Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يعقوب 3:1 - Common Language New Testament

1 اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! اوھان مان گھڻا استاد ٿيڻ جي ڪوشش نہ ڪن، ڇالاءِ⁠جو اوھين ڄاڻو ٿا تہ اسين جيڪي استاد آھيون تن جي عدالت وڌيڪ سختيءَ سان ٿيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 اي منهنجا ڀائرو، اوهان مان گهڻا اُستاد نہ ٿيو، ڇو جو ڄاڻو ٿا تہ اسين جي اُستاد آهيون، تن جي عدالت وڌيڪ سختيءَ سان ٿيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهان مان گھڻا سکيا ڏيندڙ ٿيڻ جي ڪوشش نہ ڪن، ڇاڪاڻ تہ اوهين ڄاڻو ٿا تہ اسين جيڪي سکيا ڏيندڙ آهيون تن جي عدالت وڌيڪ سختيءَ سان ڪئي ويندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهان مان گھڻا تعليم ڏيندڙ ٿيڻ جي ڪوشش نہ ڪن، ڇاڪاڻ تہ اوهين ڄاڻو ٿا تہ اسين جيڪي تعليم ڏيندڙ آهيون تن جي عدالت وڌيڪ سختيءَ سان ڪئي ويندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يعقوب 3:1
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڪوبہ شاگرد پنھنجي استاد کان مٿي نہ آھي ۽ نہ وري ڪو غلام پنھنجي مالڪ کان.


”ڪيتري نہ مصيبت آھي اوھان لاءِ اي شريعت جا عالمو ۽ فريسيو! اي رياڪارو! اوھين آسمان واري بادشاھت جو دروازو ماڻھن لاءِ بند ڪري ٿا ڇڏيو. نہ اوھين پاڻ ان ۾ داخل ٿا ٿيو ۽ نڪي جيڪي اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش ٿا ڪن تن کي ئي اچڻ ڏيو ٿا.


فريسين جڏھن اھا ڳالھہ ڏٺي تہ انھن عيسيٰ جي شاگردن کي چيو تہ ”اوھان جو استاد محصول اڳاڙيندڙن ۽ گنھگارن سان گڏ ڇو ٿو کائي؟“


تنھن تي شاھوڪار منشيءَ کي گھرائي چيو تہ ’تنھنجي باري ۾ آءٌ ھي ڇا پيو ٻڌان؟ پنھنجي منشگيريءَ جو سڄو حساب ڪتاب ڏي، ڇالاءِ⁠جو آءٌ تو کي اڳتي پنھنجو منشي رکي ڪين سگھندس.‘


”ٻين کي ڏوھي نہ ٺھرايو تہ اوھان کي بہ ڏوھي نہ ٺھرايو وڃي. ٻين کي نہ ننديو تہ اوھان کي بہ نہ ننديو وڃي. ٻين کي معاف ڪريو تہ اوھان کي بہ معاف ڪيو وڃي.


عيسيٰ وراڻيس تہ ”تون تہ بني اسرائيل جو وڏو استاد آھين ۽ تو کي ايتري بہ ڄاڻ نہ آھي؟


انتاخيا جي ڪليسيا ۾ نبي ۽ استاد ھوندا ھئا، جھڙوڪ برنباس، شمعون جنھن کي ڪارو سڏيندا ھئا، لوسيس ڪريني، منائين، جيڪو ھيروديس حاڪم جو ننڍپڻ جو دوست ھو ۽ شائول.


خدا ڪليسيا ۾ الڳ الڳ شخص مقرر ڪيا آھن، پھريان رسول، ٻيا نبي، ٽيان استاد، پوءِ معجزا ڪندڙ، پوءِ شفا ڏيندڙ، مددگار، حڪومت ھلائيندڙ ۽ قسمين قسمين ٻوليون ڳالھائيندڙ.


ڇالاءِ⁠جو اسان سڀني کي مسيح جي عدالت اڳيان پيش ٿيڻو آھي، تہ جيئن ھر ڪنھن کي انھن ڪمن جو بدلو ملي، جيڪي ھن جسم ۾ رھي ڪيا آھن، پوءِ اھي چڱا ھجن يا بڇڙا.


ھن ڪن کي رسول، ڪن کي نبي، ڪن کي خوشخبري ڏيندڙ، ڪن کي پاسبان ۽ استاد مقرر ڪري ڏنو.


اھي شريعت جا عالم تہ ٿيڻ چاھين ٿا، پر کين اھا بہ خبر ڪانھي تہ ھو ڇا بابت ٿا ڳالھائين ۽ ڪھڙين ڳالھين جي وڏي يقين سان دعويٰ ٿا ڪن.


انھيءَ مقصد لاءِ ئي آءٌ تبليغ ڪندڙ، رسول ۽ غير قومن کي ايمان ۽ سچائيءَ جي تعليم ڏيندڙ مقرر ٿيس. آءٌ سچ ٿو چوان، ڪوڙ نہ ٿو ڳالھايان.


انھيءَ خوشخبريءَ جو آءٌ منادي ڪندڙ، رسول ۽ استاد مقرر ٿيس.


اوھين پنھنجي اڳواڻن جا فرمانبردار ۽ تابعدار ٿي رھو، ڇالاءِ⁠جو اھي اوھان جي روحاني فائدي لاءِ حساب ڏيندڙن وانگر سجاڳ ٿا رھن. سندن فرمانبرداري ڪريو، تہ جيئن ھو اھو ڪم خوشيءَ سان ڪن ۽ نہ رنج سان، نہ تہ اوھان کي ڪوبہ فائدو ڪونہ ٿيندو.


اي منھنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! دوکو نہ کائو.


اي منھنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! اھا ڳالھہ ياد رکو تہ ھر ھڪ ماڻھو ٻڌڻ ۾ تکو، ڳالھائڻ ۾ ڍرو ۽ ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ٿڌو ٿئي.


سو ساڳئي ئي وات مان دعا بہ ٿي نڪري ۽ پاراتو بہ. اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! ائين ٿيڻ نہ گھرجي.


جيڪي ماڻھو اوھان جي حوالي ڪيا ويا آھن تن تي حڪم نہ ھلايو، بلڪ انھيءَ ڌڻ جي لاءِ پاڻ کي نمونو بڻايو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ