Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يعقوب 4:4 - Common Language New Testament

4 اي بي⁠وفا انسانو! ڇا اوھين نہ ٿا ڄاڻو تہ دنيا جي دوستي خدا سان دشمني آھي؟ تنھنڪري جيڪو ماڻھو دنيا جو دوست ٿيڻ ٿو گھري، سو پاڻ کي خدا جو دشمن ٿو بڻائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 اي زناڪار انسان، اوهان کي خبر ناهي ڇا تہ دنيا جي دوستي خدا سان دشمني آهي؟ تنهنڪري جيڪو دنيا جو دوست ٿيڻ ٿو گهُري، سو پاڻ کي خدا جو دشمن ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

4 اي بي‌وفا انسانؤ! ڇا اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ سنسار جي دوستي ايشور سان دشمني آهي؟ تنهنڪري جيڪو ماڻهو سنسار جو دوست ٿيڻ ٿو گھري، سو پاڻ کي ايشور جو دشمن ٿو بڻائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 اي بي‌وفا انسانؤ! ڇا اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ دنيا جي دوستي خدا سان دشمني آهي؟ تنهنڪري جيڪو ماڻهو دنيا جو دوست ٿيڻ ٿو گھري، سو پاڻ کي خدا جو دشمن ٿو بڻائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يعقوب 4:4
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنھن تي عيسيٰ وراڻين تہ ”ھن زماني جا ماڻھو ڪيڏا نہ بڇڙا ۽ بي⁠ايمان آھن جو مون کان معجزو ٿا گھرن. پر انھن کي يونس نبيءَ جي معجزي کان سواءِ ٻيو ڪوبہ معجزو نہ ڏيکاريو ويندو.


ھن زماني جا ماڻھو ڪيترا نہ بڇڙا ۽ بي⁠ايمان آھن جو مون کان معجزو ٿا گھرن. پر انھن کي يونس جي معجزي کان سواءِ ٻيو ڪوبہ معجزو نہ ڏيکاريو ويندو.“ پوءِ ھو انھن کي ڇڏي روانو ٿي ويو.


”ڪوبہ ماڻھو ٻن مالڪن جو نوڪر ٿي نہ ٿو سگھي. ھو ھڪڙي کان نفرت تہ ٻئي سان محبت ڪندو يا ھڪڙي سان وفا تہ ٻئي سان دغا ڪندو، سو اوھين خدا ۽ دولت ٻنھي جي گڏ خدمت ڪري نہ ٿا سگھو.


ٻيو تہ منھنجا اھي دشمن جن جي مرضي نہ ھئي تہ آءٌ مٿن بادشاھي ڪريان، تن کي ھتي وٺي اچو تہ کين منھنجي اڳيان قتل ڪيو وڃي.‘“


جيڪڏھن اوھين دنيا جا ھجو ھا تہ جيڪر دنيا اوھان سان پنھنجن جھڙو پيار ڪري ھا. پر جيئن تہ اوھين دنيا جا نہ آھيو مگر مون اوھان کي دنيا مان چونڊي ڪڍيو آھي، تنھنڪري دنيا اوھان کان نفرت ڪري ٿي.


مون انھن کي تنھنجو ڪلام ڏنو آھي پر دنيا انھن کان نفرت ڪري ٿي، ڇالاءِ⁠جو اھي دنيا جا نہ آھن جيئن آءٌ دنيا جو نہ آھيان.


دنيا اوھان کان نفرت ڪري نہ ٿي سگھي پر اھا مون کان نفرت ڪري ٿي، ڇالاءِ⁠جو آءٌ کيس ٻڌائيندو رھيو آھيان تہ سندس ڪم بڇڙا آھن.


اڳي خدا جا دشمن ھئاسين، پر سندس فرزند جي موت جي وسيلي اسان جو ھن سان ميلاپ ٿي ويو. ھاڻي جڏھن اسين خدا جا دوست آھيون، تڏھن اسين ڪيترو نہ وڌيڪ مسيح جي حياتيءَ جي وسيلي بچي وينداسين.


انساني نيت خدا جو دشمن بڻائي ٿي، ڇالاءِ⁠جو اھا نيت نہ شريعت جي تابع آھي ۽ نڪي تابع ٿي سگھي ٿي.


ڪٿي آھن ڏاھا؟ ڪٿي آھن شريعت جا عالم؟ ڪٿي آھن ھن زماني جا بحث ڪندڙ؟ ڇا خدا نہ ڏيکاريو آھي تہ جھان جي ڏاھپ بي⁠وقوفي آھي؟


ڇالاءِ⁠جو خدا پنھنجي ڏاھپ سان ماڻھن لاءِ اھو ناممڪن بڻائي ڇڏيو تہ ھو پنھنجي ذاتي ڏاھپ سان کيس سڃاڻين. تنھنڪري خدا جي مرضي ٿي تہ ھو انھن کي بچائي جيڪي اسان جي پيغام تي ايمان آڻين، جيتوڻيڪ اھو پيغام دنيا جي نظر ۾ بي⁠وقوفي آھي.


ڇا آءٌ ائين چئي ماڻھن کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھيان يا خدا کي؟ ڇا آءٌ ماڻھن کي خوش ڪرڻ ٿو گھران؟ جيڪڏھن ھن مھل تائين ماڻھن کي خوش ڪندو رھان ھا تہ جيڪر مسيح جو ٻانھو نہ ھجان ھا.


اسان جي پيءُ خدا جي نظر ۾ خالص ۽ بي⁠عيب دينداري اھا آھي تہ يتيمن ۽ رنن⁠زالن جي سندن مصيبت جي وقت سنڀال ڪجي ۽ پاڻ کي دنيا جي داغن کان بہ بچائي رکجي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ