Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يعقوب 1:25 - Common Language New Testament

25 پر جيڪو ماڻھو آزادي ڏيندڙ ڪامل شريعت کي غور سان ڏسندو ٿو رھي، سو ٻُڌي ڪري وسارڻ وارو ناھي، بلڪ عمل ڪرڻ وارو آھي ۽ اھو ئي پنھنجن ڪمن ۾ برڪت وارو ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

25 پر جيڪو ڪامل شريعت تي، يعني آزادگيءَ جي شريعت تي نظر ٿو ڪري ۽ غور ڪندو ٿو رهي، سو رڳو ٻُڌندڙ ناهي جو وساريو ڇڏي، پر عمل ڪندڙ آهي؛ اهوئي پنهنجي ڪم ۾ برڪت وارو ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

25 پر جيڪو ماڻهو سچ جي انهيءَ سنديش يعني آزادي ڏيندڙ ڪامل نيم کي ڌيان سان ڏسندو ٿو رهي ۽ ٻُڌي ڪري وساري نہ ٿو، بلڪ انهيءَ تي عمل ٿو ڪري سو ئي پنهنجي ڪمن ۾ آسيس وارو ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

25 پر جيڪو ماڻهو سچ جي انهيءَ پيغام يعني آزادي ڏيندڙ ڪامل شريعت کي ڌيان سان ڏسندو ٿو رهي ۽ ٻُڌي ڪري وساري نہ ٿو، بلڪ انهيءَ تي عمل ٿو ڪري سو ئي پنهنجي ڪمن ۾ برڪت وارو ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يعقوب 1:25
41 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنھن تي عيسيٰ چيو تہ ”انھيءَ جي باوجود وڌيڪ سڳورا اُھي آھن، جيڪي خدا جو ڪلام ٻڌن ٿا ۽ ان تي عمل ٿا ڪن.“


ھاڻي اوھين ڪيترا نہ سڀاڳا ٿيندا جيڪڏھن اھي ڳالھيون سمجھي انھن تي عمل ڪندا.“


تنھنڪري جيڪڏھن فرزند اوھان کي آزاد ڪندو تہ اوھين سچ⁠پچ آزاد ٿيندا.


مجلس پوري ٿيڻ کان پوءِ ڪيترائي يھودي ۽ سندن ديندار نوان مريد پولس ۽ برنباس جي پٺيان ھلڻ لڳا ۽ ھنن ساڻن ڳالھائي انھن کي تاڪيد ڪيو تہ ”خدا جي فضل تي قائم رھندا اچو.“


انھن پنھنجو وقت رسولن کان سکڻ، ھڪ ٻئي جي صحبت ۾ رھڻ، گڏجي ماني کائڻ ۽ دعا گھرڻ ۾ گذاريو.


پر اڄ تائين خدا جي مدد مون ساڻ آھي، سو آءٌ پنھنجيءَ ڳالھہ تي قائم آھيان ۽ ھر غريب توڙي امير جي اڳيان ھڪ جھڙي شاھدي ٿو ڏيان. آءٌ رڳو اھي ڳالھيون ٿو ٻڌايان، جن بابت موسيٰ ۽ ٻيا نبي چئي ويا آھن تہ اھي ضرور ٿينديون.


ڏسو، خدا ڪيڏو نہ مھربان ۽ سخت آھي. ھو انھن تي سخت آھي جيڪي گمراھہ ٿيا. پر اوھان تي ايستائين مھربان آھي جيستائين اوھين سندس مھربانيءَ تي قائم رھندا. پر جيڪڏھن اوھين قائم نہ رھندا تہ اوھين بہ ڀڳل ٽارين وانگر ٿيندا.


ڇالاءِ⁠جو شريعت جي ٻڌڻ وارا خدا ڏانھن سچار نہ ٿا بڻجن، پر خدا ڏانھن اھي سچار بڻجن ٿا. جيڪي شريعت تي عمل ڪن ٿا.


جڏھن تہ شريعت پاڻ پاڪ آھي ۽ سندس حڪم بہ پاڪ، سچو ۽ چڱو آھي،


اوھان کي غلاميءَ جو روح نہ مليو آھي جو اوھان کي وري ڊپ ٿئي، پر اوھان کي اھو روح مليو جنھن جي وسيلي اوھين خدا جا ٻار ٿيا آھيو ۽ جنھن سان اسين خدا کي ”بابا“ ڪري ٿا سڏ ڪريون.


ڇالاءِ⁠جو پاڪ روح جو اصول جيڪو اسان کي عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري زندگي ڏئي ٿو، تنھن اسان کي گناھہ ۽ موت جي اصول کان ڇڏايو آھي.


تہ پوءِ اي منھنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! مضبوط ۽ ثابت⁠قدم رھو ۽ ھميشہ خداوند جي ڪم ۾ وڌندا ھلو، ڇالاءِ⁠جو اوھين ڄاڻو ٿا تہ خداوند جي خدمت ۾ اوھان جو پورھيو اجايو نہ آھي.


اوھين پاڻ کي جاچي ڏسو تہ ايمان تي آھيو يا نہ ۽ پاڻ کي آزمايو. ڇا اوھين پاڻ بابت ھي نہ ٿا ڄاڻو تہ عيسيٰ مسيح اوھان ۾ آھي؟ جيڪڏھن نہ، تہ اوھين آزمائش ۾ بلڪل ناڪام آھيو.


اھو سوال رڳو انھن ڪوڙن ڀائرن جي ڪري اٿيو، جيڪي لڪي ڇپي اسان ۾ داخل ٿيا ھئا. اھي انھيءَ ڪري چوريءَ گھڙي آيا ھئا تہ جيڪا آزادي اسان کي عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري ملي آھي، تنھن جي جاسوسي ڪري اسان کي غلام بڻائين.


مسيح اسان کي آزاد رھڻ لاءِ ئي آزادي ڏني آھي. تنھنڪري اوھين انھيءَ آزاديءَ کي قائم رکو ۽ پاڻ کي وري غلاميءَ جي پاڃاريءَ ۾ نہ جوٽيو.


اوھين ھڪٻئي جا بار کڻو، اھڙيءَ طرح مسيح جي شريعت کي پورو ڪريو.


بشرطيڪ اوھين پنھنجي ايمان جي بنياد تي مضبوط ۽ قائم رھو ۽ جيڪا خوشخبري اوھان ٻڌي آھي تنھن جي اميد نہ ڇڏيو. انھيءَ خوشخبريءَ جي منادي آسمان ھيٺان رھندڙ ھر ڪنھن ماڻھوءَ ۾ ڪئي ويئي آھي، جنھن جو آءٌ پولس خادم ٿيو آھيان.


تنھن ھوندي بہ ٻارن ڄڻڻ سان عورت بچي ويندي، بشرطيڪ ھوءَ ايمان، محبت ۽ پاڪيزگيءَ تي پرھيزگاريءَ سان قائم رھي.


پاڻ کي ۽ پنھنجي تعليم کي جاچيندو رھہ. انھن ھدايتن تي ثابت قدم رھہ، ڇالاءِ⁠جو ائين ڪرڻ سان تون پاڻ کي ۽ پنھنجي ٻڌڻ وارن کي بچائڻ جو سبب ٿيندين.


خيال رکو تہ ڪوبہ ماڻھو خدا جي فضل کان محروم نہ رھجي وڃي، متان ڪا ڪڙي پاڙ ڦُٽي اوھان کي تڪليف ڏئي ۽ انھيءَ جي ڪري گھڻا ئي ماڻھو پليت ٿي پون.


اوھان جو ڳالھائڻ ٻولھائڻ ۽ ھلت چلت انھن ماڻھن وانگر ھجي، جن جو آزادي ڏيندڙ شريعت جي وسيلي انصاف ٿيڻو آھي.


آزاد ماڻھن وانگر زندگي گذاريو. پر پنھنجي انھيءَ آزاديءَ کي بڇڙائيءَ جو بھانو نہ بڻايو، البت پاڻ کي خدا جا ٻانھا سمجھو.


جيڪو ڪجھہ اوھان کي شروع ۾ ٻڌايو ويو آھي، سو اوھان جي دلين ۾ رھڻ گھرجي. جيڪڏھن اھو اوھان کي ياد رھيو تہ اوھين بہ پيءُ ۽ سندس فرزند ٻنھي سان گڏجي ھڪ ٿي ويندا.


پوءِ مون آسمان مان ھڪڙو آواز ٻڌو جنھن چيو تہ ”لک، سڀاڳا آھن اُھي، جيڪي اڄ کان وٺي مسيح جا ٿي ٿا مرن. پاڪ روح چوي ٿو تہ ھائو، اھو سچ آھي تہ اُھي پنھنجي پورھين کان واندا ٿي آرام ڪندا، ڇاڪاڻ⁠تہ اھي پنھنجي ڪمن جو نتيجو پاڻ سان کڻي ٿا وڃن.“


سڀاڳا آھن اُھي جيڪي پنھنجا پھراڻ ڌوئي صاف ٿا ڪن. اُھي زندگيءَ جي وڻ جي ميوي جا حقدار ھوندا ۽ انھيءَ شھر جي دروازن مان داخل ٿيندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ