Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 8:2 - Common Language New Testament

2 ھو انھيءَ مقدس خيمي ۾ خدمت ٿو ڪري، جيڪو سچو مقدس خيمو آھي ۽ جنھن کي انسان نہ پر خداوند کوڙيو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 تہ جنهن سچي خيمي کي ماڻهوءَ نہ، پر خداوند کوڙيو آهي، انهيءَ پاڪ جاءِ جو خادم ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

2 اتي هو انهيءَ پوِتر خيمي ۾ سيوا ٿو ڪري، جيڪو حقيقي پوِتر خيمو آهي ۽ جنهن کي انسان نہ پر پرميشور کوڙيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 اتي هو انهيءَ مقدس خيمي ۾ خدمت ٿو ڪري، جيڪو حقيقي مقدس خيمو آهي ۽ جنهن کي انسان نہ پر خداوند کوڙيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 8:2
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”اھي ئي ڳالھيون ھيون جيڪي مون اوھان کي ٻڌايون ھيون، جڏھن اڃا اوھان سان ھوس، تہ منھنجي بابت جيڪوبہ موسيٰ جي توريت، نبين جي لکتن ۽ زبور ۾ لکيل آھي، سو سڀ ضرور پورو ٿيندو.“


ڇالاءِ⁠جو آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ خدا جي سچائيءَ کي ظاھر ڪرڻ لاءِ مسيح يھودين جي خدمت ڪئي تہ جيئن انھيءَ سان ھو خدا جا اھي واعدا پورا ڪري جيڪي اسان جي ابن ڏاڏن سان ڪيا ويا ھئا،


ڇالاءِ⁠جو اسين ڄاڻون ٿا تہ جيڪڏھن اسان جو جسم جيڪو جھوپڙيءَ جھڙو ڪچو گھر آھي، ڊاھيو ويندو تہ اسان کي خدا کان آسمان تي ھڪڙو پڪو گھر ملندو. اھو ھٿن سان جوڙيل نہ آھي، بلڪ ھميشہ قائم رھندڙ آھي.


انھيءَ سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري اوھان جو اھڙو طھر ٿيو آھي جيڪو ماڻھن جي ھٿن سان نہ، بلڪ مسيح کان ٿيو آھي. انھيءَ طھر سان اوھان جي گناھن سان ڀريل فطرت کي لاٿو ويو آھي.


ھر ھڪ ڪاھن روزانو بيھي ديني خدمت ٿو ڪري ۽ ھر ھر ساڳيون ئي قربانيون ٿو چاڙھي، جيڪي ڪڏھن بہ گناھن کي مٽائي نہ ٿيون سگھن.


ھو اسان جو اھڙو وڏو ڪاھن آھي، جيڪو خدا جي گھر جو مختيار آھي.


ڇالاءِ⁠جو ابراھيم انھيءَ شھر جو اميدوار ھو، جنھن جو بنياد پيل آھي ۽ جنھن جو تخليق ڪندڙ ۽ اڏيندڙ خود خدا آھي.


مطلب تہ پھرين عھد ۾ بہ عبادت جا قانون ھئا ۽ ھڪ زميني عبادت⁠گاھہ بہ ھئي،


مون تخت مان ڪنھن جو وڏو آواز ٻڌو جنھن چيو تہ ”ڏس، خدا ماڻھن منجھہ رھندو، ھو انھن سان گڏ رھندو ۽ اھي سندس قوم ٿيندا. خدا پاڻ انھن سان گڏ رھندو ۽ سندن خدا ٿيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ