Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 7:27 - Common Language New Testament

27 ٻين سردار ڪاھنن وانگر ھو انھيءَ ڳالھہ جو محتاج نہ ھجي جو ھر روز پھريائين پنھنجن گناھن ۽ پوءِ قوم جي گناھن واسطي قربانيون ڪري. ڇالاءِ⁠جو ھن سندن گناھن واسطي ھڪڙي ئي ڀيري ھميشہ جي قرباني ڪئي، جڏھن پاڻ کي قربان ڪري ڇڏيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

27 جنهن کي انهن سردار ڪاهنن وانگر اها ضرورت ڪانهي تہ هو روز پهرين پنهنجن گناهن لاءِ، ۽ پوءِ اُمت جي گناهن لاءِ قربانيون چاڙهي: ڇالاءِ جو ائين هن هڪڙي ئي ڀيري ڪيو، جڏهن پاڻ کي قرباني ڪري ڏنائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

27 ٻين سردار ڪاهنن وانگر هو انهيءَ ڳالهہ جو محتاج نہ هجي جو هر روز پهريائين پنهنجي پاپن ۽ پوءِ قوم وارن جي پاپن واسطي ٻليدانَ پيش ڪري، ڇاڪاڻ تہ هن ماڻهن جي پاپن واسطي هڪڙي ئي ڀيري هميشہ لاءِ ٻليدان پيش ڪيو، جڏهن پاڻ کي ٻليدان ڪري ڇڏيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

27 ٻين سردار ڪاهنن وانگر هو انهيءَ ڳالهہ جو محتاج نہ هجي جو هر روز پهريائين پنهنجي گناهن ۽ پوءِ قوم وارن جي گناهن واسطي قربانيون پيش ڪري، ڇاڪاڻ تہ هن ماڻهن جي گناهن واسطي هڪڙي ئي ڀيري هميشہ لاءِ قرباني پيش ڪئي، جڏهن پاڻ کي قربان ڪري ڇڏيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 7:27
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏھن ھو مئو تہ گناھہ جي نسبت ھڪڙو ئي دفعو مئو، پر ھاڻي جڏھن ھو جيئرو آھي تہ خدا جي نسبت جيئرو آھي.


مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ جي ڪري اوھين بہ اھڙي جڳھہ ۾ گڏ جڙندا ۽ اڏبا ٿا وڃو، جنھن ۾ خدا پنھنجي پاڪ روح جي صورت ۾ رھي ٿو.


۽ پيار ڀري زندگي گذاريو، جھڙيءَ طرح مسيح اسان کي پيار ڏنو ۽ اسان جي لاءِ پنھنجو پاڻ کي خدا جي آڏو خوشبودار نذرانو ۽ قرباني ڪري ڏيئي ڇڏيائين.


ھن اسان جي خاطر پنھنجي جان ڏيئي ڇڏي، انھيءَ لاءِ تہ ان جي عيوض اسان کي ھر طرح جي بڇڙائيءَ کان ڇڏائي ۽ پاڪ ڪري پنھنجي لاءِ ھڪ اھڙي خاص امت بڻائي، جيڪا نيڪ ڪمن ڪرڻ ۾ سرگرم ھجي.


حقيقت ۾ ھر ڪو سردار ڪاھن جيڪو ماڻھن مان ٿو چونڊجي، سو ماڻھن جي ئي لاءِ خدا سان تعلق رکندڙ ڳالھين واسطي مقرر ٿو ڪجي، انھيءَ لاءِ تہ ھو نذر ۽ گناھن لاءِ قربانيون ادا ڪري.


انھيءَ ڪري مٿس اھو فرض آھي تہ جھڙيءَ طرح پنھنجي گناھن واسطي قرباني ادا ڪري ٿو، تھڙيءَ طرح ماڻھن جي گناھن لاءِ بہ ڪري.


سو جيڪڏھن ھو اڃا زمين تي ھجي ھا تہ ڪڏھن بہ ڪاھن نہ ٿئي ھا، ڇالاءِ⁠جو اھڙا ماڻھو اڳي ئي موجود آھن جيڪي شريعت موجب نذرانا ٿا چاڙھين.


مسيح انھيءَ مقدس ترين جاءِ ۾ ھڪڙو ئي ڀيرو داخل ٿيو. ھن ٻڪرين ۽ گابن جي رت جي وسيلي نہ، بلڪ خود پنھنجي رت جي وسيلي داخل ٿي اسان جي لاءِ ھميشہ جو ڇوٽڪارو حاصل ڪيو.


تہ پوءِ مسيح جو رت ان کان ڪيترو نہ وڌيڪ پاڪ ڪندو، جنھن ابدي روح جي وسيلي پاڻ کي خدا جي آڏو بي⁠عيب قربانيءَ طور ڏيئي ڇڏيو. سندس رت اسان جي دلين کي اھڙن ڪمن کان پاڪ ڪندو جن جي پڇاڙي موت آھي، تہ جيئن اسين زندہ خدا جي عبادت ڪريون.


سردار ڪاھن ھر سال مقدس ترين جاءِ ۾ پنھنجو نہ پر ٻئي جو رت کڻي ٿو وڃي. پر مسيح پاڻ کي وري وري قربان ڪرڻ لاءِ آسمان ۾ داخل نہ ٿو ٿئي،


⁠نہ⁠تہ جھان جي شروعات کان وٺي ڪيترائي ڀيرا کيس ڏک سھڻو پوي ھا. پر ھاڻي زمانن جي پڇاڙيءَ ۾ ھو ھڪڙو ئي ڀيرو ظاھر ٿيو، انھيءَ لاءِ تہ پاڻ کي قربان ڪرڻ سان گناھہ کي مٽائي ڇڏي.


تھڙيءَ طرح مسيح بہ ھڪڙي ئي ڀيري گھڻن ماڻھن جي گناھن کڻي وڃڻ لاءِ قربان ٿيو. پر جڏھن ھو ٻيھر ظاھر ٿيندو تہ گناھہ کڻڻ لاءِ نہ، بلڪ انھن کي ڇوٽڪارو ڏيڻ لاءِ ايندو جيڪي سندس واٽ پيا نھارين.


پر اندرين ڪمري ۾ رڳو سردار ڪاھن سال ۾ فقط ھڪڙو ڀيرو داخل ٿيندو آھي. سو بہ انھيءَ رت کان سواءِ نہ ويندو آھي، جيڪو ھو پنھنجي ۽ پنھنجي قوم وارن جي اڻ⁠ڄاڻائيءَ وارن گناھن لاءِ نذرانو ڪري ڏيندو آھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ