Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يعقوب 5:9 - Common Language New Testament

9 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! ھڪ ٻئي جي خلاف ڪُرڪو نہ، متان اوھان کي سزاوار ٺھرايو وڃي. ڏسو، انصاف ڪرڻ وارو در تي بيٺو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 اي ڀائرو، هڪٻئي جي شڪايت نہ ڪريو، متان ڏوهاري ٺهرو: ڏسو، انصاف ڪرڻ وارو در تي بيٺو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

9 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! هڪٻئي جي شڪايت نہ ڪريو، متان اوهان کي پاپي قرار ڏنو وڃي. ڏسو، انصاف ڪرڻ وارو در تي بيٺو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! هڪٻئي جي شڪايت نہ ڪريو، متان اوهان کي گنهگار قرار ڏنو وڃي. ڏسو، انصاف ڪرڻ وارو در تي بيٺو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يعقوب 5:9
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ساڳيءَ طرح جڏھن اوھين ھي سڀ ڳالھيون ٿيندي ڏسو تڏھن ڄاڻجو تہ اھو وقت اچي ويو آھي، بلڪ ائين سمجھو تہ در تي اچي بيٺو آھي.


ساڳيءَ طرح اوھين جڏھن ھي ڳالھيون ٿيندي ڏسو، تڏھن ڄاڻجو تہ اھو وقت اچي ويو آھي، بلڪ ائين سمجھجو تہ در تي اچي بيٺو آھي.


تنھنڪري ھيرودياس يحيٰ کان نفرت ڪندي ھئي ۽ يحيٰ کي مارائڻ گھري پيئي. پر ھوءَ ائين ڪري نہ ٿي سگھي،


ساڻن ھي واقعا انھيءَ لاءِ پيش آيا تہ جيئن اھي عبرت کائين ۽ اسين، جيڪي آخرين زماني ۾ آھيون، تن جي نصيحت لاءِ اھي ڳالھيون لکيون ويون آھن.


تنھنڪري خداوند جي اچڻ تائين ترسو ۽ مقرر وقت کان اڳي ڪنھن بہ ڳالھہ جو فيصلو نہ ڪريو، ڇالاءِ⁠جو اھو ئي اوندھہ ۾ لڪل شيون پڌريون ڪندو ۽ ماڻھن جي دلين جون رٿون ظاھر ڪندو. تڏھن خدا جي طرفان ھر ڪنھن جي پوري پوري ساراھہ ٿيندي.


جيئن ھر ڪنھن ماڻھوءَ دل ۾ جيترو ڏيڻ جو ارادو ڪيو آھي تيئن اوترو ئي ڏئي، نہ ڪُرڪي ڪنجھي ۽ نڪي لاچاريءَ سان، ڇوتہ خدا خوشيءَ سان ڏيڻ واري کي پيار ٿو ڪري.


ڇالاءِ⁠جو سڄي شريعت ھن ھڪڙيءَ ئي ڳالھہ ۾ پوري ٿئي ٿي تہ ”تون پنھنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جھڙو پيار ڪر.“


اسان کي گھرجي تہ اجايو فخر نہ ڪريون، نہ ھڪٻئي کي چيڙايون ۽ نڪي ھڪٻئي ڏانھن بغض رکون.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! ھڪ ٻئي جي عيب⁠جوئي نہ ڪريو. جيڪو پنھنجي ڀاءُ جي خلاف ٿو ڳالھائي، يا مٿس ڪا تھمت ٿو ھڻي، سو شريعت جي خلاف ٿو ڳالھائي ۽ ان تي تھمت ٿو ھڻي. ھاڻي جڏھن تون شريعت تي تھمت ٿو ھڻين تڏھن تون شريعت تي عمل ڪرڻ وارو نہ، بلڪ انھيءَ مٿان عدالت ڪرڻ وارو بڻجي ويٺو آھين.


شريعت ڏيڻ وارو ۽ عدالت ڪرڻ وارو تہ رڳو ھڪڙو آھي. اھو ئي بچائي ۽ ماري ٿو سگھي. پر تون آھين ڪير جو پنھنجي پاڙيسريءَ تي تھمت ٿو ھڻين؟


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! انھن نبين کي ڏک سھڻ ۽ صبر ڪرڻ جو نمونو ڪري سمجھو، جن خداوند جي نالي تي ڪلام ڪيو.


تنھنڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! خداوند جي اچڻ تائين صبر ڪريو. ڏسو، ھاري زمين جي قيمتي پيدائش لاءِ ڪيڏو نہ انتظار ٿو ڪري. ھو آڳاٽي ۽ پاڇاٽي مينھن پوڻ تائين صبر ٿو ڪري.


پر کين انھيءَ کي حساب ڏيڻو پوندو، جيڪو جيئرن ۽ مئلن جو انصاف ڪرڻ لاءِ تيار آھي.


بنا ڪرڪڻ جي ھڪ ٻئي جي مھمان⁠نوازي ڪريو.


ڏسو، آءٌ دروازي وٽ بيھي کڙڪايان ٿو، جيڪڏھن ڪو ماڻھو منھنجو آواز ٻڌي دروازو کوليندو تہ آءٌ اندر لنگھي ايندس ۽ انھيءَ سان گڏ ماني کائيندس ۽ اھو مون سان گڏ کائيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ