Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 4:3 - Common Language New Testament

3 ھاڻي اسين ايمان آڻيندڙ انھيءَ آرام ۾ داخل ٿا ٿيون، جھڙيءَ طرح خدا فرمايو آھي تہ ”تنھنڪري مون ڪاوڙ ۾ قسم کنيو تہ ’ھو منھنجي آرام ۾ ڪڏھن بہ داخل نہ ٿيندا.‘“ جيتوڻيڪ دنيا جي بنائڻ وقت ھن جا ڪم پورا ٿي چڪا ھئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 ڇالاءِ جو اسان جن ايمان آندو، سي انهي آرام ۾ داخل ٿا ٿيون. جيئن ڪ هن چيو آهي، تہ ”مون پنهنجي ڪاوڙ ۾ قسم کنيو هو تہ هو منهنجي آرام ۾ داخل نہ ٿيندا،“ جيتوڻيڪ جهان جي بنياد کان ئي هن جا ڪم پورا ٿيا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

3 انهن جي ڀيٽ ۾ اسين جيڪي وشواس رکون ٿا، تن کي اهو آرام ملي سگھي ٿو. جيتوڻيڪ ايشور فرمايو هو تہ ”مون ڪاوڙ ۾ قسم کنيو تہ ’هو انهيءَ ملڪ ۾ داخل نہ ٿيندا، جتي آءٌ کين آرام ڏيان ها،‘“ جڏهن تہ سنسار جي بڻائڻ وقت هن اهو آرام تيار ڪري ڇڏيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 انهن جي ڀيٽ ۾ اسين جيڪي اعتبار رکون ٿا، تن کي اهو آرام ملي سگھي ٿو. جيتوڻيڪ خدا فرمايو هو تہ ”مون ڪاوڙ ۾ قسم کنيو تہ ’هو انهيءَ ملڪ ۾ داخل نہ ٿيندا، جتي آءٌ کين آرام ڏيان ها،‘“ جڏهن تہ دنيا جي بڻائڻ وقت هن اهو آرام تيار ڪري ڇڏيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 4:3
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انھيءَ لاءِ تہ جيئن نبيءَ جي معرفت جيڪي چيو ويو ھو سو سچو ثابت ٿئي تہ ”آءٌ مثالن ۾ ڳالھائيندس ۽ اُھي ڳالھيون چوندس، جيڪي دنيا جي شروعات کان وٺي ڳجھيون رکيون ويون آھن.“


پوءِ بادشاھہ پنھ نجي ساڄي پاسي وارن کي چوندو تہ ’اوھين، جيڪي منھنجي پيءُ جي طرفان سڀاڳا آھيو، اچو ۽ بادشاھي وٺو، جيڪا اوھان جي لاءِ دنيا جي خلقڻ کان وٺي تيار ڪئي ويئي آھي.


ڇالاءِ⁠جو خدا جھان بنائڻ کان اڳ ئي مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري اسان کي چونڊيو ھو، تہ جيئن اسين خدا جي آڏو پاڪ ۽ بي⁠عيب ھجون.


تنھنڪري مون ڪاوڙ ۾ قسم کنيو تہ ’ھو منھنجي آرام ۾ ڪڏھن بہ داخل نہ ٿيندا.‘“


ڇالاءِ⁠جو اسين مسيح سان شريڪ ٿيا آھيون، بشرطيڪ اسين پنھنجي شروع واري يقين تي پڇاڙيءَ تائين مضبوطيءَ سان قائم رھون.


⁠نہ⁠تہ جھان جي شروعات کان وٺي ڪيترائي ڀيرا کيس ڏک سھڻو پوي ھا. پر ھاڻي زمانن جي پڇاڙيءَ ۾ ھو ھڪڙو ئي ڀيرو ظاھر ٿيو، انھيءَ لاءِ تہ پاڻ کي قربان ڪرڻ سان گناھہ کي مٽائي ڇڏي.


دنيا جي بنائڻ کان اڳ ۾ ئي مسيح کي چونڊيو ويو ھو. پر ھن آخري زماني ۾ اوھان جي خاطر کيس ظاھر ڪيو ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ