Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 3:19 - Common Language New Testament

19 اھڙيءَ طرح اسين ڏسون ٿا تہ اھي ايمان نہ آڻڻ جي ڪري داخل ٿي نہ سگھيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 سو اسين ڏسون ٿا تہ هو ايمان نہ آڻڻ جي ڪري داخل نہ ٿي سگهيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

19 انهيءَ مان اسين ڏسون ٿا تہ بي‌اعتباريءَ جي ڪري اهي بني اسرائيل وارا انهيءَ ملڪ ۾ داخل ٿي نہ سگھيا جتي کين آرام ملي ها.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 انهيءَ مان اسين ڏسون ٿا تہ بي‌اعتباريءَ جي ڪري اهي بني اسرائيل وارا انهيءَ ملڪ ۾ داخل ٿي نہ سگھيا جتي کين آرام ملي ها.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 3:19
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪوبہ ايمان آڻيندو ۽ بپتسما وٺندو سو ڇوٽڪارو حاصل ڪندو ۽ جيڪوبہ ايمان نہ آڻيندو سو ڏوھاري ٿيندو.


جيڪو بہ مٿس ايمان آڻي ٿو تنھن کي سزا نہ ٿي ملي، پر جيڪو ايمان نہ ٿو آڻي تنھن کي تہ سزا اڳي ئي ملي چڪي آھي، ڇالاءِ⁠جو ھن خدا جي اڪيلي فرزند تي ايمان نہ آندو.


جيڪو بہ فرزند تي ايمان آڻي ٿو تنھن کي دائمي زندگي مليل آھي. پر جيڪو فرزند کي قبول نہ ٿو ڪري تنھن کي اھا زندگي ڪڏھن بہ نہ ملندي، اٽلندو خدا جو غضب مٿس رھي ٿو.


يھودي بہ جيڪڏھن وري ايمان آڻيندا تہ انھن کي بہ پيوند ڪيو ويندو، ڇالاءِ⁠جو خدا انھن کي وري پيوند ڪرڻ جي طاقت رکي ٿو.


انھيءَ لاءِ تہ جيڪي سچ تي ايمان نہ ٿا آڻين ۽ بڇڙائيءَ ۾ خوش ٿا رھن، تن سڀني کي ڏوھي ٺھرايو وڃي.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! خبردار رھجو، متان اوھان مان ڪنھن جي دل بڇڙي ۽ منڪر ٿي زندہ خدا کان ڦري نہ وڃي.


جيڪو خدا جي فرزند تي ايمان آڻي ٿو، تنھن جي دل ۾ اھا شاھدي موجود آھي. جيڪو خدا تي ايمان نہ ٿو آڻي سو کيس ڪوڙو ٿو ڪري، ڇالاءِ⁠جو ھن انھيءَ شاھديءَ تي ايمان نہ آندو آھي، جيڪا خدا پنھنجي فرزند جي حق ۾ ڏني آھي.


جيتوڻيڪ اوھين اڳي ئي اھو سڀ ڄاڻو ٿا، تنھن ھوندي بہ آءٌ اوھان کي ياد ڏيارڻ ٿو چاھيان تہ ڪيئن خداوند ھڪ قوم کي مصر ملڪ مان بچائي ورتو ۽ پوءِ وري جن ايمان نہ آندو تن کي تباھہ ڪيائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ