Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يعقوب 5:6 - Common Language New Testament

6 اوھان سچار کي ڏوھي ٺھرايو آھي ۽ قتل ڪيو آھي. پر سچار اوھان جي مخالفت نہ ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 راستباز کي اوهان ڏوهاري ٺهرائي قتل ڪيو؛ پر هو اوهان جي مخالفت نٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

6 اوهان بي‌ڏوهي ماڻهن کي ڏوهي قرار ڏيئي قتل ڪيو آهي، جيڪي پنهنجي بچاءُ لاءِ ڪجھہ بہ ڪري نہ سگھيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 اوهان بي‌ڏوهي ماڻهن کي ڏوهي قرار ڏيئي قتل ڪيو آهي، جيڪي پنهنجي بچاءُ لاءِ ڪجھہ بہ ڪري نہ سگھيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يعقوب 5:6
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر جڏھن باغائين ھن جي پٽ کي ڏٺو تڏھن انھن پاڻ ۾ صلاح ڪئي تہ ’ھيءُ مالڪ جو وارث آھي. اچو تہ ھن کي ماري ڇڏيون تہ پوءِ ملڪيت ئي اسان جي ٿي پوندي.‘


پر سردار ڪاھنن ۽ بزرگن خلق کي سمجھائي ڇڏيو ھو تہ ھو پلاطس کي چون تہ برابا کي آزاد ڪري ۽ عيسيٰ کي موت جي سزا ڏئي.


پر ھاڻي آءٌ اوھان کي چوان ٿو تہ جيڪو اوھان سان بڇڙائي ڪري ان کان بدلو نہ وٺو. پر جيڪڏھن ڪو اوھان کي ڳل تي چماٽ ھڻي تہ ان کي ٻيو ڳل بہ ڦيرائي ڏيو.


پوءِ ھن چيو تہ ’اسان جي ابن ڏاڏن جي خدا تو کي ھن لاءِ مقرر ڪيو آھي تہ تو کي خبر پوي تہ سندس مرضي ڪھڙي آھي ۽ انھيءَ سچار کي ڏسين ۽ کيس ڳالھائيندي ٻڌين.


اھو ڪھڙو نبي ھو جنھن کي اوھان جي ابن ڏاڏن نہ ستايو؟ ھنن انھن کي بہ مارايو، جن انھيءَ سچار بندي جي اچڻ جي اڳواٽ خبر ڏني ۽ ھاڻي اوھان پاڻ انھيءَ سان دغابازي ڪري کيس مارايو آھي.


پاڪ ڪتاب جو جيڪو حصو انھيءَ پڙھيو پئي سو ھي آھي تہ ”ھو ھڪڙي رڍ وانگر آھي، جنھن کي ڪھڻ لاءِ وٺي ويا، ۽ جھڙيءَ طرح ڪو گھيٽو پنھنجي اُن ڪترڻ واري جي اڳيان گونگو ٿي بيھندو آھي، تھڙيءَ طرح ھن بہ ٻڙڪ نہ ڪڇي.


منھنجا سچار ٻانھو ايمان جي ڪري جيئرو رھندا، پر جيڪڏھن انھن مان ڪو پوئتي ھٽندو، تہ آءٌ ھن کان خوش نہ ٿيندس.“


پر اوھان غريبن کي بي⁠عزت ڪيو آھي. مگر ڇا دولتمند اوھان تي ظلم نہ ٿا ڪن؟ ڇا اھي اوھان کي ڪورٽ ۾ گھلي وٺي نہ ٿا وڃن؟


اوھين ڪنھن شيءِ جي خواھش تہ ڪريو ٿا، پر مليوَ ڪجھہ بہ ڪونہ ٿو. اوھين خون ٿا ڪريو، لالچ ٿا ڪريو، پر حاصل ڪجھہ بہ نہ ٿا ڪري سگھو. اوھين جھيڙا ۽ جنگيون ٿا ڪريو، پر اوھان کي ڪجھہ بہ ھٿ نہ ٿو اچي، ڇالاءِ⁠جو اوھين خدا کان ڪونہ ٿا گھرو.


جيئن لکيل آھي تہ ”جيڪڏھن سچار کي ئي وڏي مشڪل سان ڇوٽڪارو ملندو، تہ پوءِ بدڪارن ۽ گنھگارن جو ڪھڙو حال ٿيندو؟“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ