Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يعقوب 4:3 - Common Language New Testament

3 جڏھن اوھين گھرو ٿا تڏھن بہ ڪونہ ٿو مليوَ، ڇوتہ اوھين بري نيت سان ٿا گھرو، انھيءَ لاءِ تہ پنھنجي عيش عشرت ۾ خرچ ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 اوهين گهُرو ٿا پر حاصل نٿا ڪريو، جو اوهين بريءَ نيت سان ٿا گهُرو، انهي لاءِ تہ پنهنجي عيش عشرت ۾ خرچ ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

3 پر جڏهن اوهين کانئس گھرو بہ ٿا تڏهن بہ ڪونہ ٿو مليوَ، ڇو تہ اوهين بري نيت سان ٿا گھرو، تہ جيئن پنهنجي عيش عشرت ۾ خرچ ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 پر جڏهن اوهين کانئس گھرو بہ ٿا تڏهن بہ ڪونہ ٿو مليوَ، ڇو تہ اوهين بري نيت سان ٿا گھرو، تہ جيئن پنهنجي عيش عشرت ۾ خرچ ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يعقوب 4:3
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

عيسيٰ انھن کي وراڻيو تہ ”اوھين نہ ٿا ڄاڻو تہ ڇا گھري رھيا آھيو. ڇا اوھين اھو پيالو پي سگھندا جيڪو آءٌ پيئڻ وارو آھيان؟“ انھن وراڻيو تہ ”ھائو، ائين ڪري سگھون ٿا.“


عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”اوھين نہ ٿا ڄاڻو تہ اوھين ڇا گھُري رھيا آھيو. ڇا اوھين اُھو پيالو پي سگھندا جيڪو مون کي پيئڻو آھي؟ ڇا اوھين اھڙي بپتسما وٺي سگھندا جھڙي نموني مون کي وٺڻي آھي؟“


ڇالاءِ⁠جو جيڪو گھرندو آھي تنھن کي ملندو آھي، جيڪو ڳوليندو آھي تنھن کي لڀندو آھي ۽ جيڪو در کڙڪائيندو آھي تنھن لاءِ کلندو آھي.


اڃا ڪي ڏينھن ئي مس گذريا تہ ننڍو پٽ پنھنجو سڀ ڪجھہ ميڙي چونڊي ڪنھن ڏورانھين ملڪ جي سير تي نڪتو. اتي عيش عشرت ۾ پنھنجي سموري ملڪيت اڏائي ڇڏيائين.


پر اوھان جو ھي پٽ، جنھن رنڊين ۾ اوھان جي ملڪيت اڏائي ڇڏي، سو ھاڻي آيو آھي تہ ھن لاءِ ٿلھو متارو وھڙو ڪٺو اٿوَ.‘


اوھان ۾ جنگيون ۽ جھيڙا ڪٿان ٿا اچن؟ ڇا انھن عيش عشرت وارين خواھشن مان نہ ٿا نڪرن، جيڪي اوھان جي عضون ۾ فساد پيدا ٿيون ڪن؟


جو ڪجھہ بہ اسين کانئس گھرون ٿا، سو اسان کي وٽانئس ملي ٿو، ڇالاءِ⁠جو اسين سندس حڪمن تي عمل ڪريون ٿا ۽ اھي ڪم ڪريون ٿا، جيڪي ھن کي پسند آھن.


اسان کي خدا جي حضور ۾ پورو پورو ڀروسو آھي تہ جيڪڏھن اسين سندس مرضيءَ موجب ڪا شيءِ گھرنداسين تہ ھو اسان جي ٻڌندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ