Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يعقوب 2:6 - Common Language New Testament

6 پر اوھان غريبن کي بي⁠عزت ڪيو آھي. مگر ڇا دولتمند اوھان تي ظلم نہ ٿا ڪن؟ ڇا اھي اوھان کي ڪورٽ ۾ گھلي وٺي نہ ٿا وڃن؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 پر اوهان انهي غريب ماڻهوءَ کي بي آبرو ڪيو آهي. دولتمند اوهان تي ظلم نٿا ڪن ڇا، ۽ اهي اوهان کي گهلي ڪچهريءَ ۾ نٿا وٺي وڃن ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

6 پوءِ ڇو اوهين غريبن جو اپمان ٿا ڪريو؟ اوهان تي ظلم ڪرڻ وارا تہ دولتمند آهن. ڇا اهي اوهان کي ڪورٽ ۾ گهلي وٺي نہ ٿا وڃن؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 پوءِ ڇو اوهين غريبن جي بي‌عزتي ٿا ڪريو؟ اوهان تي ظلم ڪرڻ وارا تہ دولتمند آهن. ڇا اهي اوهان کي ڪورٽ ۾ گهلي وٺي نہ ٿا وڃن؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يعقوب 2:6
38 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

عيسيٰ وراڻيو تہ ”مون ۾ ڀوت ڪونھي، پر آءٌ پنھنجي پيءُ جي عزت ٿو ڪريان ۽ اوھين منھنجي بي⁠عزتي ٿا ڪريو.


پر يھودين شھر جي معزز ماڻھن ۽ عزت وارين خداترس عورتن کي ڀڙڪائي پولس ۽ برنباس کي ڏاڍو ستايو ۽ کين پنھنجي علائقي مان تڙي ڪڍيائون.


جڏھن اھي اتي نہ ملين تڏھن ياسون ۽ ڪن ٻين ڀائرن کي گھلي شھر جي ڪن عملدارن وٽ وٺي آيا ۽ واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ ”جن ماڻھن سڄيءَ دنيا ۾ گڙٻڙ مچائي آھي سي ھتي بہ آيا آھن.


پر جڏھن يونان جي پرڳڻي اخيا جو گورنر گليو ھو، تڏھن يھودين پاڻ ۾ گڏجي پولس تي حملو ڪيو ۽ کيس پڪڙي ڪورٽ ۾ وٺي آيا.


پر شائول ڪليسيا کي تباھہ ڪندو رھيو ۽ گھر گھر ۾ گھڙي ايمان وارن مردن ۽ عورتن کي گھلي جيل ۾ وجھندو رھيو.


ڇا کائڻ پيئڻ لاءِ اوھان کي پنھنجا گھر ڪونہ آھن؟ جن کي ڪابہ شيءِ ڪانہ آھي تن کي شرمندو ڪري ڪليسيا کي ڇو ٿا حقير سمجھو؟ آءٌ اوھان کي ڇا چوان؟ انھيءَ ڪري آءٌ اوھان جي ساراھہ ڪريان ڇا؟ يقيناً آءٌ اوھان جي ساراھہ ڪونہ ٿو ڪريان.


ھاڻي جيڪڏھن اوھين عمدي پوشاڪ واري جو خاص لحاظ ڪري چئو تہ ”تون ھِتي چڱيءَ جاءِ تي اچي ويھہ،“ پر ھن غريب ماڻھوءَ کي چئو تہ ”تون ھُتي بيھہ،“ يا ”ھِتي منھنجي پيرن جي صندليءَ وٽ ويھي رھہ،“


ڏسو، جن مزورن اوھان جي ٻنين ۾ لابارو ڪيو، تن جي مزوري جيڪا اوھان ٺڳي ڪري رکي ڇڏي آھي، سا رڙيون پيئي ڪري. لاباري ڪرڻ وارن جون دانھون قدرت واري خداوند جي ڪنن تائين وڃي پھتيون آھن.


اوھان سچار کي ڏوھي ٺھرايو آھي ۽ قتل ڪيو آھي. پر سچار اوھان جي مخالفت نہ ٿو ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ