Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يعقوب 3:2 - Common Language New Testament

2 اسين سڀيئي گھڻين ئي ڳالھين ۾ ٿاٻڙجي خطا ٿا ڪريون. پر جيڪڏھن ڪو ماڻھو ڳالھائڻ ۾ ڪڏھن بہ خطا نہ ٿو ڪري تہ اھو ڪامل آھي ۽ پنھنجي سڄي بدن کي ضابطي ۾ رکي ٿو سگھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 ڇالاءِ جو اسين سڀيئي گهڻين ڳالهين ۾ خطا پيا ڪريون. پر ڪامل انسان اُهو آهي، جيڪو ڳالهائڻ ۾ خطا نٿو ڪري، جيڪو سڄي بدن کي پنهنجي قبضي ۾ رکي ٿو سگهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

2 انهيءَ جو سبب هي آهي تہ اسين انسان گھڻين ئي ڳالهين ۾ ٿاٻڙجي خطا ٿا ڪريون. پر جيڪو ماڻهو ڳالهائڻ ۾ ڪڏهن بہ خطا نہ ٿو ڪري سو ڪامل آهي ۽ پنهنجي سڄي شرير کي ضابطي ۾ رکي ٿو سگھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 انهيءَ جو سبب هي آهي تہ اسين انسان گھڻين ئي ڳالهين ۾ ٿاٻڙجي خطا ٿا ڪريون. پر جيڪو ماڻهو ڳالهائڻ ۾ ڪڏهن بہ خطا نہ ٿو ڪري سو ڪامل آهي ۽ پنهنجي سڄي بدن کي ضابطي ۾ رکي ٿو سگھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يعقوب 3:2
29 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي نانگ جا ٻچؤ! اوھين ڪيئن چڱيون ڳالھيون چئي سگھو ٿا، جڏھن تہ اوھين پاڻ بڇڙا آھيو. ڇالاءِ⁠جو دل ديڳڙو زبان ڏوئي، جو اندر ٻاھر ڪڍي سو ئي.


ڇالاءِ⁠جو اوھان جا لفظ ئي اوھان کي ڏوھي يا بي⁠ڏوھي ٺھرائيندا.“


جيئن لکيل آھي تہ ”ڪوبہ سچار نہ آھي، ھڪڙو بہ نہ.


تنھنڪري مون کي ھڪ اصول نظر ٿو اچي تہ جڏھن آءٌ چڱا ڪم ڪرڻ گھران ٿو تہ انھن جي بجاءِ بڇڙا ڪم ٿيو پون.


بلڪ آءٌ پنھنجي بدن کي ماري ڪُٽي کيس پوري ضابطي ۾ ٿو رکان. ائين نہ ٿئي جو ٻين کي تبليغ ڪندي آءٌ پاڻ قبول نہ پوان.


پر پاڪ ڪتاب جي بيان مطابق سڄي دنيا گناھہ جي قيد ۾ آھي، انھيءَ لاءِ تہ جيئن اھا بخشش، جنھن جو واعدو عيسيٰ مسيح تي ايمان آڻڻ جي ڪري ڪيو ويو آھي سا ايمان آڻيندڙن کي ڏني وڃي.


ڇالاءِ⁠جو انساني فطرت پاڪ روح جي برخلاف خواھش ڪري ٿي ۽ پاڪ روح انساني فطرت جي برخلاف. ھي ٻئي ھڪٻئي جا دشمن آھن، انھيءَ ڪري جيڪي اوھين ڪرڻ چاھيو ٿا سو نہ ٿا ڪريو.


اسين ھن جي ئي منادي ٿا ڪريون ۽ پوريءَ ڏاھپ سان ھر ڪنھن کي نصيحت ڪريون ۽ سيکاريون ٿا، تہ جيئن ھرھڪ کي مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري ڪامل بڻائي پيش ڪريون.


اِپفراس جيڪو اوھان مان ھڪڙو آھي ۽ عيسيٰ مسيح جو غلام آھي، سو اوھان کي سلام ٿو چوي. ھو اوھان جي لاءِ ھميشہ گرم⁠جوشيءَ سان دعا ٿو گھري، تہ جيئن اوھين ڪامل ٿي، پوري يقين سان ھرھڪ ڳالھہ ۾ خدا جي مرضيءَ تي قائم رھو.


شل اھو ئي خدا ھر چڱي ڪم ۾ پنھنجي مرضي پوري ڪرڻ لاءِ اوھان کي ڪامل ڪري، شل ھو اسان ۾ عيسيٰ مسيح جي وسيلي اھو ڪجھہ پيدا ڪري، جيڪو کيس پسند آھي. سندس واکاڻ ھميشہ ھميشہ تائين قائم رھي. آمين.


جيڪڏھن ڪو ماڻھو پاڻ کي ديندار ٿو سمجھي ۽ پنھنجي زبان کي لغام نہ ٿو ڏئي تہ اھو پاڻ کي ٺڳي ٿو ۽ سندس دينداري اجائي آھي.


انھيءَ صبر کي پنھنجو ڪم پورو ڪرڻ ڏيو، انھيءَ لاءِ تہ اوھين ڪامل ۽ ڀرپور ٿيو ۽ اوھان ۾ ڪنھن بہ ڳالھہ جي ڪمي نہ رھي.


ڇالاءِ⁠جو جيڪو ساري شريعت تي عمل ڪري ٿو، پر رڳو ھڪڙيءَ ڳالھہ ۾ خطا ٿو ڪري تہ اھو ساري شريعت جي ڀڃڪڙي ڪري ڏوھي ٿيو.


جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آھي تہ ”جيڪوبہ ڀانئين تہ حياتي سکي گذاريان ۽ چڱا ڏينھن ڏسان، سو پنھنجي زبان کي بڇڙائيءَ کان ۽ پنھنجن چپن کي ٺڳيءَ جھڙي ڳالھہ ڪرڻ کان روڪي.


ھاڻي خدا، جيڪو ھر طرح جي فضل جو سرچشمو آھي ۽ جنھن اوھان کي مسيح جا ھئڻ ڪري پنھنجي دائمي عظمت ۾ شريڪ ٿيڻ جي لاءِ سڏيو آھي، سو اوھان جي ٿوري وقت تائين ڏکن سھڻ کان پوءِ پاڻھي اوھان کي ڪامل، قائم، مضبوط ۽ پڪو ڪندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ