Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يعقوب 1:17 - Common Language New Testament

17 ھر چڱي بخشش ۽ ھر ڪامل انعام مٿان ٿو اچي، يعني انھيءَ خدا پيءُ وٽان ھيٺ ٿو لھي، جيڪو آسماني روشنين جو پيدا ڪندڙ آھي. ھو ڦرندڙ پاڇن وانگر تبديل نہ ٿو ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 سڀڪا چڱي بخشش ۽ سڀڪو ڪامل انعام مٿان ٿو اچي، يعني روشنيءَ جي ابي وٽان ٿو لهي، جنهن ۾ ڪنهن بہ طرح جي ڦير گهير ٿي نٿي سگهي، منجهس ڦرڻ جو پاڇو ئي ڪونهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

17 هر چڱي ۽ ڪامل بخشش مٿان کان آهي، يعني انهيءَ ايشور پتا جي طرفان ملي ٿي، جيڪو آڪاش مان روشني ڏيندڙ شين جو پيدا ڪندڙ آهي. هو ڦرندڙ پاڇن وانگر تبديل نہ ٿو ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 هر چڱي ۽ ڪامل بخشش مٿان کان آهي، يعني انهيءَ خدا پيءُ جي طرفان ملي ٿي، جيڪو آسمان مان روشني ڏيندڙ شين جو خالق آهي. هو ڦرندڙ پاڇن وانگر تبديل نہ ٿو ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يعقوب 1:17
62 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪڏھن اوھين باوجود بڇڙي ھئڻ جي پنھنجن ٻارن کي سٺيون شيون ڏيڻ ڄاڻو ٿا تہ اوھان جو آسمان وارو پيءُ ڪيتريون نہ وڌيڪ سٺيون شيون انھن کي ڏيندو جيڪي کانئس گھرندا!


جيڪڏھن اوھين باوجود بڇڙا ھئڻ جي، پنھنجن ٻارن کي چڱيون شيون ڏيڻ ڄاڻو ٿا تہ اوھان جو آسمان وارو پيءُ ڪيترو نہ وڌيڪ انھن کي پاڪ روح ڏيندو جيڪي کانئس گھرندا.“


اھا سچي روشني جيڪا ھر ھڪ انسان تي چمڪي ٿي سا اچڻ واري ھئي.


تنھن تي يحيٰ ھي جواب ڏنو تہ ”ڪنھن انسان وٽ ايترو ٿي سگھي ٿو جيترو خدا کيس عطا ڪيو آھي.


تنھن تي عيسيٰ وراڻيس تہ ”آءٌ تو کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيستائين ڪو ماڻھو نئين سر پيدا نہ ٿيندو، تيستائين خدا جي بادشاھت ڏسي نہ سگھندو.“


عيسيٰ وري فريسين سان ڳالھائيندي چيو تہ ”آءٌ دنيا جي روشني آھيان. جيڪو بہ منھنجي پيروي ڪري ٿو، تنھن کي زندگيءَ جي روشني ملندي ۽ وري ڪڏھن بہ اونداھيءَ ۾ نہ گھمندو.“


جڏھن انھن ھي ٻڌو تہ کڻي ماٺ ڪيائون ۽ خدا جي واکاڻ ڪندي چيائون تہ ”خدا غير قومن کي بہ توفيق ڏني آھي تہ ھو توبھہ ڪن ۽ زندگي حاصل ڪن.“


نہ رڳو ايترو پر خدا کيس مالڪ ۽ ڇوٽڪارو ڏيندڙ بنائڻ لاءِ پنھنجي ساڄي پاسي ڏانھن سربلند ڪيو، تہ جيئن بني اسرائيل کي توبھہ ڪرڻ جي توفيق ملي ۽ سندن گناھہ بخشجي وڃن.


ڇالاءِ⁠جو گناھہ جو اجر موت آھي. پر خدا جي بخشش اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي معرفت دائمي زندگي آھي.


تنھنجي ۽ ٻين جي وچ ۾ فرق ڪرڻ وارو ڪير آھي؟ ڇا تو وٽ اھڙي ڪا شيءِ آھي جيڪا تو کي انھيءَ کان نہ ملي ھجي؟ جيڪڏھن تو کي واقعي ملي آھي تہ پوءِ فخر ڇو ٿو ڪرين جو ڄڻ تہ تو کي ملي ئي ڪانھي؟


ڇاڪاڻ⁠تہ خدا، جنھن فرمايو تہ ”اونداھيءَ ۾ روشني چمڪي،“ تنھن اھا اسان جي دلين ۾ چمڪائي، تہ جيئن اسين عيسيٰ مسيح جي چھري کي ڏسي ڪري خدا جي شان کي سڃاڻي سگھون.


آءٌ ھيءَ بہ دعا گھرندو آھيان تہ اوھان جون روحاني اکيون روشن ٿين، تہ جيئن اوھان کي خبر پوي تہ ھن ڪھڙي اميد رکڻ لاءِ اوھان کي سڏيو آھي. سندس جلال ڀري ميراث، جيڪا ھن پنھنجي قوم لاءِ رکي آھي سا ڪيڏي نہ وڏي دولت آھي،


ڇالاءِ⁠جو خدا جي فضل جي ڪري ئي اوھان کي ايمان جي وسيلي ڇوٽڪارو مليو آھي. اھو اوھان جي ڪوششن جي ڪري نہ آھي، بلڪ خدا جي بخشش آھي،


ڇالاءِ⁠جو مسيح جي خاطر اوھان تي اھا ٻاجھہ ٿي آھي تہ نہ رڳو مٿس ايمان آڻيو، پر ھن جي لاءِ ڏک بہ سھو.


رڳو اھو ئي بقا وارو آھي ۽ ھو انھيءَ روشنيءَ ۾ ٿو رھي، جنھن تائين ڪوبہ پھچي نہ ٿو سگھي. خدا کي نہ ڪنھن ماڻھوءَ ڏٺو آھي ۽ نہ ڪو ڏسي ٿو سگھي. انھيءَ جي عزت ۽ قدرت ھميشہ تائين قائم رھي. آمين.


عيسيٰ مسيح ڪالھہ توڙي اڄ، بلڪ ھميشہ تائين ساڳيو ئي آھي.


جيڪڏھن اوھان مان ڪنھن ۾ دانائيءَ جي ڪمي آھي تہ اھو خدا کان گھري. ھو کيس ڏيندو، ڇالاءِ⁠جو خدا سڀني کي بي⁠انداز ٿو ڏئي ۽ طعنا نہ ٿو ھڻي.


اھڙي ڏاھپ آسمان کان نہ ٿي اچي، بلڪ اھا دنياوي، جسماني ۽ شيطاني آھي.


پر جيڪا ڏاھپ آسمان کان ٿي اچي، سا پھريائين تہ پاڪ آھي، پوءِ صلح پسند، حليم ۽ تابعدار ھئڻ سان گڏ رحم ۽ ھر قسم جي چڱي ڦل سان ڀريل آھي. منجھس نہ طرفداري آھي ۽ نہ دوکو.


ھاڻي، جيڪو پيغام اسان سندس فرزند کان ٻڌو آھي، سو اوھان کي ڏيون ٿا تہ ”خدا روشني آھي ۽ منجھس اوندھہ تہ اصل آھي ئي ڪانہ.“


پيار اھو نہ آھي تہ اسان خدا کي پيار ڪيو، پر ھي آھي تہ خدا اسان کي پيار ڪيو ۽ پنھنجي فرزند جي قرباني ڏنائين، جيڪا اسان جا گناھہ کڻي وڃي ٿي.


انھيءَ شھر کي روشنيءَ لاءِ سج يا چنڊ جي ضرورت ڪانہ ھئي، ڇالاءِ⁠جو خدا جو جلوو کيس روشن ٿو ڪري ۽ گھيٽو سندس چراغ آھي.


اڳتي وري ڪڏھن بہ رات نہ ٿيندي ۽ نہ وري انھن کي ڏيئي يا سج جي روشنائيءَ جي ضرورت پوندي، ڇالاءِ⁠جو خداوند خدا انھن کي روشنائي ڏيندو ۽ اھي ھميشہ ھميشہ تائين بادشاھي ڪندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ