! اوهين ڪٿي رهو ٿا؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

38 عيسيٰ ڦري انهن کي پنهنجي پويان ايندي ڏسي چيو تہ ”اوهين ڪهڙي ڳولا ۾ آهيو؟“ تنهن تي انهن جواب ڏنو تہ ”اي ربي (يعني استاد)! اوهين ڪٿي رهو ٿا؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 1:38
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ان عورت جي مريم نالي ھڪ ڀيڻ ھئي، جنھن عيسيٰ جي پيرن وٽ ويھي سندس ڪلام ويٺي ٻڌو.


ماڻھن جا وڏا ميڙ عيسيٰ سان گڏ پئي ھليا. ھن ڦري کين چيو تہ


سو ھو اٿي پنھنجي پيءُ ڏانھن روانو ٿيو. ھو اڃا پري ئي ھو تہ کيس ڏسي سندس پيءُ کي مٿس ڪھل آئي، سو ڊوڙي وڃي ڀاڪر پاتائينس ۽ چميائينس.


جڏھن عيسيٰ انھيءَ جاءِ تي آيو، تڏھن مٿي نھاري چيائين تہ ”اي زڪئي! ھڪدم ھيٺ لھي اچ، ڇالاءِ⁠جو اڄ مون کي تنھنجي گھر ٽڪڻو آھي.“


خداوند ڦري پطرس ڏانھن نھاريو تہ پطرس کي خداوند جا لفظ ياد آيا جي چيا ھئائينس تہ ”جيسين اڄ ڪڪڙ ٻانگ ڏئي، تنھن کان اڳ ٽي دفعا تون منھنجو انڪار ڪندين.“


جنھن ماڻھوءَ مان ڀوت نڪري ويا ھئا، تنھن کيس منٿ ڪري چيو تہ ”مون کي پاڻ سان وٺي ھلو.“ پر عيسيٰ کيس موٽائي گھر موڪليو ۽ چيائينس تہ


ٻنھي شاگردن يحيٰ جي اھا ڳالھہ ٻڌي عيسيٰ جي پٺيان ھلڻ شروع ڪيو.


عيسيٰ جواب ڏنو تہ ”ھلي ڏسو.“ پوءِ اھي ساڻس گڏ ھليا ۽ اھا جاءِ ڏٺائون جتي ھو رھندو ھو ۽ اھو ڏينھن ھن سان گڏ گذاريائون. اھو اٽڪل ٽپھريءَ جو وقت ھو.


نٿن⁠ايل چيو تہ ”استاد! اوھين تہ خدا جا فرزند آھيو. اوھين بني اسرائيل جا بادشاھہ آھيو.“


اھي فلپس وٽ آيا جيڪو گليل جي شھر بيت⁠صيدا جو ويٺل ھو ۽ چيائونس تہ ”اي سائين! اسين عيسيٰ کي ڏسڻ چاھيون ٿا.“


عيسيٰ کي سڀ خبر ھئي تہ ساڻس ڇا ٿيڻو آھي، سو ھو ڪجھہ قدم اڳتي وڌي کانئن پڇڻ لڳو تہ ”اوھين ڪنھن کي ڳولي رھيا آھيو؟“


عيسيٰ کانئن وري پڇيو تہ ”ڪنھن کي ڳولي رھيا آھيو؟“ انھن چيو تہ ”عيسيٰ ناصريءَ کي.“


ھڪ رات ھو عيسيٰ وٽ آيو ۽ کيس چيائين تہ ”سائين! اسان کي خبر آھي تہ اوھين خدا جي طرفان استاد ٿي آيا آھيو، ڇالاءِ⁠جو جيڪي معجزا اوھين ڪريو ٿا سي جيڪر ڪوبہ نہ ڪري سگھي، جيستائين خدا ساڻس نہ ھجي.“


اھي يحيٰ وٽ ويا ۽ کيس چيائون تہ ”استاد! اوھان کي اھو ماڻھو ياد آھي جيڪو اردن درياءَ جي ھُن ڀر اوھان سان گڏ ھو ۽ جنھن بابت اوھان شاھدي ڏني ھئي؟ اھو ھاڻي ماڻھن کي بپتسما ڏيئي رھيو آھي ۽ ھر ڪو انھيءَ ڏانھن وڃي رھيو آھي.“


ساڳئي وقت سندس شاگردن عرض ڪيس تہ ”اي استاد! ڪجھہ کائو.“


ماڻھن جڏھن عيسيٰ کي ڍنڍ جي ٻيءَ ڀر تي ڳولي لڌو تہ کيس چيائون تہ ”استاد! اوھين ھتي ڪڏھن آيا؟“


تنھن تي پطرس ھيٺ لھي ويو ۽ انھن ماڻھن کي چيائين تہ ”آءٌ اھو آھيان، جنھن کي اوھين ڳولي رھيا آھيو. اوھين ڪيئن آيا آھيو؟“


اھو ئي سبب آھي جو جڏھن مون کي گھرايو ويو تہ آءٌ سواءِ ڪنھن اعتراض جي ھليو آيس. ھاڻي ٻڌايو تہ مون کي ڇو گھرايو اٿوَ؟“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ