Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 9:9 - Common Language New Testament

9 اھو ھاڻوڪي زماني لاءِ ھڪڙو مثال آھي، جنھن مان ظاھر ٿو ٿئي تہ جيڪي نذرانا ۽ قربانيون ڏنيون وينديون ھيون، سي عبادت ڪندڙ جي ضمير کي ڪامل ڪري نہ ٿيون سگھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 اهو هاڻوڪي زماني جو هڪڙو مثال آهي، جنهن موجب اهڙا نذرانا ۽ اهڙيون قربانيون ڏنيون وينديون آهن، جي عبادت ڪندڙن جي دل کي ڪامل ڪري نہ سگهنديون،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

9 اهو خيمو هاڻوڪي زماني لاءِ هڪڙو مثال آهي، جنهن مان ظاهر ٿو ٿئي تہ جيڪي ڀيٽائون ۽ ٻليدان ڏنا ويندا آهن، سي ڀڳتي ڪندڙ کي ضمير جي نسبت سان ڪامل ڪري نہ ٿا سگھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 اهو خيمو هاڻوڪي زماني لاءِ هڪڙو مثال آهي، جنهن مان ظاهر ٿو ٿئي تہ جيڪي نذرانا ۽ قربانيون ڏنيون وينديون آهن، سي عبادت ڪندڙ کي ضمير جي نسبت سان ڪامل ڪري نہ ٿيون سگھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 9:9
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آدم کان وٺي موسيٰ تائين سڀني ماڻھن تي موت جي حڪمراني ھئي، جيتوڻيڪ انھن مان ڪن اھڙو گناھہ نہ ڪيو جھڙو آدم خدا جي حڪم جي نافرماني ڪندي ڪيو. ڪن ڳالھين ۾ آدم مسيح وانگر ھو، جيڪو پوءِ اچڻ وارو ھو.


تہ پوءِ شريعت خدا جي واعدن جي برخلاف آھي ڇا؟ ھرگز نہ. ڇالاءِ⁠تہ جيڪڏھن ڪا اھڙي شريعت ڏني وڃي ھا جيڪا حياتي بخشي سگھي ھا تہ جيڪر سچائي شريعت جي وسيلي ملي ھا.


ھر ھڪ ڪاھن روزانو بيھي ديني خدمت ٿو ڪري ۽ ھر ھر ساڳيون ئي قربانيون ٿو چاڙھي، جيڪي ڪڏھن بہ گناھن کي مٽائي نہ ٿيون سگھن.


ڇالاءِ⁠جو ھن سمجھيو تہ خدا کي مئلن مان جيارڻ جي قدرت آھي، سو انھن مان ئي ھن اسحاق کي مثالي طرح وري حاصل ڪيو.


حقيقت ۾ ھر ڪو سردار ڪاھن جيڪو ماڻھن مان ٿو چونڊجي، سو ماڻھن جي ئي لاءِ خدا سان تعلق رکندڙ ڳالھين واسطي مقرر ٿو ڪجي، انھيءَ لاءِ تہ ھو نذر ۽ گناھن لاءِ قربانيون ادا ڪري.


لاويءَ واري ڪاھنيءَ جي بنياد تي قوم کي شريعت ملي ھئي. سو جيڪڏھن انھيءَ ڪاھنيءَ جي وسيلي ڪا ڪماليت ھجي ھا تہ پوءِ ٻئي ڪاھن جي اچڻ جي ڪھڙي ضرورت ھئي جيڪو ھارون جي نہ، پر ملڪصدق جي طريقي ۾ شمار ڪيو وڃي.


سو جيڪڏھن ھو اڃا زمين تي ھجي ھا تہ ڪڏھن بہ ڪاھن نہ ٿئي ھا، ڇالاءِ⁠جو اھڙا ماڻھو اڳي ئي موجود آھن جيڪي شريعت موجب نذرانا ٿا چاڙھين.


ڇالاءِ⁠جو مسيح انسان جي ٺاھيل مقدس جاءِ ۾ داخل نہ ٿيو، جيڪا حقيقي مقدس جاءِ جو رڳو نقل ھئي. پر ھو آسمان ۾ ئي داخل ٿيو، تہ جيئن خدا جي حضور ۾ اسان جي خاطر حاضر ٿئي.


انھيءَ جو صحيح مثال بپتسما آھي، جيڪا ھاڻي بہ اوھان کي بچائي ٿي. بپتسما مان مراد اھا ناھي تہ بدن جي ميراڻ صاف ٿئي، بلڪ اھا آھي تہ نيڪ⁠نيتيءَ سان خدا جو طلبگار ٿجي. اھا بپتسما عيسيٰ مسيح جي وري جي اٿڻ جي وسيلي اوھان کي بچائي ٿي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ