Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يعقوب 2:20 - Common Language New Testament

20 پر اي بيوقوف ماڻھو! ڇا تون ايترو نہ ٿو سمجھي سگھين تہ عمل کان سواءِ ايمان بيڪار آھي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 پر اي بيهودا ماڻهو، ايترو نٿو ڄاڻين تہ عمل کانسواءِ ايمان نڪمو آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

20 اي مورکؤ! ڇا اوهين ايترو نہ ٿا سمجھي سگھو تہ عمل کان سواءِ وشواس بيڪار آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 اي بي‌وقوفؤ! ڇا اوهين ايترو نہ ٿا سمجھي سگھو تہ عمل کان سواءِ ايمان بيڪار آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يعقوب 2:20
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ⁠جو انھن خدا کي سڃاڻي بہ سندس خدائيءَ جي لائق وڏائي بيان نہ ڪئي ۽ نڪي سندس شڪرگذاري ڪيائون، بلڪ پنھنجن اجاين خيالن ۾ منجھي پيا ۽ سندن بي⁠سمجھہ دلين تي اوندھہ ڇانئجي ويئي.


آخرڪار نتيجو اھو نڪتو جو اسين شريعت تي عمل ڪرڻ سان نہ، پر رڳو ايمان جي وسيلي خدا ڏانھن سچار ٿي سگھون ٿا.


پر اي انسان! تون ڪير ٿيندو آھين جو خدا سان سوال جواب ڪرين؟ ڇا خلقيل شيءِ خلقيندڙ کي چوندي تہ ”تو مون کي اھڙو ڇو خلقيو آھي؟“


ڇالاءِ⁠جو جڏھن اسين عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيل آھيون، تڏھن طھر ڪرائڻ يا نہ ڪرائڻ ڪنھن ڪم جو نہ آھي. پر رڳو ايمان ئي ڪم جو آھي، جيڪو محبت جي وسيلي اثر ٿو ڪري.


جيڪڏھن ڪو ماڻھو پنھنجو پاڻ کي ڪا شيءِ سمجھي ٿو، پر ھو ڪجھہ بہ نہ آھي تہ ھو پنھنجو پاڻ کي ٺڳي ٿو.


خبردار رھجو، متان ڪو ماڻھو انھيءَ اجائي ۽ گمراھہ ڪندڙ فيلسوفيءَ سان اوھان کي شڪار ڪري نہ وٺي، جيڪا ماڻھن جي روايتن ۽ ھن دنيا جي ابتدائي اصولن موجب آھي نہ مسيح موجب.


ڪي ماڻھو انھن ڳالھين کان ڀٽڪي پري ٿي اجائي بحث ۾ وڃي پيا آھن.


ڇالاءِ⁠جو گھڻا ئي ماڻھو نافرمان، اجائي بڪ ڪندڙ ۽ دغاباز آھن، خاص ڪري انھن مان جيڪي طھر ڪرائڻ لاءِ زور ٿا ڀرين.


جيڪڏھن ڪو ماڻھو پاڻ کي ديندار ٿو سمجھي ۽ پنھنجي زبان کي لغام نہ ٿو ڏئي تہ اھو پاڻ کي ٺڳي ٿو ۽ سندس دينداري اجائي آھي.


ساڳيءَ طرح ايمان جيڪڏھن عمل کان سواءِ آھي تہ اھو پنھنجو پاڻ ئي مئل آھي.


تنھنڪري جيئن روح کان سواءِ بدن مئل آھي، تيئن عمل کان سواءِ ايمان بہ مئل آھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ