Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 7:6 - Common Language New Testament

6 پر ملڪصدق جيئن تہ لاويءَ جي نسل مان نہ ھو، تنھن ھوندي بہ ابراھيم کان ڏھون حصو ورتائين ۽ جنھن سان واعدا ڪيا ويا ھئا، تنھن کي دعائون ڏنائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 پر جيڪو انهن جي نسب نامي مان ڪونہ هو، تنهن ابراهيم کان ڏهون حصو ورتو، ۽ جنهن کي واعدا مليا هئا، تنهن لاءِ برڪت گهُريائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

6 پر توڙي جو ملڪِ‌صدق جو لاويءَ جي پيڙهيءَ سان ڪو لاڳاپو نہ هو، تنهن هوندي بہ ابرهام کان ڏهون حصو ورتائين ۽ جنهن سان وچن ڪيا ويا هئا، تنهن کي آسيسون ڏنائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 پر توڙي جو ملڪِ‌صدق جو لاويءَ جي نسل سان ڪو لاڳاپو نہ هو، تنهن هوندي بہ ابراهيم کان ڏهون حصو ورتائين ۽ جنهن سان واعدا ڪيا ويا هئا، تنهن کي دعائون ڏنائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 7:6
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوھين انھن نبين جا وارث ۽ انھيءَ عھد جا شريڪ آھيو جيڪو خدا اوھان جي ابن ڏاڏن سان ڪيو ھو، جيئن ھن ابراھيم کي چيو تہ ’تنھنجي اولاد جي وسيلي دنيا جي سڀني قومن کي برڪت ملندي.‘


خدا ابراھيم ۽ سندس اولاد سان واعدو ڪيو ھو تہ ھو کين دنيا جو وارث بڻائيندو. پر ھي واعدو انھيءَ ڪري نہ ڪيو ويو تہ ابراھيم شريعت جي حڪمن تي عمل ڪندو ھو، بلڪ انھيءَ ڪري جو ھن ايمان آندو ھو ۽ خدا کيس پاڻ ڏانھن سچار ليکيو ھو.


اھي بني اسرائيل ئي آھن، جن کي خدا پنھنجا ٻار ڪري چونڊيو آھي. ھن کين پنھنجو جلوو ڏيکاريو ۽ کين پنھنجا عھد، شريعت، عبادت ۽ واعدا ڏنا اٿائين.


ھاڻي خدا ابراھيم ۽ سندس نسل سان واعدا ڪيا. ان موقعي تي پاڪ ڪلام ائين نہ ٿو چوي تہ ”نسلن سان،“ جنھن مان سندس مطلب گھڻا ماڻھو ھجن. پر ھو چوي ٿو تہ ”تنھنجي نسل سان،“ جنھن مان ھن جو مطلب ھڪڙو شخص آھي ۽ اھو مسيح آھي.


اھو ايمان ئي ھو جنھن تي اھي سڀ ماڻھو سڄي عمر قائم رھيا. جيتوڻيڪ کين واعدي ڪيل شيون نہ مليون، مگر انھن کي پري کان ئي ڏسي سندن مرحبا ڪيائون. ان سان گڏ ھنن قبول ڪيو تہ اسين ڌرتيءَ تي مھمان ۽ مسافر آھيون.


ايمان جي ڪري ئي پنھنجي آزمائش وقت ابراھيم اسحاق کي نذراني طور قربان ڪيو. اھو ئي ابراھيم جنھن خدا جا واعدا قبول ڪيا ھئا، سو پنھنجي پياري پٽ کي قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو.


ملڪصدق شاليم جو بادشاھہ ۽ خدا تعاليٰ جو ڪاھن ھو. جڏھن ابراھيم بادشاھن کي شڪست ڏيئي موٽيو پئي آيو تہ ملڪصدق ساڻس گڏيو ۽ کيس دعائون ڏنائين.


انھيءَ ۾ ڪوبہ شڪ ڪونھي تہ دعائون ڏيڻ وارو دعائون وٺڻ واري کان مٿاھون آھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ