Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يعقوب 2:25 - Common Language New Testament

25 ساڳي ئي طرح راحب جيڪا ڪسبياڻي ھئي، تنھن بہ جڏھن قاصدن کي پاڻ وٽ ٽڪايو ۽ کين ٻئي رستي کان روانو ڪري ڇڏيو، تڏھن ڇا ھوءَ پنھنجن عملن جي ڪري سچار نہ بڻي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

25 ساڳيءَ طرح راحب ڪسبياڻي بہ عمل جي ڪري سچار نہ ٺهري ڇا، جو هن قاصدن کي پاڻ وٽ ٽڪايو ۽ ٻئي رستي اُماڻي ڇڏيائينِ؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

25 ساڳيءَ طرح راحب جيڪا وئشيا هئي، تنهن بہ جڏهن بني اسرائيل قوم جي موڪليل جاسوسن کي پاڻ وٽ رهايو ۽ شهر مان نڪرڻ جي ٻئي رستي کان روانو ڪري کين بچايو، تڏهن ڇا ايشور هن کي سندس انهيءَ عمل جي ڪري پاڻ ڏانهن سچار قرار نہ ڏنو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

25 ساڳيءَ طرح راحب جيڪا ڪسبياڻي هئي، تنهن بہ جڏهن بني اسرائيل قوم جي موڪليل جاسوسن کي پاڻ وٽ رهايو ۽ شهر مان نڪرڻ جي ٻئي رستي کان روانو ڪري کين بچايو، تڏهن ڇا خدا هن کي سندس انهيءَ عمل جي ڪري پاڻ ڏانهن سچار قرار نہ ڏنو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يعقوب 2:25
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سلمون کي سندس زال راحب مان بوعز پيدا ٿيو، بوعز کي سندس زال رُوت مان عوبيد پيدا ٿيو ۽ عوبيد مان يشي پيدا ٿيو.


ھاڻي اوھين ٻڌايو تہ ھنن ٻنھي مان ڪنھن پنھنجي پيءُ جي مرضي پوري ڪئي؟“ انھن جواب ڏنو تہ ”وڏي.“ تنھن تي عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو چوان تہ اوھان کان اڳي اھي ڪسبياڻيون ۽ محصول اڳاڙيندڙ خدا جي بادشاھت ۾ داخل ٿيندا.


ياسون انھن کي پاڻ وٽ رھايو آھي. اھي سڀ قيصر جي حڪمن جي خلاف⁠ورزي ٿا ڪن ۽ چون ٿا تہ بادشاھہ ڪو ٻيو آھي، جنھن جو نالو عيسيٰ آھي.“


ايمان جي ڪري ئي راحب ڪسبياڻي نافرمانن سان گڏ ماري نہ ويئي، ڇالاءِ⁠جو ھن جاسوسن کي پاڻ وٽ صحيح سلامت رکيو ھو.


پر ڪو ماڻھو چئي سگھي ٿو تہ ”تو وٽ ايمان آھي ۽ مون وٽ عمل آھي.“ ”چڱو ڀلا، تون عمل کان سواءِ پنھنجو ايمان مون کي ڏيکار ۽ آءٌ پنھنجن عمل سان تو کي پنھنجو ايمان ڏيکاريندس.“


ھاڻي تون سمجھي ٿو سگھين تہ ابراھيم جي ايمان سندس عمل سان گڏجي ڪم ٿي ڪيو ۽ عمل جي ڪري ئي سندس ايمان ڪامل ٿيو.


سو اوھين ڏسو ٿا تہ ماڻھو رڳو ايمان جي ڪري نہ، بلڪ عمل جي ڪري سچار ٿو بڻجي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ