Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 4:11 - Common Language New Testament

11 تنھنڪري اچو تہ اسين انھيءَ آرام ۾ داخل ٿيڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪريون، انھيءَ لاءِ تہ متان ائين نہ ٿئي تہ ڪو انھن وانگر نافرمانيءَ جي ڪري گمراھہ ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 تنهنڪري اچو تہ اسين انهي آرام ۾ داخل ٿيڻ جو سعيو ڪريون تہ ڪوبہ ماڻهو انهن وانگر نافرماني ڪري گمراهہ نہ ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

11 تنهنڪري اچو تہ اسين وڏي جذبي سان انهيءَ آرام کي حاصل ڪريون، انهيءَ لاءِ تہ متان ائين نہ ٿئي جو اسان مان ڪو انهن نافرمانن جي نموني تي هلندي ايشور جي ڏمر هيٺ اچي وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 تنهنڪري اچو تہ اسين وڏي جذبي سان انهيءَ آرام کي حاصل ڪريون، انهيءَ لاءِ تہ متان ائين نہ ٿئي جو اسان مان ڪو انهن نافرمانن جي نموني تي هلندي خدا جي غضب هيٺ اچي وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 4:11
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري کان وٺي ھن وقت تائين آسمان واري بادشاھت تي ڏاڍائي پئي ٿي آھي ۽ ڏاڍا ماڻھو ان کي ڏاڍائيءَ سان ڦٻائين ٿا.


”اوھين سوڙھي دروازي مان اندر داخل ٿيو، ڇالاءِ⁠جو جيڪو دروازو ۽ رستو برباديءَ ڏانھن وڃي ٿو سو ويڪرو ۽ ڪشادو آھي ۽ ان مان اندر گھڙڻ وارا گھڻا ئي آھن.


”سوڙھي دروازي مان اندر گھڙڻ لاءِ دل⁠وجان سان ڪوشش ڪريو، ڇالاءِ⁠جو آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ڪيترائي اندر گھڙڻ جي ڪوشش ڪندا پر گھڙي نہ سگھندا.


”موسيٰ جي شريعت ۽ نبين جا صحيفا، يحيٰ جي وقت تائين ڪارآمد ھئا. تنھن وقت کان وٺي خدا جي بادشاھت جي خوشخبريءَ جي منادي پئي ٿي ۽ ھر ڪو زور ڪري پيو اندر گھڙي.


فاني کاڌي لاءِ محنت نہ ڪريو، بلڪ انھيءَ دائمي کاڌي لاءِ محنت ڪريو، جيڪو ھميشہ واري زندگيءَ تائين ٿو ھلي. اھو کاڌو ابن⁠آدم اوھان کي ڏيندو، ڇاڪاڻ⁠تہ پيءُ يعني خدا ھن کي اختياريءَ جي مُھر ڏني آھي.“


”سو اي بادشاھہ اگرپا! مون جيڪا آسمان مان رويا ڏٺي، تنھن کان منھن نہ موڙيو اٿم.


انھيءَ وقت اوھين دنيا جي دستور موجب ھلندا ھئا ۽ ھوا ۾ اختياري ھلائيندڙ حڪمران، يعني شيطان جا پوئلڳ ھئا. ھيءُ اھو ئي روح آھي، جيڪو ھاڻي انھن ماڻھن تي حڪومت ڪري ٿو جيڪي خدا جا نافرمان آھن.


متان ڪو ماڻھو سکڻيون ڳالھيون ڪري اوھان کي ٺڳي وڃي، ڇالاءِ⁠جو اھڙن گناھن جي ڪري نافرمانن تي خدا جو غضب نازل ٿئي ٿو.


تنھنڪري اي منھنجا پيارا دوستو! جيئن اوھين ھميشہ فرمانبرداري ڪندا آيا آھيو تيئن نہ رڳو منھنجي موجودگيءَ ۾ پر ھاڻي غير موجودگيءَ ۾ اڃا بہ وڌيڪ، انھيءَ ڪم کي ادب ۽ تابعداري ڪندي پورو ڪندا رھو، جيڪو ڇوٽڪاري جي ڪري ڪريو ٿا.


ڇالاءِ⁠جو انھن ڳالھين جي ڪري نافرمانن تي خدا جو غضب نازل ٿئي ٿو.


اھي خدا کي سڃاڻڻ جي دعويٰ تہ ڪن ٿا، پر پنھنجن ڪمن سان انھيءَ جو انڪار ٿا ڪن، ڇالاءِ⁠جو اھي نفرت جوڳا، نافرمان ۽ ڪنھن نيڪ ڪم ڪرڻ جي لائق نہ آھن.


ڇالاءِ⁠جو اسين بہ ڪنھن وقت نادان، نافرمان، گمراھہ ۽ طرح طرح جي نفساني خواھشن ۽ عياشين جا غلام ھئاسين. اسين بغض ۽ حسد جي حالت ۾ گذاريندا ھئاسين، نفرت جي لائق ھئاسين ۽ ھڪٻئي سان بہ نفرت ڪندا ھئاسين.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! خبردار رھجو، متان اوھان مان ڪنھن جي دل بڇڙي ۽ منڪر ٿي زندہ خدا کان ڦري نہ وڃي.


۽ اھي ڪير ھئا جن لاءِ خدا قسم کڻي چيو تہ ”ھو منھنجي آرام ۾ ڪڏھن بہ داخل نہ ٿيندا“؟ ڇا ھو اھي نہ ھئا جن نافرماني ڪئي؟


سو اھا ڳالھہ اڃا باقي آھي تہ ڪي ماڻھو انھيءَ آرام ۾ داخل ٿيندا. پر اھي جن کي پھريائين خوشخبري ٻڌائي ويئي ھئي، سي پنھنجي نافرمانيءَ جي ڪري داخل نہ ٿيا.


اسان جي خواھش آھي تہ اوھان مان ھر ڪو پنھنجيءَ اميد کي يقيني بنائڻ لاءِ پڇاڙيءَ تائين ساڳيءَ طرح ڪوشش ڪندو رھي.


خدا سدوم ۽ عموراہ جي شھرن کي برباديءَ جي سزا ڏيئي ساڙي رک ڪري ڇڏيو، انھيءَ لاءِ تہ اھي ايندڙ زماني جي بدڪارن لاءِ عبرت جو مثال ٿين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ