Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يعقوب 5:3 - Common Language New Testament

3 اوھان جي سون ۽ چانديءَ تي ڪٽ چڙھي ويئي. اھا ڪٽ اوھان تي شاھدي ڏيندي ۽ باھہ وانگر اوھان جو ماس کائيندي. اوھان پوين ڏينھن ۾ دولت ميڙي آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 اوهان جي سون ۽ چانديءَ تي ڪٽ چڙهي ويئي آهي، ۽ اُها ڪٽ اوهان تي شاهدي ڏيندي، ۽ باهہ وانگر اوهان جو ماس کائيندي. اوهان پوين ڏينهن لاءِ خزانو گڏ ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

3 اوهان جي سون ۽ چانديءَ تي ڪٽ چڙهي ويئي. اها ڪٽ اوهان تي شاهدي ڏيندي ۽ باهہ وانگر اوهان جو ماس کائيندي. اوهان هن انتم زماني ۾ دولت جا ڍير لڳائي ڇڏيا آهن، جڏهن تہ اهو زمانو ختم ٿيڻ وارو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 اوهان جي سون ۽ چانديءَ تي ڪٽ چڙهي ويئي. اها ڪٽ اوهان تي شاهدي ڏيندي ۽ باهہ وانگر اوهان جو ماس کائيندي. اوهان هن آخري زماني ۾ دولت جا ڍير لڳائي ڇڏيا آهن، جڏهن تہ اهو زمانو ختم ٿيڻ وارو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يعقوب 5:3
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خدا فرمائي ٿو تہ ’پوين ڏينھن ۾ ھيئن ٿيندو جو آءٌ پنھنجو روح سڀني ماڻھن تي نازل ڪندس. اوھان جا پٽ ۽ ڌيئرون اڳڪٿيون ڪنديون، اوھان جا جوان رويا ڏسندا ۽ اوھان جا پوڙھا خواب ڏسندا.


پر تون جو سخت⁠دل ٿيو آھين ۽ توبھہ نہ ٿو ڪرين، سو تون تہ خدا جي انھيءَ قھر واري ڏينھن واسطي پاڻ پنھنجي لاءِ غضب ميڙي گڏ پيو ڪرين، جنھن ڏينھن خدا جو پورو پورو انصاف ظاھر ٿيندو.


انھن جي تعليم ناسور وانگر پکڙبي رھندي. ھمنيوس ۽ فليتس انھن ماڻھن مان آھن.


سڀ کان پھريائين اوھان کي اھو ڄاڻڻ گھرجي تہ آخري ڏينھن ۾ اھڙا ٺٺوليون ڪندڙ ايندا، جيڪي پنھنجين برين خواھشن موجب ھلندا.


جيڪو حيوان ۽ سندس ڏھہ سڱ تو ڏٺا، سي انھيءَ ڪسبياڻيءَ کان نفرت ڪندا ۽ کيس برباد ۽ اگھاڙو ڪري ڇڏيندا، سندس گوشت کائي ويندا ۽ کيس باھہ ۾ ساڙي ڇڏيندا.


جنھن جو بہ نالو زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ ڏٺو ويو، تنھن کي انھيءَ باھہ جي ڍنڍ ۾ اڇلايو ويو.


پر جيڪي ڊڄڻا، بي⁠ايمان، ناپاڪ، قاتل، زناڪار، جادوگر، بت⁠پرست ۽ ڪوڙا آھن، تن سڀني جي جاءِ انھيءَ ڍنڍ ۾ ٿيندي، جيڪا باھہ ۽ گندرف سان پيئي ٻري. اھو ئي ٻيو موت آھي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ