Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يعقوب 1:6 - Common Language New Testament

6 پر جڏھن ھو گھري تہ مٿس ويساھہ رکي گھري ۽ ڪوبہ شڪ نہ آڻي. ڇالاءِ⁠جو جيڪو شڪ ٿو آڻي سو سمنڊ جي انھيءَ ڇوليءَ وانگر آھي، جيڪا ھوا سان ڌڪجي ۽ اڇلجي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 پر ايمان سان گهُري، ۽ ڪوبہ شڪ نہ آڻي: ڇالاءِ تہ جيڪو شڪ ٿو آڻي سو سمنڊ جي اُنهي لهر وانگر آهي، جا هوا سان ڌڪجي ۽ اُڇلجي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

6 پر جڏهن هو کانئس گھري تہ مٿس وشواس رکي گھري ۽ ڪوبہ شڪ نہ آڻي، ڇاڪاڻ تہ جيڪو شڪ ٿو آڻي سو سمنڊ جي انهيءَ ڇوليءَ وانگر آهي، جيڪا هوا سان ڌِڪجي ۽ اڇلجي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 پر جڏهن هو کانئس گھري تہ مٿس ويساهہ رکي گھري ۽ ڪوبہ شڪ نہ آڻي، ڇاڪاڻ تہ جيڪو شڪ ٿو آڻي سو سمنڊ جي انهيءَ ڇوليءَ وانگر آهي، جيڪا هوا سان ڌِڪجي ۽ اڇلجي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يعقوب 1:6
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ پطرس چيس تہ ”اي خداوند! جيڪڏھن تون آھين تہ مون کي حڪم ڏي تہ آءٌ پاڻيءَ تي ھلي تو وٽ اچان.“


سو اٿ ۽ ھيٺ لھي وڃ. انھن سان گڏ وڃڻ کان نہ گھٻرائجانءِ، ڇوتہ مون ئي انھن کي موڪليو آھي.“


انھيءَ کان پوءِ اڳتي اسين ٻارڙا نہ رھون ۽ ماڻھن جي ٺڳي ۽ مڪاريءَ جي ڪري سندن گمراھہ ڪندڙ منصوبن پٺيان ھر قسم جي تعليم جي جھوٽي سان ڇولين وانگر ھيڏي ھوڏي گھلبا ۽ لڙھندا نہ وتون.


منھنجي مرضي آھي تہ مرد ھر ھنڌ ڪاوڙ ۽ تڪرار کان سواءِ پاڪ ھٿ کڻي دعا گھرن.


اچو تہ جنھن اميد جو اسين اقرار ٿا ڪريون تنھن کي سوگھو جھليون، ڇالاءِ⁠جو جنھن واعدو ڪيو آھي سو سچو آھي.


ايمان کان سواءِ خدا کي پسند اچڻ ناممڪن آھي، ڇالاءِ⁠جو جيڪو خدا وٽ ٿو اچي، تنھن لاءِ اھو ايمان آڻڻ ضروري آھي تہ خدا موجود آھي ۽ جيڪي کيس چاھہ سان ڳولين ٿا تن کي اجر ڏئي ٿو.


جدا جدا قسمن جي عجيب تعليم تي لڳي گمراھہ نہ ٿيو. ڇالاءِ⁠جو اوھان جي لاءِ اھو چڱو آھي تہ دلين کي فضل جي وسيلي پختو رکو، نڪي انھن رسمي کاڌن جي وسيلي، جن مان انھن جي کائڻ وارن کي ڪوبہ فائدو حاصل ڪونہ ٿيو.


اھڙو ماڻھو ائين نہ سمجھي تہ کيس خداوند کان ڪي ڪجھہ ملندو.


اھڙي دعا جيڪا ايمان سان گھري ويندي، سا بيمار کي شفا ڏيندي ۽ خداوند انھيءَ کي اٿاري کڙو ڪندو. جيڪڏھن ھن گناھہ ڪيا ھوندا تہ کيس انھن جي بہ معافي ملندي.


اھي ماڻھو اھڙا چشما آھن، جن جو پاڻي سڪي ويو آھي ۽ اھي اھڙو ڪوھيڙو آھن، جنھن کي طوفان اڏائي ڇڏيو آھي. انھن جي لاءِ گھُگھُہ اونداھي رکي ويئي آھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ