Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 7:8 - Common Language New Testament

8 ڪٿي تہ ڏھون حصو فاني انسان ٿا وٺن، پر ھتي اھو شخص ٿو وٺي جنھن جي باري ۾ شاھدي ڏني وڃي ٿي تہ ھو جيئرو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 ۽ هتي فاني انسان ڏهون حصو ٿا وٺن، پر هُتي اُهو ٿو وٺي، جنهن جي نسبت ۾ شاهدي ڏني ويئي آهي تہ جيئرو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

8 لاوي جيڪي ڏهون حصو وٺن ٿا سي ناس ٿيندڙ انسان آهن، جڏهن تہ ملڪِ‌صدق جنهن ابرهام کان ڏهون حصو ورتو، تنهن جي باري ۾ پوِتر شاستر شاهدي ڏئي ٿو تہ هو جيوت آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 لاوي جيڪي ڏهون حصو وٺن ٿا سي فاني انسان آهن، جڏهن تہ ملڪِ‌صدق جنهن ابراهيم کان ڏهون حصو ورتو، تنهن جي باري ۾ پاڪ ڪلام شاهدي ڏئي ٿو تہ هو جيئرو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 7:8
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

باقي ٿورو وقت آھي ۽ پوءِ دنيا مون کي وڌيڪ نہ ڏسندي، پر اوھين مون کي ڏسندا. آءٌ زندہ آھيان تنھنڪري اوھين بہ زندہ ھوندا.


عيسيٰ کيس وراڻيو تہ ”رستو، سچ ۽ زندگي آءٌ آھيان. منھنجي وسيلي کان سواءِ ڪوبہ پيءُ تائين پھچي نہ ٿو سگھي.


اھي ڪير ھئا جن آواز ٻڌي خدا کي چڙ ڏياري؟ ڇا اھي سڀيئي نہ ھئا جيڪي موسيٰ جي اڳواڻيءَ ۾ مصر مان نڪتا ھئا؟


اھڙيءَ طرح ھو ٻي ھنڌ بہ چوي ٿو تہ ”تون ملڪصدق جي طريقي موجب ھميشہ لاءِ ڪاھن آھين.“


اتي عيسيٰ ملڪصدق جي طريقي موجب ھميشہ جي لاءِ سردار ڪاھن ٿي اسان جي خاطر، اسان جي پيشوا جي حيثيت ۾ داخل ٿيو آھي.


پر اھي تہ گھڻا ئي ڪاھن مقرر ٿيا، انھيءَ ڪري جو موت کين قائم رھڻ نہ ٿي ڏنو.


انھيءَ ۾ ڪوبہ شڪ ڪونھي تہ دعائون ڏيڻ وارو دعائون وٺڻ واري کان مٿاھون آھي.


تنھنڪري اسين چئي سگھون ٿا تہ لاوي، جيڪو ڏھون حصو اڳاڙي ٿو تنھن بہ ابراھيم جي وسيلي ڏھون حصو ڏنو.


جھڙيءَ طرح انسان جو ھڪڙي ئي ڀيري مرڻ ۽ انھيءَ کان پوءِ عدالت جي اڳيان پيش ٿيڻ مقرر ٿيل آھي،


آءٌ جيئرو آھيان، مري تہ ويو ھوس، پر ڏس آءٌ ھميشہ تائين جيئرو رھندس. موت ۽ عالم ارواح جون ڪنجيون مون وٽ آھن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ