Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 3:3 - Common Language New Testament

3 جيئن ڪنھن گھر جو جوڙيندڙ انھيءَ گھر کان وڌيڪ عزت وارو ٿئي ٿو، تيئن عيسيٰ بہ موسيٰ کان وڌيڪ عزت جي لائق ليکيو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 تنهن هوندي بہ يسوع هن کان ايتري قدر زيادہ جلال جي لائق ليکيو ويو، جيتري قدر ڪنهن گهر جو جوڙيندڙ انهي گهر کان زيادہ عزت وارو ليکبو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

3 پر يسوع موسيٰ کان ايتري قدر وڌيڪ مهانتا جي لائق ليکيو ويو، جيتري قدر ڪنهن گھر جو جوڙيندڙ انهيءَ گھر کان وڌيڪ مانوارو ٿئي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 پر عيسيٰ موسيٰ کان ايتري قدر وڌيڪ عظمت جي لائق ليکيو ويو، جيتري قدر ڪنهن گھر جو جوڙيندڙ انهيءَ گھر کان وڌيڪ عزت وارو ٿئي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 3:3
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ بہ تو کي چوان ٿو تہ تون ٽڪر آھين ۽ ان ٽڪر تي آءٌ پنھنجي ڪليسيا اڏيندس جيڪا موت جي طاقت تي غالب پوندي.


ڇالاءِ⁠جو اسين خدا سان گڏ ڪم ڪندڙ آھيون ۽ اوھين خدا جي پوک ۽ خدا جي عمارت آھيو.


ھاڻي موت وارو اھو عھد جيڪو پٿرن تي اُڪريل ھو، سو اھڙي تہ جلوي وارو ٿيو جو بني اسرائيل موسيٰ جي چمڪندڙ منھن ڏانھن غور سان نھاري نہ ٿي سگھيا، جيتوڻيڪ اھو جلوو جھڪو ٿيندو ٿي ويو.


اھو ئي بدن، يعني ڪليسيا جو سر آھي. اھو ئي منڍ آھي ۽ اھو ئي پھريون شخص آھي جيڪو مئلن منجھان جي اٿيو آھي، انھيءَ لاءِ تہ سڀني ڳالھين ۾ ھن کي اول درجو ھجي.


مگر اسين عيسيٰ کي ڏسون ٿا، جنھن کي موت سھڻ ڪري عزت ۽ عظمت وارو تاج پارايو ويو آھي. ھن کي ملائڪن کان انھيءَ ڪري ٿورڙو گھٽ ڪيو ويو ھو، تہ جيئن ھو خدا جي فضل سان ھر انسان لاءِ موت جو مزو چکي.


ڇالاءِ⁠جو ھر گھر جو ڪو نہ ڪو جوڙيندڙ ھوندو آھي، پر جنھن سڀ ڪجھہ بڻايو سو خدا ئي آھي.


پر مسيح فرزند جي حيثيت ۾ خدا جي گھر جو مختيار ھوندي وفادار رھيو. ھاڻي خدا جو گھراڻو اسين آھيون، بشرطيڪ اسين پنھنجيءَ ھمت ۽ انھيءَ اميد تي قائم رھون، جنھن تي اسان کي فخر آھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ