Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يعقوب 2:21 - Common Language New Testament

21 ڇا اسان جو پيءُ ابراھيم عمل جي ڪري سچار نہ بڻايو ويو، جڏھن ھن پنھنجي پٽ اسحاق کي قربان⁠گاھہ تي نذر ٿي ڪيو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

21 جڏهن اسان جي پيءُ ابراهيم، پنهنجي پٽ اسحاق کي قربانگاهہ تي قربان ٿي ڪيو، تڏهن هو عملن جي ڪري سچار نہ ٺهرايو ويو ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

21 ڏسو، ڇا ايشور اسان جي پتا ابرهام کي عمل جي ڪري پاڻ ڏانهن سچار قرار نہ ڏنو، جڏهن هن پنهنجي پٽ اضحاق کي ٻليدان واري جاءِ تي ڀيٽا ٿي ڪيو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 ڏسو، ڇا خدا اسان جي پيءُ ابراهيم کي عمل جي ڪري پاڻ ڏانهن سچار قرار نہ ڏنو، جڏهن هن پنهنجي پٽ اسحاق کي قربان‌گاهہ تي نذر ٿي ڪيو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يعقوب 2:21
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ⁠جو اوھان جا لفظ ئي اوھان کي ڏوھي يا بي⁠ڏوھي ٺھرائيندا.“


ائين نہ سمجھو تہ اوھين ابراھيم جو اولاد آھيو. آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ خدا ھنن پٿرن مان بہ ابراھيم لاءِ اولاد پيدا ڪري سگھي ٿو.


جيڪو قسم ھن اسان جي ڏاڏي ابراھيم سان کنيو ھو


تڏھن ھن رڙ ڪري چيو تہ ’اي بابا ابراھيم! مون تي رحم ڪريو ۽ لعزر کي موڪليو تہ آڱر جي چوٽي پاڻيءَ ۾ ٻوڙي منھنجي ڄڀ کي ٺاري، ڇالاءِ⁠جو آءٌ ھن باھہ جي سخت عذاب ۾ آھيان.‘


پر شاھوڪار چيو تہ ’نہ بابا ابراھيم! جيڪڏھن ڪو مئلن مان انھن وٽ ويندو، تہ اھي توبھہ ڪندا.‘


تنھن تي انھن وراڻيو تہ ”اسان جو پيءُ تہ ابراھيم آھي.“ عيسيٰ چين تہ ”جيڪڏھن اوھين ابراھيم جو اولاد ھجو ھا تہ اوھين بہ انھيءَ جھڙا ڪم ڪريو ھا.


اسان جو پيءُ ابراھيم جيڪو مري ويو تنھن کان بہ تون وڏو آھين ڇا؟ نبي بہ مري ويا تہ تون پاڻ کي ڇا ٿو سمجھين؟“


تنھن تي استيفنس جواب ڏنو تہ ”اي ڀائرو ۽ بزرگو! منھنجي ٻڌو. خداءِ⁠ذوالجلال اسان جي وڏي ابراھيم تي ان وقت ظاھر ٿيو، جڏھن حاران ۾ رھڻ کان اڳ ھو مسوپتاميہ ۾ رھندو ھو.


مطلب تہ شريعت جي حڪمن تي عمل ڪرڻ سان ڪوبہ ماڻھو خدا ڏانھن سچار ٿي نہ ٿو سگھي. شريعت جي وسيلي تہ رڳو کيس گناھن جي خبر پوي ٿي.


اسين پنھنجي ڏاڏي ابراھيم بابت ڇا چئون؟ ھن کي ڇا حاصل ٿيو؟


ھو انھن جو بہ پيءُ آھي جيڪي طھريل آھن، نہ رڳو انھيءَ لاءِ تہ اُھي طھريل آھن، پر انھيءَ لاءِ بہ تہ اُھي ايمان جي اھڙي زندگي گذارين ٿا جھڙي اسان جي پيءُ ابراھيم طھر کان اڳ واريءَ حالت ۾ گذاري.


تنھنڪري اھو واعدو ايمان جي بنياد تي ۽ خدا جي فضل جي نتيجي ۾ ٿيو، تہ جيئن اھو ابراھيم جي سڄي اولاد لاءِ قائم رھي. نہ رڳو انھن لاءِ جن وٽ شريعت آھي، پر انھن لاءِ بہ جيڪي ابراھيم وانگر ايمان آڻين ٿا، ڇالاءِ⁠جو ابراھيم اسان سڀني جو پيءُ آھي.


ايمان جي ڪري ئي پنھنجي آزمائش وقت ابراھيم اسحاق کي نذراني طور قربان ڪيو. اھو ئي ابراھيم جنھن خدا جا واعدا قبول ڪيا ھئا، سو پنھنجي پياري پٽ کي قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو.


پر ڪو ماڻھو چئي سگھي ٿو تہ ”تو وٽ ايمان آھي ۽ مون وٽ عمل آھي.“ ”چڱو ڀلا، تون عمل کان سواءِ پنھنجو ايمان مون کي ڏيکار ۽ آءٌ پنھنجن عمل سان تو کي پنھنجو ايمان ڏيکاريندس.“


سو اوھين ڏسو ٿا تہ ماڻھو رڳو ايمان جي ڪري نہ، بلڪ عمل جي ڪري سچار ٿو بڻجي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ