Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يعقوب 1:5 - Common Language New Testament

5 جيڪڏھن اوھان مان ڪنھن ۾ دانائيءَ جي ڪمي آھي تہ اھو خدا کان گھري. ھو کيس ڏيندو، ڇالاءِ⁠جو خدا سڀني کي بي⁠انداز ٿو ڏئي ۽ طعنا نہ ٿو ھڻي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 پر جي اوهان مان ڪنهن ۾ دانائيءَ جي ڪمي آهي، تہ اُهو خدا کان گهُري، جو سڀني کي بي انداز ٿو ڏئي، ۽ طعنا نٿو هڻي؛ ۽ اُها هن کي ڏني ويندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

5 جيڪڏهن اوهان مان ڪنهن ۾ ڏاهپ جي ڪمي آهي تہ اهو ايشور کان گھري. هو کيس ڏيندو، ڇاڪاڻ تہ ايشور بنا ڇينڀڻ جي سڀني کي بي‌انداز ٿو ڏئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 جيڪڏهن اوهان مان ڪنهن ۾ ڏاهپ جي ڪمي آهي تہ اهو خدا کان گھري. هو کيس ڏيندو، ڇاڪاڻ تہ خدا بنا ڇينڀڻ جي سڀني کي بي‌انداز ٿو ڏئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يعقوب 1:5
31 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ عيسيٰ انھن شھرن کي نندڻ لڳو جن ۾ ھن معجزا ڪيا ھئا، ڇاڪاڻ⁠تہ ماڻھن پنھنجن گناھن کان توبھہ نہ ڪئي ھئي.


آخر ۾ عيسيٰ يارھن شاگردن کي ان وقت ڏيکاري ڏني جڏھن ھو گڏجي ماني کائي رھيا ھئا. ھن انھن کي ڇينڀيو، ڇاڪاڻ⁠تہ انھن کي يقين ئي نہ پئي آيو ۽ اھي ايترا تہ بي⁠اعتبار ھئا جو جن ھن کي جيئرو ڏٺو ھو تن تي بہ اعتبار نہ پيا ڪن.


اوھين منھنجي نالي تي جيڪي ⁠بہ گھرندا سو آءٌ ڪندس تہ جيئن پيءُ جو جلوو پٽ جي معرفت ظاھر ٿئي.


جيڪڏھن اوھين مون ۾ رھو ۽ منھنجون ڳالھيون اوھان ۾ رھن تہ پوءِ جيڪي وڻيوَ سو گھرو، اوھان کي اھو ملندو.


عيسيٰ کيس وراڻيو تہ ”جيڪڏھن تو کي خدا جي بخشش جي خبر ھجي ھا ۽ ڄاڻين ھا تہ تو کان پاڻي گھرڻ وارو ڪير آھي، تہ تون جيڪر ھن کان گھرين ھا ۽ ھو تو کي زندگيءَ جو پاڻي ڏئي ھا.“


ھڪڙن جي واسطي مرڻ لاءِ موت جي بوءِ ۽ ٻين جي واسطي جيئڻ لاءِ زندگيءَ جي خوشبوءِ آھيون. ڪير اھا ذميواري کڻڻ جي لائق آھي؟


ھر چڱي بخشش ۽ ھر ڪامل انعام مٿان ٿو اچي، يعني انھيءَ خدا پيءُ وٽان ھيٺ ٿو لھي، جيڪو آسماني روشنين جو پيدا ڪندڙ آھي. ھو ڦرندڙ پاڇن وانگر تبديل نہ ٿو ٿئي.


پر جيڪا ڏاھپ آسمان کان ٿي اچي، سا پھريائين تہ پاڪ آھي، پوءِ صلح پسند، حليم ۽ تابعدار ھئڻ سان گڏ رحم ۽ ھر قسم جي چڱي ڦل سان ڀريل آھي. منجھس نہ طرفداري آھي ۽ نہ دوکو.


تنھنڪري پنھنجا گناھہ ھڪ ٻئي اڳيان باسيو ۽ ھڪ ٻئي لاءِ دعا گھرو تہ جيئن شفا پايو، ڇالاءِ⁠جو سچار ماڻھوءَ جي دعا نھايت اثر واري ٿئي ٿي.


جو ڪجھہ بہ اسين کانئس گھرون ٿا، سو اسان کي وٽانئس ملي ٿو، ڇالاءِ⁠جو اسين سندس حڪمن تي عمل ڪريون ٿا ۽ اھي ڪم ڪريون ٿا، جيڪي ھن کي پسند آھن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ