Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 4:7 - Common Language New Testament

7 تنھنڪري گھڻي وقت کان پوءِ خدا وري ھڪڙو خاص ڏينھن مقرر ڪيو جنھن کي ”اڄ“ سڏيو ويو، جڏھن دائود جي وسيلي اڳي وانگر فرمايو ويو تہ ”جيڪڏھن اڄ اوھين ھن جو آواز ٻڌو تہ پنھنجون دليون سخت نہ ڪجو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 تڏهن وري هو هڪڙو خاص ڏينهن ٿو ٺهرائي، ۽ ڪيتري عرصي کانپوءِ دائود جي ڪتاب ۾ انهي کي اڄوڪو ڏينهن ٿو چوي، جيئن ڪ اڳي بہ چيو ويو هو تہ ”اڄ جيڪڏهن اوهين هن جو آواز ٻُڌو تہ پنهنجيون دليون سخت نہ ڪجو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

7 تنهنڪري گھڻي وقت کان پوءِ ايشور وري هڪڙو خاص ڏينهن مقرر ڪيو، جنهن کي دائود جي معرفت پوِتر لکت ۾ ”اڄ“ سڏيائين، جيڪا مون ٿورو اڳ بيان ڪئي آهي تہ ”جيڪڏهن اڄ اوهين مون ايشور جو آواز ٻڌو، تہ پنهنجيون دليون سخت نہ ڪجو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 تنهنڪري گھڻي وقت کان پوءِ خدا وري هڪڙو خاص ڏينهن مقرر ڪيو، جنهن کي دائود جي معرفت پاڪ لکت ۾ ”اڄ“ سڏيائين، جيڪا مون ٿورو اڳ بيان ڪئي آهي تہ ”جيڪڏهن اڄ اوهين مون خدا جو آواز ٻڌو، تہ پنهنجيون دليون سخت نہ ڪجو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 4:7
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنھن تي عيسيٰ چين تہ ”پوءِ ڪيئن دائود پاڪ روح جي ھدايت سان ھن کي ’خداوند‘ ٿو سڏي؟ ڇاڪاڻ⁠تہ دائود پاڻ چيو آھي تہ


دائود تہ پاڻ پاڪ روح جي ھدايت تي چيو ھو تہ ’خداوند منھنجي خداوند کي چيو تہ ”تون منھنجي ساڄي پاسي ويھہ، جيستائين آءٌ تنھنجي دشمنن کي تنھنجي پيرن ھيٺان نہ ڪريان.“‘


ڇاڪاڻ⁠تہ دائود خود زبور ۾ چيو آھي تہ ’خداوند منھنجي خداوند کي چيو تہ ”تون منھنجي ساڄي پاسي ويھہ،


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوھان کي بابي دائود بابت کليو کلايو ٻڌايان ٿو تہ ھو مري ويو ۽ دفن ڪيو ويو ۽ سندس قبر اسان وٽ اڄ تائين موجود آھي.


دائود اڳي ئي ڄاتو پئي تہ خدا ڇا ڪندو، تنھنڪري ھن مسيح جي وري جيئري ٿيڻ بابت پيشنگوئي ڪندي ھيئن چيو تہ ’نڪي ھو عالم ارواح ۾ ڇڏيو ويندو، نڪي سندس جسم ڳري سڙي ويندو.‘


ھو پاڻ ۾ بہ يڪراءِ نہ ٿيا ۽ وڃڻ تي ھئا، تہ پولس ھيءَ ھڪڙي ڳالھہ چين تہ ”پاڪ روح يسعياہ نبيءَ جي معرفت اوھان جي ابن ڏاڏن کي چڱو چيو ھو تہ


جيئن چيو ويو آھي تہ ”جيڪڏھن اڄ اوھين ھن جو آواز ٻڌو، تہ پنھنجون دليون سخت نہ ڪجو، جيئن اوھان چڙ ڏيارڻ واري مھل ڪيو ھو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ