Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 7:11 - Common Language New Testament

11 لاويءَ واري ڪاھنيءَ جي بنياد تي قوم کي شريعت ملي ھئي. سو جيڪڏھن انھيءَ ڪاھنيءَ جي وسيلي ڪا ڪماليت ھجي ھا تہ پوءِ ٻئي ڪاھن جي اچڻ جي ڪھڙي ضرورت ھئي جيڪو ھارون جي نہ، پر ملڪصدق جي طريقي ۾ شمار ڪيو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 هاڻي جيڪڏهن ليويءَ واري ڪهانت جي ڪري ڪماليت حاصل ٿئي ها (جو انهيءَ جي ماتحت اُمت کي شريعت ملي آهي،) تہ پوءِ ڪهڙي گهُرج هئي، تہ ٻيو ڪاهن ملڪ صدق جي طريقي جو پيدا ٿئي ۽ نہ هارون جي طريقي جو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

11 بني اسرائيل قوم وارا لاويءَ واري ڪاهنيءَ جي انتظام هيٺ نيم وارا ٿيا. سو جيڪڏهن انهيءَ ڪاهنيءَ جي وسيلي ماڻهو مڪمل طور ايشور لاءِ مخصوص ٿي وڃي ها، تہ پوءِ ٻئي ڪاهن جي اچڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي جيڪو پهرئين لاوي سردار ڪاهن هارون جي نہ، پر ملڪِ‌صدق جي مرتبي جهڙو ليکيو ويو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 بني اسرائيل قوم وارا لاويءَ واري ڪاهنيءَ جي انتظام هيٺ شريعت وارا ٿيا. سو جيڪڏهن انهيءَ ڪاهنيءَ جي وسيلي ماڻهو مڪمل طور خدا لاءِ مخصوص ٿي وڃي ها، تہ پوءِ ٻئي ڪاهن جي اچڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي جيڪو پهرئين لاوي سردار ڪاهن هارون جي نہ، پر ملڪِ‌صدق جي مرتبي جهڙو ليکيو ويو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 7:11
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ خدا جي فضل کي بيڪار نہ ٿو وڃايان، ڇاڪاڻ⁠تہ سچائي جيڪڏھن شريعت جي وسيلي ملي ھا تہ پوءِ مسيح جو مرڻ اجايو ٿئي ھا.


ساڳيءَ طرح اسين بہ جڏھن ٻار ھئاسين تڏھن دنيا جي ابتدائي اصولن جا پابند ٿي غلاميءَ جي حالت ۾ رھياسين.


پر ھاڻي جڏھن اوھين خدا کي ڄاڻو ٿا، بلڪ خدا اوھان کي ڄاتو آھي تہ پوءِ وري اوھين انھن ڪمزور ۽ خسيس ابتدائي اصولن ڏانھن ڇو ٿا ڦرو؟ ڇا اوھين ٻيھر انھن جي غلاميءَ ۾ رھڻ جي خواھش ٿا ڪريو؟


ان سان گڏ خدا جي طرفان ملڪصدق جي طريقي موجب سردار ڪاھن مقرر ڪيو ويو.


اھڙيءَ طرح ھو ٻي ھنڌ بہ چوي ٿو تہ ”تون ملڪصدق جي طريقي موجب ھميشہ لاءِ ڪاھن آھين.“


اتي عيسيٰ ملڪصدق جي طريقي موجب ھميشہ جي لاءِ سردار ڪاھن ٿي اسان جي خاطر، اسان جي پيشوا جي حيثيت ۾ داخل ٿيو آھي.


ڇالاءِ⁠جو جڏھن ملڪصدق ابراھيم سان گڏيو، تڏھن لاوي اڃا پنھنجي ابي ڏاڏي جي بدن ۾ ھو.


ڇالاءِ⁠جو جڏھن ڪاھني بدلجي ٿي، تڏھن شريعت جو بدلجڻ بہ لازمي ٿيو پوي.


جنھن بابت اھي ڳالھيون ڪيون ويون، سو ٻي قبيلي جو آھي ۽ انھيءَ قبيلي مان ڪنھن بہ ماڻھوءَ قربان⁠گاھہ جي خدمت ڪانہ ڪئي.


اھا ڳالھہ اڃا بہ وڌيڪ صاف ٿئي ٿي، جڏھن ملڪصدق جھڙو ھڪ ٻيو ڪاھن ظاھر ٿيو.


پر عيسيٰ قسم ساڻ ڪاھن مقرر ٿيو، جڏھن خدا کيس چيو تہ ”خداوند قسم کنيو آھي، جنھن کان ھو ڪڏھن ڪين ڦرندو تہ ’تون ھميشہ جي لاءِ ڪاھن آھين.‘“


ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن اھو پھريون عھد بي⁠عيب ھجي ھا تہ ڪنھن ٻئي عھد جي ڳولا ئي نہ ڪرڻي پوي ھا.


سو انھن شين جي اھڙيءَ طرح تيار ٿي وڃڻ کان پوءِ مقدس خيمي جي پھرين ڪمري ۾ ڪاھن خدمت بجاءِ آڻڻ لاءِ ھر وقت داخل ٿيندا رھن ٿا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ