Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 7:24 - Common Language New Testament

24 مگر عيسيٰ جيئن تہ ھميشہ تائين جيئرو رھڻ وارو آھي، تنھنڪري سندس ڪاھني لازوال آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

24 پر هن جي ڪهانت لازوال آهي، ڇالاءِ جو هو هميشہ تائين قائم آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

24 پر يسوع جي ڪاهني ابناسي آهي، ڇاڪاڻ تہ هو هميشہ تائين جيوت رهڻ وارو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

24 پر عيسيٰ جي ڪاهني لازوال آهي، ڇاڪاڻ تہ هو هميشہ تائين جيئرو رهڻ وارو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 7:24
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنھن تي ميڙ چيو تہ ”اسان جي شريعت ٻڌائي ٿي تہ مسيح ھميشہ جيئرو رھندو، تہ پوءِ تون ڪيئن ٿو چوين تہ ابن⁠آدم ضرور مٿي چاڙھيو ويندو؟ اھو ابن⁠آدم ڪير آھي؟“


اسان کي اھا بہ خبر آھي تہ مسيح مئلن مان جيئرو ٿي اٿيو آھي ۽ وري مرڻ جو نہ آھي، ڇالاءِ⁠جو ھاڻي موت جو مٿس ڪوبہ اختيار نہ آھي.


قوم جا ابا ڏاڏا بہ انھن مان ئي آھن ۽ رت جي رشتي ڪري مسيح بہ انھن جو ئي آھي. خدا، جيڪو سڀني جي مٿان حاڪم آھي، شل ھميشہ انھيءَ جي واکاڻ ٿئي. آمين.


عيسيٰ مسيح ڪالھہ توڙي اڄ، بلڪ ھميشہ تائين ساڳيو ئي آھي.


ھن ڪري جو شريعت تہ انھن ماڻھن کي سردار ڪاھن مقرر ڪري ٿي جيڪي ڪمزور آھن، پر اھو قسم، جيڪو شريعت کان پوءِ کنيو ويو، سو انھيءَ فرزند کي مقرر ٿو ڪري جيڪو ھميشہ جي لاءِ ڪامل ڪيو ويو آھي.


آءٌ جيئرو آھيان، مري تہ ويو ھوس، پر ڏس آءٌ ھميشہ تائين جيئرو رھندس. موت ۽ عالم ارواح جون ڪنجيون مون وٽ آھن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ