Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 3:7 - Common Language New Testament

7 جيئن پاڪ روح فرمائي ٿو تہ ”جيڪڏھن اڄ اوھين ھن جو آواز ٻڌو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 تنهنڪري جيئن پاڪ روح فرمائي ٿو، تہ ”جيڪڏهن اڄ اوهين هن جو آواز ٻُڌو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

7 سو اوهان کي ائين ڪرڻ گھرجي جيئن پوِتر آتما فرمائي ٿي تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! اڄ جڏهن اوهين مون ايشور جو آواز ٻڌو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 سو اوهان کي ائين ڪرڻ گھرجي جيئن پاڪ روح فرمائي ٿو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! اڄ جڏهن اوهين مون خدا جو آواز ٻڌو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 3:7
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اڃا ھو ڳالھائي ئي پيو تہ ھڪ تمام اڇي ڪڪر اچي مٿن ڇانوَ ڪئي ۽ ڪڪر مان آواز آيو تہ ”ھي منھنجو پيارو فرزند آھي ۽ ھن مان آءٌ گھڻو خوش آھيان. اوھين ھن جي ڌيان سان ٻڌو.“


تنھن تي عيسيٰ چين تہ ”پوءِ ڪيئن دائود پاڪ روح جي ھدايت سان ھن کي ’خداوند‘ ٿو سڏي؟ ڇاڪاڻ⁠تہ دائود پاڻ چيو آھي تہ


دائود تہ پاڻ پاڪ روح جي ھدايت تي چيو ھو تہ ’خداوند منھنجي خداوند کي چيو تہ ”تون منھنجي ساڄي پاسي ويھہ، جيستائين آءٌ تنھنجي دشمنن کي تنھنجي پيرن ھيٺان نہ ڪريان.“‘


منھنجون ٻيون بہ رڍون آھن جيڪي ھن واڙي جون نہ آھن. انھن کي آڻڻ بہ مون لاءِ ضروري آھي. اھي منھنجو آواز ٻڌنديون ۽ پوءِ ھڪڙو ئي ڌڻ ۽ ھڪڙو ئي ڌنار ٿيندو.


منھنجون رڍون منھنجو آواز ٻڌن ٿيون. آءٌ پنھنجن رڍن کي سڃاڻان ٿو ۽ اھي منھنجي پٺيان ھلن ٿيون.


دربان ھن لاءِ در کولي ٿو ۽ رڍون ھن جو آواز ٻڌن ٿيون. ھو نالو وٺي پنھنجين رڍن کي سڏي ٿو ۽ کين ٻاھر آڻي ٿو.


آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ اھا گھڙي اچي رھي آھي بلڪ اچي پھتي آھي، جڏھن مئل ماڻھو خدا جي فرزند جو آواز ٻڌندا ۽ جيڪي ٻڌندا سي جيئرا ٿيندا.


”اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! انھيءَ پاڪ لکت جو سچو ثابت ٿيڻ ضروري ھو، جنھن ۾ پاڪ روح دائود جي معرفت اڳي ئي يھوداہ بابت ٻڌائي ڇڏيو ھو، جيڪو عيسيٰ کي پڪڙڻ وارن جي رھنمائي ڪندڙ ھو.


ھو پاڻ ۾ بہ يڪراءِ نہ ٿيا ۽ وڃڻ تي ھئا، تہ پولس ھيءَ ھڪڙي ڳالھہ چين تہ ”پاڪ روح يسعياہ نبيءَ جي معرفت اوھان جي ابن ڏاڏن کي چڱو چيو ھو تہ


پاڪ روح فلپس کي چيو تہ ”ويجھو وڃي انھيءَ گاڏيءَ سان گڏج.“


پاڪ روح بہ انھيءَ باري ۾ اسان کي شاھدي ڏيئي چوي ٿو تہ


پر اوھين جيسين اڄوڪو ڏينھن چوڻ ۾ اچي ٿو، تيسين ھر روز ھڪ ٻئي کي ھمتائيندا رھجو، انھيءَ لاءِ تہ متان اوھان مان ڪو گناھہ جي فريب ۾ اچي سخت⁠دل نہ ٿي پوي.


جيئن چيو ويو آھي تہ ”جيڪڏھن اڄ اوھين ھن جو آواز ٻڌو، تہ پنھنجون دليون سخت نہ ڪجو، جيئن اوھان چڙ ڏيارڻ واري مھل ڪيو ھو.“


تنھنڪري گھڻي وقت کان پوءِ خدا وري ھڪڙو خاص ڏينھن مقرر ڪيو جنھن کي ”اڄ“ سڏيو ويو، جڏھن دائود جي وسيلي اڳي وانگر فرمايو ويو تہ ”جيڪڏھن اڄ اوھين ھن جو آواز ٻڌو تہ پنھنجون دليون سخت نہ ڪجو.“


انھيءَ مان پاڪ روح ھي اشارو ٿو ڏئي تہ جيستائين مقدس خيمي جو پھريون ڪمرو بيٺو آھي، تيستائين مقدس ترين جاءِ جو رستو کليل نہ آھي.


ڇالاءِ⁠جو نبين جي ڪابہ ڳالھہ ڪڏھن بہ انسان جي پنھنجي مرضيءَ موجب ڪانہ ٿي، بلڪ ماڻھو پاڪ روح جي رھنمائيءَ سان خدا جي طرفان ڳالھائيندا ھئا.


ڏسو، آءٌ دروازي وٽ بيھي کڙڪايان ٿو، جيڪڏھن ڪو ماڻھو منھنجو آواز ٻڌي دروازو کوليندو تہ آءٌ اندر لنگھي ايندس ۽ انھيءَ سان گڏ ماني کائيندس ۽ اھو مون سان گڏ کائيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ