Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 8:5 - Common Language New Testament

5 اھي جيڪا خدمت ھتي ڪن ٿا، سا آسماني شين جو رڳو نقل ۽ پاڇو آھي. اھو ئي سبب آھي جو جڏھن موسيٰ مقدس خيمو ٿي جوڙيو، تڏھن کيس تاڪيد فرمايو ويو تہ ”ڏس، ھر شيءِ انھيءَ نموني ٺاھجانءِ، جيڪو تو کي جبل تي ڏيکاريو ويو ھو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 جي آسماني شين جي نقل ۽ پاڇي جي خدمت ٿا ڪن. جهڙي طرح ڪ جڏهن موسيٰ تنبو ٿي جوڙيو، تڏهن خدا هدايت ڪيس: ڇالاءِ جو هو فرمائي ٿو تہ ”ڏس، جيڪو نمونو توکي جبل تي ڏيکاريو ويو هو، انهي موجب سڀ شيون جوڙج.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

5 هتي پوِتر جاءِ ۾ هو جيڪا سيوا ڪن ٿا، سا آڪاش واري پوِتر خيمي واري حقيقي سيوا جو رڳو نقل ۽ پاڇو آهي. اها ڳالهہ هن مان ظاهر ٿئي ٿي جو جڏهن موسيٰ پوِتر خيمو ٿي جوڙيو، تڏهن کيس تاڪيد ڪيو ويو تہ ”ڏس، سيوا واري هر شيءِ انهيءَ نموني ٺاهجانءِ، جيڪو تو کي جبل تي ڏيکاريو ويو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 هتي مقدس جاءِ ۾ هو جيڪا خدمت ڪن ٿا، سا آسمان واري مقدس خيمي واري حقيقي خدمت جو رڳو نقل ۽ پاڇو آهي. اها ڳالهہ هن مان ظاهر ٿئي ٿي جو جڏهن موسيٰ مقدس خيمو ٿي جوڙيو، تڏهن کيس تاڪيد ڪيو ويو تہ ”ڏس، خدمت واري هر شيءِ انهيءَ نموني ٺاهجانءِ، جيڪو تو کي جبل تي ڏيکاريو ويو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 8:5
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خدا انھن کي خواب ۾ چتاءُ ڏنو تہ ”متان وري ھيروديس وٽ ويا آھيو.“ تنھنڪري اُھي ٻيو رستو وٺي پنھنجي ملڪ ڏانھن موٽي ويا.


اسان جي ابن ڏاڏن وٽ بيابان ۾ مقدس خيمو ھو. اھو ائين ئي ٺاھيو ويو ھو جيئن خدا موسيٰ کي ٻڌايو ھو، يعني اھڙي نموني جو جھڙيءَ طرح موسيٰ کي ڏيکاريو ويو ھو.


اھي شيون انھن شين جو رڳو پاڇو آھن جيڪي بعد ۾ اچڻ واريون ھيون، پر حقيقت تہ مسيح پاڻ آھي.


حقيقت ۾ شريعت اچڻ وارين چڱين شين جو رڳو پاڇو آھي، انھن جي اصلي صورت ناھي. تنھنڪري سال⁠بسال جيڪي ساڳيون ئي قربانيون ھميشہ ڪيون وڃن ٿيون، تن جي وسيلي اھا شريعت خدا ڏانھن ويجھو ايندڙ ماڻھن کي ڪڏھن بہ ڪامل نہ ٿي ڪري سگھي.


ايمان جي ڪري ئي نوح کي انھن ڳالھين جي باري ۾ خدا خبردار ڪيو جيڪي اڃا ڏسڻ ۾ نہ آيون ھيون ۽ ھن خدا جي خوف کان پنھنجي خاندان جي بچاءَ لاءِ ھڪڙو ٻيڙو ٺاھيو. اھڙيءَ طرح ھن دنيا کي ڏوھي ٺھرايو ۽ انھيءَ سچائيءَ جو وارث ٿيو، جيڪا ايمان جي ڪري آھي.


خبردار، انھيءَ ڳالھائڻ واري جو انڪار نہ ڪجو، ڇالاءِ⁠جو جن ماڻھن زمين تي ھدايت ڪرڻ واري جو انڪار ڪيو تہ اھي بچي نہ سگھيا، تہ پوءِ اسين ڪيئن بچي سگھنداسين، جيڪڏھن انھيءَ کان منھن موڙينداسين جيڪو آسمان مان ھدايت ٿو ڪري؟


اسان جي تہ ھڪڙي اھڙي قربان⁠گاھہ آھي، جنھن مان پھرين عھد جي ڪاھنن کي کائڻ جو ڪوبہ حق ڪونھي.


اھو ھاڻوڪي زماني لاءِ ھڪڙو مثال آھي، جنھن مان ظاھر ٿو ٿئي تہ جيڪي نذرانا ۽ قربانيون ڏنيون وينديون ھيون، سي عبادت ڪندڙ جي ضمير کي ڪامل ڪري نہ ٿيون سگھن.


انھن ڳالھين کان پوءِ مون آسمان ڏانھن ڏٺو، جنھن ۾ مقدس خيمي جي مقدس ترين جاءِ کليل نظر آئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ