Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يعقوب 1:27 - Common Language New Testament

27 اسان جي پيءُ خدا جي نظر ۾ خالص ۽ بي⁠عيب دينداري اھا آھي تہ يتيمن ۽ رنن⁠زالن جي سندن مصيبت جي وقت سنڀال ڪجي ۽ پاڻ کي دنيا جي داغن کان بہ بچائي رکجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

27 اسان جي خدا ۽ پيءُ جي حضور ۾ خالص ۽ بي عيب دينداري اها آهي، تہ يتيمن ۽ بيوهہ زالن جي سندن مصيبت جي وقت سنڀال ڪجي ۽ پاڻ کي دنيا کان بي داغ رکجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

27 اسان جي پتا ايشور جي نظر ۾ خالص ۽ بي‌عيب ڌرمچاري اها آهي تہ يتيمن ۽ وڌوائن جي سندن مصيبت جي وقت سار سنڀال ڪجي ۽ پاڻ کي سنسار جي گندگيءَ کان بچائي بي‌داغ رکجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

27 اسان جي پيءُ خدا جي نظر ۾ خالص ۽ بي‌عيب دينداري اها آهي تہ يتيمن ۽ رنن‌زالن جي سندن مصيبت جي وقت سار سنڀال ڪجي ۽ پاڻ کي دنيا جي گندگيءَ کان بچائي بي‌داغ رکجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يعقوب 1:27
36 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪڏھن ڪو ابن⁠آدم جي خلاف ڪجھہ ڳالھائيندو تہ اھو کيس بخش ٿي سگھندو، پر جيڪڏھن ڪو پاڪ روح جي خلاف ڪجھہ ڳالھائيندو تہ اھو کيس نڪي ھن جھان ۾ ۽ نہ وري ايندڙ جھان ۾ بخشيو ويندو.“


سڀاڳا آھن اھي جيڪي دل جا صاف آھن، ڇالاءِ⁠جو اھي خدا کي ڏسندا.


ھو ٻئي خدا جي نظر ۾ نيڪ ھئا ۽ خدا جي سڀني حڪمن ۽ فرضن جي پوريءَ طرح بجاآوري ڪندا ھئا.


ھن جھان جو نمونو اختيار نہ ڪريو، بلڪ خدا جي ڏنل نئين سمجھہ وسيلي بدلجي وڃو. پوءِ اوھين سمجھي سگھندا تہ خدا جي چڱي، پسنديدہ ۽ ڪامل مرضي ڪھڙي آھي.


ڇالاءِ⁠جو شريعت جي ٻڌڻ وارا خدا ڏانھن سچار نہ ٿا بڻجن، پر خدا ڏانھن اھي سچار بڻجن ٿا. جيڪي شريعت تي عمل ڪن ٿا.


مسيح اسان جي گناھن جي لاءِ پنھنجو پاڻ ڏيئي ڇڏيو، تہ جيئن ھو اسان کي ھن ھاڻوڪي خراب زماني مان اسان جي خدا ۽ پيءُ جي مرضيءَ موجب آزاد ڪري.


ھاڻي اھا ڳالھہ صاف ظاھر آھي تہ ڪوبہ ماڻھو شريعت جي ڪري خدا جي نظر ۾ سچار نہ ٿو بڻجي. ڇالاءِ⁠جو لکيل آھي تہ ”جيڪو ايمان جي وسيلي سچار ٿو بڻجي، اھو ئي شخص جيئرو رھندو.“


ڇالاءِ⁠جو جڏھن اسين عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيل آھيون، تڏھن طھر ڪرائڻ يا نہ ڪرائڻ ڪنھن ڪم جو نہ آھي. پر رڳو ايمان ئي ڪم جو آھي، جيڪو محبت جي وسيلي اثر ٿو ڪري.


پر خدا نہ ڪري جو آءٌ ڪنھن ٻيءَ شيءِ تي فخر ڪريان، سواءِ پنھنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي صليب جي. ڇالاءِ⁠جو صليب جي ڪري دنيا منھنجي لاءِ مئل آھي ۽ آءٌ دنيا جي لاءِ.


انھيءَ وقت اوھين دنيا جي دستور موجب ھلندا ھئا ۽ ھوا ۾ اختياري ھلائيندڙ حڪمران، يعني شيطان جا پوئلڳ ھئا. ھيءُ اھو ئي روح آھي، جيڪو ھاڻي انھن ماڻھن تي حڪومت ڪري ٿو جيڪي خدا جا نافرمان آھن.


انھيءَ حڪم جو مقصد اھا محبت پيدا ڪرڻ آھي، جيڪا صاف⁠دليءَ، نيڪ⁠نيتيءَ ۽ سچي ايمان کان پيدا ٿئي ٿي.


پر جيڪڏھن ڪنھن رن⁠زال کي ڌيئر پٽ، يا انھن جا ٻار ھجن تہ اھي سڀ کان پھريائين پنھنجي گھراڻي سان دينداريءَ واري ھلت ڪرڻ ۽ پنھنجي ماءُ⁠پيءُ ۽ وڏن جو حق ادا ڪرڻ سکن، ڇالاءِ⁠جو خدا کي اھو پسند آھي.


اھو اسان کي سيکاري ٿو تہ بدڪاريءَ ۽ دنياوي خواھشن کان انڪار ڪري ھن موجودہ دنيا ۾ پرھيزگاريءَ، سچائيءَ ۽ دينداريءَ سان زندگي گذاريون.


پر جيڪا ڏاھپ آسمان کان ٿي اچي، سا پھريائين تہ پاڪ آھي، پوءِ صلح پسند، حليم ۽ تابعدار ھئڻ سان گڏ رحم ۽ ھر قسم جي چڱي ڦل سان ڀريل آھي. منجھس نہ طرفداري آھي ۽ نہ دوکو.


جنھن زبان سان اسين خداوند ۽ پيءُ جي واکاڻ ٿا ڪريون تنھن سان ئي ماڻھن کي پاراتو ٿا ڏيون، جيڪي خدا جي صورت تي پيدا ٿيل آھن.


اي بي⁠وفا انسانو! ڇا اوھين نہ ٿا ڄاڻو تہ دنيا جي دوستي خدا سان دشمني آھي؟ تنھنڪري جيڪو ماڻھو دنيا جو دوست ٿيڻ ٿو گھري، سو پاڻ کي خدا جو دشمن ٿو بڻائي.


اھڙيءَ طرح ھن اسان سان نھايت وڏا ۽ قيمتي واعدا ڪيا آھن، تہ جيئن انھن جي وسيلي اوھين دنيا جي خرابيءَ کان بچي وڃو، جيڪا برين خواھشن جي ڪري آھي ۽ الاھي ذات ۾ شريڪ ٿي وڃو.


سو جيڪي ماڻھو اسان جي خداوند ۽ ڇوٽڪاري ڏيندڙ عيسيٰ مسيح جي سڃاڻپ جي ڪري دنيا جي بڇڙاين کان بچي ويا آھن، جيڪڏھن اھي وري انھن ۾ ڦاسي پون تہ انھن جي پوئين حالت اڳينءَ کان بہ وڌيڪ خراب ٿيندي.


تنھنڪري اي عزيزو! جڏھن تہ اوھين انھن ڳالھين جو انتظار پيا ڪريو، تڏھن ڪوشش ڪريو تہ خدا اوھان کي صلح جي حالت ۾ بي⁠داغ ۽ بي⁠عيب ڏسي.


اسين ڄاڻون ٿا تہ خدا جنھن کي پنھنجو ٻار بڻايو آھي، سو گناھہ نہ ڪندو آھي، ڇالاءِ⁠جو خدا جو فرزند سندس حفاظت ڪري ٿو ۽ شيطان کيس ھٿ بہ لائي نہ ٿو سگھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ