Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 6:6 - Common Language New Testament

6 پوءِ جيڪڏھن اھي گمراھہ ٿي وڃن تہ ٻيھر انھن جو توبھہ ڪرڻ ناممڪن آھي. ڇالاءِ⁠جو اھڙيءَ طرح اھي خدا جي فرزند کي نئين سر صليب تي چاڙھي ظاھر ظھور ھن کي بي⁠عزت ٿا ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 ۽ پوءِ ڦري ويا، تن کي توبهہ جي لاءِ نئون بنائڻ ناممڪن آهي؛ ڇالاءِ جو اُهي خدا جي فرزند کي پاڻ لاءِ نئين سر صليب تي چاڙهي ظاهر ظهور هن کي ذليل ٿا ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

6 پر ان جي باوجود بہ اهي يسوع مسيح کان منهن موڙي ويا آهن، تن ماڻهن کي ٻيهر توبهہ ڏانهن مائل ڪرڻ ناممڪن آهي. انهيءَ جو سبب هي آهي تہ اهي پنهنجي اهڙي رويي سان ڄڻ تہ ايشور جي پٽ کي ٻيهر سوليءَ تي چاڙهي کُليو کُلايو هن جو اپمان ٿا ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 پر ان جي باوجود بہ اهي عيسيٰ مسيح کان منهن موڙي ويا آهن، تن ماڻهن کي ٻيهر توبهہ ڏانهن مائل ڪرڻ ناممڪن آهي. انهيءَ جو سبب هي آهي تہ اهي پنهنجي اهڙي رويي سان ڄڻ تہ خدا جي فرزند کي ٻيهر صليب تي چاڙهي ظاهر ظهور هن جي بي‌حرمتي ٿا ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 6:6
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

عيسيٰ انھن ڏانھن چتائي ڏٺو ۽ چيو تہ ”اھا ڳالھہ ماڻھن کان تہ ٿي نہ ٿي سگھي، پر خدا سڀ ڪجھہ ڪري سگھي ٿو.“


اھا ھن ڳالھہ جي شاھدي آھي تہ جيڪي اوھان جي ابن ڏاڏن ڪيو سو اوھان کي قبول آھي، ڇوتہ انھن تہ نبين کي مارايو ھو ۽ اوھين سندن قبا پيا اڏايو.


جيڪي سندس مخالف آھن تن کي ھو نرميءَ سان سمجھائي، شايد خدا انھن کي توبھہ جي توفيق بخشي تہ ھو سچ کي سڃاڻين.


پر جيڪڏھن اسين سچ جي سڃاڻپ حاصل ڪرڻ کان پوءِ بہ ڄاڻي⁠ٻجھي گناھہ ڪريون تہ گناھن لاءِ ڪابہ قرباني اڳتي باقي نہ رھندي.


تڏھن اوھين خيال ڪريو تہ ان شخص جو ڇا حشر ٿيندو، جنھن خدا جي فرزند کي پيرن ھيٺ لتاڙيو، عھد جي انھيءَ رت کي ناپاڪ سمجھيو، جنھن سان ھن کي پاڪ ڪيو ويو ھو ۽ فضل بخشيندڙ روح کي بي⁠عزت ڪيائين؟


اچو تہ اسين عيسيٰ ڏانھن نھاريندا رھون، جيڪو اسان جي ايمان جو باني ۽ ڪامل ڪندڙ آھي. ھن انھيءَ خوشيءَ جي خاطر جيڪا بعد ۾ کيس ملڻي ھئي، شرمندگيءَ جي پرواھہ نہ ڪري صليب جو ڏک سٺو ۽ خدا جي تخت جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.


تنھنڪري جڏھن تہ اسان جو ھڪڙو وڏو سردار ڪاھن آھي، يعني خدا جو فرزند عيسيٰ، جيڪو آسمانن مان لنگھي ويو آھي، تڏھن اچو تہ اسين پنھنجي اقرار تي مضبوطيءَ سان قائم رھون.


سو انھن جي حال تي غور ڪريو جيڪي ھڪ ئي دفعي روشن دل ٿيا آھن، جن آسمان واري بخشش جو سواد چکيو آھي ۽ جيڪي پاڪ روح جي برڪت ۾ شريڪ ٿيا آھن


ڇالاءِ⁠جو انھن سچائيءَ جي واٽ کي ڄاتو تہ سھي پر انھيءَ پاڪ حڪم کان ڦري ويا، جيڪو کين سونپيو ويو ھو. تنھنڪري انھن لاءِ سٺو ٿئي ھا جو اھي ان واٽ کي ڄاڻن ئي نہ ھا.


جيڪڏھن ڪو ماڻھو پنھنجي ھم⁠ايمان کي اھڙو گناھہ ڪندو ڏسي، جنھن جو نتيجو موت نہ آھي تہ کيس ھن لاءِ خدا کان دعا گھرڻ کپي، جيڪو کيس زندگي بخشيندو. ھي انھن لاءِ آھي جيڪي اھڙا گناھہ نہ ٿا ڪن جن جو نتيجو موت آھي. اھڙو بہ گناھہ آھي، جنھن جو نتيجو موت آھي. آءٌ نہ ٿو چوان تہ کيس انھيءَ گناھہ بابت دعا گھرڻ کپي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ