Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يعقوب 3:6 - Common Language New Testament

6 زبان حقيقت ۾ ھڪ باھہ آھي. اھا اسان جي عضون منجھہ بڇڙائيءَ جو ھڪ جھان آھي. زبان اسان جي سڄي بدن کي خراب ٿي ڪري ۽ اسان جي زندگيءَ جي ساري چرخي کي باھہ ٿي لڳائي، ڇالاءِ⁠جو کيس ئي دوزخ کان باھہ ٿي لڳي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 ۽ زبان بہ هڪڙي باهہ آهي: اسانجن عضون ۾ شرارت جو عالم اها زبان آهي، جا ساري بدن کي ڪِنو ٿي ڪري، ۽ دنيا جي چرخي کي باهہ ٿي لڳائي ۽ دوزخ جي باهہ سان پيئي سڙي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

6 زبان بہ هڪ چڻنگ وانگر آهي. اها زبان اسان جي عضون منجھہ ائين بڇڙائيءَ سان ڀريل آهي جيئن سنسار بڇڙائيءَ سان ڀريل آهي. اها ئي زبان اسان جي سڄي شرير کي خراب ٿي ڪري ۽ اسان جي جيون جي سڄي چرخي کي باهہ ٿي لڳائي. اها باهہ ان کي نرڳ جي باهہ مان ملي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 زبان بہ هڪ چڻنگ وانگر آهي. اها زبان اسان جي عضون منجھہ ائين بڇڙائيءَ سان ڀريل آهي جيئن دنيا بڇڙائيءَ سان ڀريل آهي. اها ئي زبان اسان جي سڄي بدن کي خراب ٿي ڪري ۽ اسان جي زندگيءَ جي سڄي چرخي کي باهہ ٿي لڳائي. اها باهہ ان کي دوزخ جي باهہ مان ملي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يعقوب 3:6
62 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏھن فريسين کي اھا خبر پيئي تہ چوڻ لڳا تہ ”ھو ڀوتن جي سردار بعل⁠زبول جي مدد سان ڀوت ڪڍي ٿو.“


پر ھاڻي آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ جيڪو پنھنجي ڀاءُ ڀيڻ سان ڪاوڙيل رھي ٿو سو بہ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو. جيڪو ڪنھن ٻئي کي ’اي چريا!‘ ڪري سڏي ٿو، سو وڏيءَ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو ۽ جيڪو ڪنھن کي چوندو تہ ’اي ڀوڪ!‘ سو جھنم جي باھہ ۾ پوڻ جوڳو ٿيندو.


ڪابہ شيءِ ٻاھران ماڻھوءَ ۾ گھڙي کيس پليت ڪري نہ ٿي سگھي، پر جيڪي شيون ماڻھوءَ جي اندر مان ٻاھر نڪرن ٿيون سي کيس پليت ٿيون ڪن.“


تڏھن ھن رڙ ڪري چيو تہ ’اي بابا ابراھيم! مون تي رحم ڪريو ۽ لعزر کي موڪليو تہ آڱر جي چوٽي پاڻيءَ ۾ ٻوڙي منھنجي ڄڀ کي ٺاري، ڇالاءِ⁠جو آءٌ ھن باھہ جي سخت عذاب ۾ آھيان.‘


خود اوھان منجھان ئي ڪي اھڙا ماڻھو نڪرندا جيڪي ايمان وارن کي برغلائڻ لاءِ ابتيون سبتيون ڳالھيون ٻڌائيندا.


تنھن تي پطرس چيس تہ ”اي حنانياہ! ڇو شيطان تنھنجي دل ۾ اھڙو خيال وڌو، جو تو پاڪ روح سان ڪوڙ ڳالھايو ۽ ٻنيءَ جي پيسن مان ڪجھہ پاڻ وٽ رکي ڇڏيئِہ؟


پوءِ اھي ڪن اھڙن ماڻھن کي اندر وٺي آيا، جيڪي ھن جي مٿان ڪوڙي شاھدي ڏين. انھن ماڻھن چيو تہ ”ھي ماڻھو ھميشہ اسان جي پاڪ ھيڪل ۽ موسيٰ جي شريعت جي خلاف ڳالھائيندو آھي.


انھن جو وات بند ڪرڻ گھرجي، ڇالاءِ⁠جو اھڙا ماڻھو ناجائز نفعي جي خاطر نامناسب ڳالھيون سيکاري گھرن جا گھر ڦٽائي ٿا ڇڏين.


ڇا ھو اھي ئي نہ آھن، جيڪي انھيءَ عزت واري نالي بابت ڪفر ٿا بڪن، جنھن سان اوھين سڏيا ٿا وڃو.


اھا حقيقت آھي تہ ھر قسم جا جانور، پکي، جيت ۽ سامونڊي ساھوارا وس ۾ آڻي سگھجن ٿا، بلڪ ماڻھن انھن کي وس ۾ آندو بہ آھي.


سڀ کان پھريائين اوھان کي اھو ڄاڻڻ گھرجي تہ آخري ڏينھن ۾ اھڙا ٺٺوليون ڪندڙ ايندا، جيڪي پنھنجين برين خواھشن موجب ھلندا.


سو جيڪڏھن آءٌ آيس تہ جيڪي ڪم دياترفيس ڪري ٿو، تن کي اچي ظاھر ڪندس تہ ھو ڪيئن اسان جي خلاف بڪواس ڪري ٿو. ھو ايتري تي بہ راضي نہ ٿو ٿئي، بلڪ پاڻ تہ ايمان وارن کي قبول نہ ٿو ڪري، پر جيڪي قبول ڪرڻ گھرن ٿا تن کي بہ منع ڪري ٿو ۽ کين ڪليسيا مان ڪڍي ڇڏي ٿو.


اھو وڏو ازدھا يعني قديم نانگ، جيڪو ابليس ۽ شيطان بہ سڏبو آھي ۽ جيڪو ساري جھان کي گمراھہ ٿو ڪري، سو زمين تي اڇلايو ويو ۽ سندس ملائڪ بہ ساڻس گڏ ھيٺ اڇلايا ويا.


اُن حيوان کي اھو اختيار ڏنو ويو تہ پھرين حيوان جي روبرو معجزا ڏيکاري. انھن معجزن جي ڪري زمين جا رھاڪو گمراھہ ٿي رھيا ھئا. ھُن انھن کي چيو تہ انھيءَ حيوان جو بت بڻايو جنھن کي تلوار سان سخت زخمي ڪيو ويو ھو، پر پوءِ اھو جيئرو ٿي پيو.


تو ۾ وري ڪڏھن ڏيئي جو بہ سوجھرو ڪونہ ٿيندو، ۽ نہ وري ڪڏھن تو ۾ گھوٽ ڪنوار جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو. تنھنجا سوداگر دنيا جا امير ھئا ۽ سڀ قومون تنھنجي جادوگريءَ سا ٺڳجي ويون ھيون.


انھيءَ پھرين حيوان ۽ ساڻس گڏ ڪوڙو پيغام ڏيندڙ انھيءَ ٻئي حيوان کي بہ پڪڙيو ويو، جنھن حيوان جي سامھون معجزا ڏيکاريا ھئا. انھن معجزن سان ھن حيوان جو نشان ھڻائڻ وارن ۽ سندس بت جي پوڄا ڪرڻ وارن کي گمراھہ ڪيو ھو. اُھي ٻئي گندرف سان ٻرندڙ باھہ جي ڍنڍ ۾ جيئرا اڇلايا ويا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ