Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 1:15 - Common Language New Testament

15 يحيٰ ھن بابت شاھدي ڏيندي وڏي واڪي چيو ھو تہ ”ھي اھو آھي، جنھن بابت مون چيو ھو تہ ’جيڪو منھنجي پٺيان ٿو اچي سو مون کان وڏو آھي، ڇالاءِ⁠جو ھو منھنجي پيدا ٿيڻ کان اڳي ئي موجود ھو.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 يوحنا هن بابت شاهدي ڀري پڪاري چيو، تہ هي اُهو آهي جنهن بابت مون چيو هو تہ جيڪو منهنجي پٺيان ٿو اچي سو مون کان اڳي ٿيو آهي: ڇالاءِ جو هو مون کان اڳي هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

15 يوحنا هن بابت شاهدي ڏيندي وڏي واڪي چيو هو تہ ”هي اهو آهي، جنهن بابت مون چيو هو تہ ’جيڪو منهنجي پٺيان ٿو اچي سو مون کان وڏو آهي، ڇاڪاڻ تہ هو منهنجي پيدا ٿيڻ کان اڳي ئي موجود هو.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 يحيٰ هن بابت شاهدي ڏيندي وڏي واڪي چيو هو تہ ”هي اهو آهي، جنهن بابت مون چيو هو تہ ’جيڪو منهنجي پٺيان ٿو اچي سو مون کان وڏو آهي، ڇاڪاڻ تہ هو منهنجي پيدا ٿيڻ کان اڳي ئي موجود هو.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 1:15
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ اوھان کي پاڻيءَ سان بپتسما ٿو ڏيان ان لاءِ تہ اوھان گناھن کان توبھہ ڪئي آھي، پر جيڪو مون کان پوءِ ايندو اھو اوھان کي پاڪ روح ۽ باھہ سان بپتسما ڏيندو. ھو مون کان وڌيڪ قدرت وارو آھي، آءٌ سندس جتي کڻڻ جي لائق بہ نہ آھيان.


يحيٰ ماڻھن ۾ منادي ڪندو ھو تہ ”منھنجي پٺيان ھڪ اھڙو ٿو اچي جو مون کان بہ وڌيڪ قدرت وارو آھي. آءٌ انھيءَ لائق بہ نہ آھيان جو نِوڙي سندس جتيءَ جون ڪھيون کوليان.


تنھن تي يحيٰ انھن سڀني کي جواب ڏنو تہ ”آءٌ اوھان کي پاڻيءَ سان بپتسما ٿو ڏيان، پر اھو اچڻ وارو آھي جيڪو مون کان وڌيڪ قدرت وارو آھي ۽ آءٌ سندس جتيءَ جون ڪھيون ڇوڙڻ جي لائق بہ نہ آھيان. اھو اوھان کي پاڪ روح ۽ باھہ سان بپتسما ڏيندو.


۽ ھو مون کان پوءِ اچي رھيو آھي. پر آءٌ انھيءَ لائق بہ نہ آھيان جو سندس جتيءَ جون ڪھيون کوليان.“


اي بابا! ھاڻي پنھنجي حضور ۾ مون کي اھو جلوو بخش، جيڪو دنيا جي پيدا ٿيڻ کان اڳ مون کي تو سان گڏ ھو.


عيسيٰ وراڻيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو چوان تہ ابراھيم جي ڄمڻ کان اڳي بہ آءٌ آھيان.“


اھو ئي سڀني شين کان اڳي موجود آھي ۽ سڀ شيون ھن سان گڏ ھئڻ ڪري قائم رھن ٿيون.


عيسيٰ مسيح ڪالھہ توڙي اڄ، بلڪ ھميشہ تائين ساڳيو ئي آھي.


جنھن چيو تہ ”جيڪي تون ڏسين ٿو، سو ڪتاب ۾ لک ۽ اھو ستن ئي ڪليسيائن ڏانھن ڏياري موڪل، يعني اِفسس، سمرنا، پرگمن، ٿواتيرہ، سرديس، فلدلفيا ۽ لوديڪيا ڏانھن.“


”سمرنا واري ڪليسيا جي ملائڪ ڏانھن لک تہ جيڪو اول ۽ آخر آھي، جيڪو مري ويو ھو ۽ وري جيئرو ٿيو، سو چوي ٿو تہ


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ