Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 6:12 - Common Language New Testament

12 اسين چاھيون ٿا تہ اوھين سست نہ ٿيو، پر انھن جا پيروي ڪندڙ ٿيو، جيڪي ايمان ۽ صبر جي ڪري خدا جي ڪيل واعدن جا وارث ٿا ٿين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 تان تہ اوهين سست نہ ٿيو، پر انهن جهڙا ٿيو، جي ايمان ۽ تحمل جي ڪري واعدن جا وارث ٿا ٿين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

12 سو اوهين سست نہ ٿيو، پر انهن جي نموني تي هلو، جيڪي وشواس ۽ ثابت قدميءَ جي وسيلي اها ميراث حاصل ڪن ٿا، جنهن جو وچن ايشور ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 سو اوهين سست نہ ٿيو، پر انهن جي نموني تي هلو، جيڪي ايمان ۽ ثابت قدميءَ جي وسيلي اها ميراث حاصل ڪن ٿا، جنهن جو واعدو خدا ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 6:12
36 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ھو چوي ٿو تہ ’آءٌ ابراھيم جو خدا، اسحاق جو خدا ۽ يعقوب جو خدا آھيان.‘ ان جو مطلب آھي تہ ھو مئلن جو خدا نہ پر جيئرن جو خدا آھي.“


تنھن تي سندس مالڪ چيو تہ ’اي بڇڙا ۽ سست نوڪر! جڏھن تو کي اھا بہ خبر ھئي تہ آءٌ اھو لڻندو آھيان جيڪو پوکيندو ئي نہ آھيان ۽ اھو گڏ ڪندو آھيان جيڪو ڇٽيندو ئي نہ آھيان


جڏھن اھو غريب ماڻھو مري ويو تہ ملائڪن کڻي وڃي کيس بھشت ۾ ابراھيم جي پاسي ۾ ويھاريو. شاھوڪار ماڻھو بہ مري ويو ۽ دفن ڪيو ويو.


پر جيڪي ڀليءَ زمين تي ڪريا، سا ڀلي زمين اھي ماڻھو آھن جي ڪلام ٻڌن ٿا ۽ سچيءَ دل ۽ سالم دماغ سان ان کي سانڍين ٿا ۽ صبر سان ڦر جھلين ٿا.“


محنت ۾ سستي نہ ڪريو ۽ روحاني جذبي سان خداوند جي خدمت ڪندا رھو.


جيڪي نيڪي ڪرڻ ۾ ثابت قدم رھندي جلال، عزت ۽ بقا جا طالب آھن، تن کي خدا دائمي زندگي ڏيندو.


ھو انھن جو بہ پيءُ آھي جيڪي طھريل آھن، نہ رڳو انھيءَ لاءِ تہ اُھي طھريل آھن، پر انھيءَ لاءِ بہ تہ اُھي ايمان جي اھڙي زندگي گذارين ٿا جھڙي اسان جي پيءُ ابراھيم طھر کان اڳ واريءَ حالت ۾ گذاري.


اسين پنھنجي خدا ۽ پيءُ جي اڳيان اوھان جي ايمان جي ڪم، محبت واري محنت ۽ انھيءَ صبر کي جيڪو اوھان کي اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح ۾ اميد رکڻ جي ڪري آھي، سدائين ياد پيا ڪريون.


تنھنڪري اسين پاڻ خدا جي ڪليسيائن ۾ اوھان بابت فخر ٿا ڪريون جو جيڪي ظلم ۽ مصيبتون اوھين سھو ٿا، تن سڀني ۾ اوھان جو صبر ۽ ايمان ظاھر ٿو ٿئي.


ڇا اھي سڀ ملائڪ خدمت ڪندڙ روح نہ آھن، جيڪي ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ وارن جي لاءِ موڪليا وڃن ٿا؟


اوھان کي صبر ڪرڻ گھرجي، انھيءَ لاءِ تہ خدا جي مرضي پوري ڪري اوھين اھو ڪجھہ حاصل ڪريو، جنھن جو ھن واعدو ڪيو آھي. جيئن لکيل آھي تہ


انھن ايمان جي ڪري ئي بادشاھتون فتح ڪيون، سچائيءَ جا ڪم ڪيا، واعدي ڪيل شين کي حاصل ڪيو ۽ شينھن جا وات بند ڪيائون.


جڏھن تہ شاھدن جي ھيڏي وڏي ڪڪر اسان جو اچي گھيرو ڪيو آھي، تنھنڪري اچو تہ اسين بہ ھر ھڪ رڪاوٽ ۽ انھيءَ گناھہ کي جيڪو اسان کي آسانيءَ سان منجھائي ٿو، پاسي ڪريون ۽ ثابت⁠قدميءَ سان انھيءَ ڊوڙ ۾ ڊوڙون جيڪا اسان جي اڳيان آھي.


اوھين پنھنجي اڳواڻن کي ياد ڪريو، جن اوھان کي خدا جو ڪلام ٻڌايو. انھن جي زندگي گذارڻ ۽ سندن موت تي غور ڪري انھن جھڙو ايمان ڌاريو.


انھيءَ باري ۾ اسان کي گھڻو ڪجھہ چوڻو آھي، پر اوھان کي سمجھائڻ مشڪل آھي، ڇالاءِ⁠جو اوھين ڪنن کان گھٻرا ٿي پيا آھيو.


اھڙيءَ طرح ابراھيم صبر ڪري اھا واعدي ڪيل برڪت حاصل ڪئي.


ڇالاءِ⁠جو اوھين ڄاڻو ٿا تہ اوھان جي ايمان جي پرک صبر پيدا ڪري ٿي.


تنھنڪري، اي ڀائرو ۽ ڀينرون! پنھنجي ڪوٺ ۽ چونڊ کي يقيني بنائڻ لاءِ زيادہ ڪوشش ڪريو، ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن اوھين ائين ڪندا تہ ڪڏھن بہ ٿاٻو نہ کائيندا.


ھيءُ اُھو واعدو آھي جيڪو مسيح اسان سان ڪيو آھي، يعني دائمي زندگي.


جيڪڏھن ڪو قيد ٿيڻو آھي تہ اھو قيد ۾ ويندو ۽ جيڪڏھن ڪو تلوار سان قتل ٿيڻو آھي تہ اھو تلوار سان قتل ڪيو ويندو. اھو آھي خدا جي قوم جو صبر ۽ ايمان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ