Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 8:13 - Common Language New Testament

13 خدا ھن عھد کي نئون چئي، پھرين عھد کي پراڻو ٺھرايو ۽ جيڪا شيءِ پراڻي ۽ جھوني ٿي ويندي آھي، سا مٽجڻ کي ويجھو ھوندي آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 جڏهن هو نئون عهد ٿو چوي، تڏهن پهرئين کي پراڻو ٺهرايائين. هاڻي جيڪي پراڻو ٿو ٿئي ۽ گهڻن ڏينهن جو ٿيندو وڃي، سو مٽجڻ تي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

13 ايشور هن ٻڌل وچن کي نئون چئي پهرئين ٻڌل وچن کي پراڻو قرار ڏنو ۽ جيڪا شيءِ پراڻي ۽ جھوني ٿي ويندي آهي، سا مِٽجڻ کي ويجھو هوندي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 خدا هن عهد کي نئون چئي پهرئين عهد کي پراڻو قرار ڏنو ۽ جيڪا شيءِ پراڻي ۽ جھوني ٿي ويندي آهي، سا مِٽجڻ کي ويجھو هوندي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 8:13
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

زمين ۽ آسمان ٽري ويندا پر منھنجو ڪلام ھرگز نہ ٽرندو.“


ساڳيءَ ريت کائڻ کان پوءِ پيالو کڻي چيائين تہ ”ھيءُ پيالو خدا جو نئون عھد آھي، جيڪو منھنجي رت جي وسيلي قائم ڪيو ويو آھي. اھو رت اوھان جي لاءِ وھائجي ٿو.


محبت کي زوال ڪونھي. پر جتي بہ پيشنگوئيون ھونديون، سي ختم ٿي وينديون، يا جيڪي زبانون ھونديون، سي بند ٿي وينديون، يا جتي علم ھوندو تہ اتي اھو ميٽجي ويندو.


اھو ئي آھي، جنھن اسان کي نئين عھد جي خادم ھئڻ جي لائق ڪيو. اھو عھد اکرن جو نہ پر پاڪ روح جو آھي، ڇالاءِ⁠جو اکر مارين ٿا پر روح جياري ٿو.


تنھنڪري جيڪڏھن ڪو مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيل آھي تہ ھو نئون خلقيل آھي. پراڻيون ڳالھيون گذري ويون، ڏسو، ان جي نئين حالت شروع ٿي ويئي.


اھي سڀ ناس ٿي ويندا، پر تون ئي باقي رھندين. اھي سڀ پوشاڪ وانگر پراڻا ٿي ويندا.


اوھين نئين عھد جي وچ واري عيسيٰ وٽ ۽ انھيءَ ڇٽڪاريل رت وٽ آيا آھيو، جيڪو ھابيل جي رت کان بھتر ڳالھيون ٿو ڪري.


انھيءَ قسم جي ڪري عيسيٰ ھڪ بھتر عھد جو ضامن ٿيو.


پر ھاڻي عيسيٰ کي انھن ڪاھنن کان ايتري قدر بھتر خدمت ملي آھي، جيتري قدر پراڻي عھد کان اھو عھد بھتر آھي جنھن جو ھو وچ وارو آھي. اھو عھد بھتر واعدن جي بنياد تي قائم ڪيو ويو آھي.


پر خدا ماڻھن جا عيب ڏيکاري چوي ٿو تہ ”ڏس، خداوند فرمائي ٿو تہ ’اھي ڏينھن اچن ٿا، جڏھن آءٌ بني اسرائيل جي گھراڻي سان ۽ يھوداہ جي گھراڻي سان ھڪ نئون عھد ڪندس.


انھيءَ ڪري ئي مسيح نئين عھد جو وچ وارو آھي. جن ماڻھن پھرين عھد جي زماني ۾ ڏوھہ ڪيا ھئا، تن کي ھن پنھنجي جان ڏيئي آزاد ڪرايو. انھيءَ لاءِ تہ جن کي سڏيو ويو آھي، سي واعدي ڪيل دائمي ورثو حاصل ڪن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ