Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يعقوب 4:2 - Common Language New Testament

2 اوھين ڪنھن شيءِ جي خواھش تہ ڪريو ٿا، پر مليوَ ڪجھہ بہ ڪونہ ٿو. اوھين خون ٿا ڪريو، لالچ ٿا ڪريو، پر حاصل ڪجھہ بہ نہ ٿا ڪري سگھو. اوھين جھيڙا ۽ جنگيون ٿا ڪريو، پر اوھان کي ڪجھہ بہ ھٿ نہ ٿو اچي، ڇالاءِ⁠جو اوھين خدا کان ڪونہ ٿا گھرو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 اوهين خواهش ڪريو ٿا؛ پر حاصل ڪجهہ بہ نٿا ڪريو؛ تنهنڪري اوهين خون ۽ لالچ ٿا ڪريو پر حاصل ڪجهہ بہ نٿا ڪريو؛ پوءِ جهيڙا جنگيون ٿا ڪريو. اوهان کي هن ڪري نٿو ملي جو گهُرو نٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

2 اوهين ڪنهن شيءِ جي خواهش تہ ڪريو ٿا، پر نہ ملڻ جي صورت ۾ اوهين انهيءَ لاءِ خون ٿا ڪريو. اوهين لالچ تہ ڪريو ٿا، پر پوري نہ ٿيڻ جي صورت ۾ اوهين جھيڙا جھڳڙا ٿا ڪريو. اوهان کي انهيءَ ڪري ڪجھہ بہ هٿ نہ ٿو اچي جو اوهين ايشور کان ڪونہ ٿا گھرو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 اوهين ڪنهن شيءِ جي خواهش تہ ڪريو ٿا، پر نہ ملڻ جي صورت ۾ اوهين انهيءَ لاءِ خون ٿا ڪريو. اوهين لالچ تہ ڪريو ٿا، پر پوري نہ ٿيڻ جي صورت ۾ اوهين جھيڙا جھڳڙا ٿا ڪريو. اوهان کي انهيءَ ڪري ڪجھہ بہ هٿ نہ ٿو اچي جو اوهين خدا کان ڪونہ ٿا گھرو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يعقوب 4:2
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ھن وقت تائين اوھان منھنجي نالي تي ڪجھہ ⁠بہ ڪين گھريو آھي، سو گھرو تہ مليوَ، تہ جيئن اوھان جي خوشي پوري ٿئي.“


عيسيٰ کيس وراڻيو تہ ”جيڪڏھن تو کي خدا جي بخشش جي خبر ھجي ھا ۽ ڄاڻين ھا تہ تو کان پاڻي گھرڻ وارو ڪير آھي، تہ تون جيڪر ھن کان گھرين ھا ۽ ھو تو کي زندگيءَ جو پاڻي ڏئي ھا.“


جيڪڏھن اوھان مان ڪنھن ۾ دانائيءَ جي ڪمي آھي تہ اھو خدا کان گھري. ھو کيس ڏيندو، ڇالاءِ⁠جو خدا سڀني کي بي⁠انداز ٿو ڏئي ۽ طعنا نہ ٿو ھڻي.


اوھان سچار کي ڏوھي ٺھرايو آھي ۽ قتل ڪيو آھي. پر سچار اوھان جي مخالفت نہ ٿو ڪري.


جيڪوبہ پنھنجي ڀاءُ ڀيڻ سان دشمني ٿو رکي سو خوني آھي ۽ اوھان کي خبر آھي تہ ڪنھن بہ خونيءَ کي دائمي زندگي حاصل نہ آھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ