Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يعقوب 2:8 - Common Language New Testament

8 تنھن ھوندي بہ پاڪ ڪلام ۾ لکيل آھي تہ ”پنھنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جھڙو پيار ڪر.“ سو جيڪڏھن اوھين اھا شاھي شريعت پوري ڪريو ٿا، تہ پوءِ چڱو ٿا ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 انهي هوندي بہ جيڪي پاڪ ڪتاب ۾ لکيل آهي، تہ ”تون پنهنجي پاڙيسريءَ کي پاڻ جهڙو پيار ڪر“ تنهن موجب جيڪڏهن اوهين الاهي شريعت پوري ٿا ڪريو تہ چڱو ٿا ڪريو؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

8 پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”تون پنهنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جهڙو پيار ڪر.“ سو جيڪڏهن اوهين ايشور جي انهيءَ راجائي حڪم تي عمل ڪندي پنهنجي هم‌وشواسي ڀاءُ ڀيڻ سان پيار ڪريو ٿا، تہ پوءِ چڱو ٿا ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”تون پنهنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جهڙو پيار ڪر.“ سو جيڪڏهن اوهين خدا جي انهيءَ شاهي حڪم تي عمل ڪندي پنهنجي هم‌ايمان ڀاءُ ڀيڻ سان پيار ڪريو ٿا، تہ پوءِ چڱو ٿا ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يعقوب 2:8
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ٻيو حڪم بہ انھيءَ جھڙو آھي تہ ’تون پنھنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جھڙو پيار ڪر.‘


تنھن تي ھن جي مالڪ چيو تہ ’شاباس، نيڪ ۽ ايماندار نوڪر! تون ٿوري ۾ ايماندار رھيو آھين، تنھنڪري آءٌ گھڻو ڪجھہ تنھنجي حوالي ڪندس. اچ ۽ اچي منھنجي خوشين ۾ شريڪ ٿيءُ.‘


تنھن تي سندس مالڪ چيس تہ ’شاباس، نيڪ ۽ ايماندار نوڪر! تون ٿوري ۾ ايماندار رھيو آھين، تنھنڪري آءٌ گھڻو ڪجھہ تنھنجي حوالي ڪندس. اچ ۽ اچي منھنجي خوشين ۾ شريڪ ٿيءُ.‘


جھڙيءَ طرح اوھين چاھيو ٿا تہ ماڻھو اوھان سان سلوڪ ڪن تھڙيءَ طرح اوھين بہ ٻين سان اھڙو ئي سلوڪ ڪريو. اھو ئي موسيٰ جي شريعت ۽ نبين جي تعليم جو نچوڙ آھي.“


جيڪو پنھنجي پاڙيسريءَ سان پيار ڪري ٿو سو ان سان بڇڙائي نہ ٿو ڪري. تنھنڪري پيار ڪرڻ ئي پوري شريعت تي عمل ڪرڻ آھي.


ڇالاءِ⁠جو سڄي شريعت ھن ھڪڙيءَ ئي ڳالھہ ۾ پوري ٿئي ٿي تہ ”تون پنھنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جھڙو پيار ڪر.“


اوھين ھڪٻئي جا بار کڻو، اھڙيءَ طرح مسيح جي شريعت کي پورو ڪريو.


تنھن ھوندي بہ اوھان چڱو ڪيو جو منھنجي تڪليفن ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيا.


ھاڻي ڀائرن واري محبت بابت اوھان ڏانھن ڪجھہ لکڻ جي ضرورت ڪانھي، ڇالاءِ⁠جو ھڪ ٻئي سان محبت ڪرڻ جي تعليم اوھان پاڻ خدا کان حاصل ڪئي آھي.


پر جيڪو ماڻھو آزادي ڏيندڙ ڪامل شريعت کي غور سان ڏسندو ٿو رھي، سو ٻُڌي ڪري وسارڻ وارو ناھي، بلڪ عمل ڪرڻ وارو آھي ۽ اھو ئي پنھنجن ڪمن ۾ برڪت وارو ٿيندو.


اوھان جو ڳالھائڻ ٻولھائڻ ۽ ھلت چلت انھن ماڻھن وانگر ھجي، جن جو آزادي ڏيندڙ شريعت جي وسيلي انصاف ٿيڻو آھي.


تون ايمان ٿو آڻين تہ خدا ھڪڙو آھي، ٺيڪ آھي. اھا ڳالھہ تہ بدروح بہ مڃين ٿا ۽ اھي ڏڪن بہ ٿا.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! ھڪ ٻئي جي عيب⁠جوئي نہ ڪريو. جيڪو پنھنجي ڀاءُ جي خلاف ٿو ڳالھائي، يا مٿس ڪا تھمت ٿو ھڻي، سو شريعت جي خلاف ٿو ڳالھائي ۽ ان تي تھمت ٿو ھڻي. ھاڻي جڏھن تون شريعت تي تھمت ٿو ھڻين تڏھن تون شريعت تي عمل ڪرڻ وارو نہ، بلڪ انھيءَ مٿان عدالت ڪرڻ وارو بڻجي ويٺو آھين.


پر اوھين ھڪڙو چونڊيل نسل، شاھي ڪاھنن جي جماعت، پاڪ قوم ۽ خدا جا اھڙا چونڊيل ماڻھو آھيو، جيڪي سندس خاص ملڪيت آھن. اوھين انھيءَ لاءِ چونڊيا ويا آھيو تہ خدا جون خوبيون ظاھر ڪريو، جنھن اوھان کي اونداھيءَ مان ڪڍي پنھنجي عجيب روشنيءَ ڏانھن سڏيو آھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ