Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 3:14 - Common Language New Testament

14 ڇالاءِ⁠جو اسين مسيح سان شريڪ ٿيا آھيون، بشرطيڪ اسين پنھنجي شروع واري يقين تي پڇاڙيءَ تائين مضبوطيءَ سان قائم رھون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 ڇالاءِ جو اسين مسيح ۾ شريڪ ٿيا آهيون، بشرطيڪ جيڪو يقين اسان کي شروع ۾ هو، تنهن تي توڙ تائين وفاداريءَ سان قائم رهندا اچون؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

14 انهيءَ جو سبب هي آهي تہ اسين مسيح جا ساٿي ٿي ويا آهيون، بشرطيڪ اسين پنهنجي شروع واري اعتماد تي پڇاڙيءَ تائين مضبوطيءَ سان قائم رهون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 انهيءَ جو سبب هي آهي تہ اسين مسيح جا ساٿي ٿي ويا آهيون، بشرطيڪ اسين پنهنجي شروع واري اعتماد تي پڇاڙيءَ تائين مضبوطيءَ سان قائم رهون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 3:14
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوکيل زيتون جون ڪي ٽاريون ڀڄي پيون ۽ اوھين غير قوم ھڪ جھنگلي زيتون جي ٽارين وانگر ساڻس پيوند ڪيا ويا، ھاڻي اوھين ان ساڳئي پوکيل زيتون جي پاڙ مان سڻڀي رس حاصل ڪريو ٿا.


ڏسو، خدا ڪيڏو نہ مھربان ۽ سخت آھي. ھو انھن تي سخت آھي جيڪي گمراھہ ٿيا. پر اوھان تي ايستائين مھربان آھي جيستائين اوھين سندس مھربانيءَ تي قائم رھندا. پر جيڪڏھن اوھين قائم نہ رھندا تہ اوھين بہ ڀڳل ٽارين وانگر ٿيندا.


پر خدا اوھان کي عيسيٰ مسيح سان گڏي ھڪ ڪري ڇڏيو آھي ۽ کيس اسان لاءِ حڪمت يعني سچائي، پاڪائي ۽ ڇوٽڪارو بڻايو اٿائين.


جيئن تہ ماني ھڪڙي آھي، تيئن جيتوڻيڪ، اسين گھڻا آھيون تہ بہ ھڪڙو بدن آھيون، ڇالاءِ⁠جو اسين سڀيئي انھيءَ ھڪڙيءَ مانيءَ ۾ شريڪ ٿا ٿيون.


اھو سڀ ڪجھہ آءٌ خوشخبريءَ جي خاطر ٿو ڪريان تہ جيئن انھيءَ جي بخشش ۾ حصيدار ٿيان.


اھو راز ھي آھي تہ غير قومون عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري خوشخبريءَ جي وسيلي يھودين سان گڏ خدا جي ميراث ۾ شريڪ آھن، ھڪ ئي بدن جا عضوا آھن ۽ خدا جي واعدي ۾ حصيدار آھن.


جن جا مالڪ ايمان وارا آھن سي انھن مالڪن کي حقير نہ سمجھن، ڇوجو اھي سندن ھم⁠ايمان آھن. ان جي بدران اھي مالڪن جي بھتر خدمت ڪن، ڇالاءِ⁠جو جن کي انھن جي خدمت جو فائدو ٿو ملي سي ايمان وارا ۽ سندن پيارا آھن. انھن ڳالھين جي تون تعليم ڏي ۽ نصيحت ڪر.


ايمان مان مراد آھي انھن شين جي ملڻ جي خاطري، جن جي اميد ڪئي اٿئون ۽ انھن شين تي يقين، جيڪي نہ ڏٺيون اٿئون.


اسان جا جسماني پيئر ٿورن ڏينھن جي لاءِ جيئن مناسب سمجھندا ھئا تيئن اسان کي سيکت ڏيندا ھئا، پر خدا اسان جي ڀلائيءَ جي لاءِ اسان کي سيکت ٿو ڏئي، تہ جيئن اسين سندس پاڪائيءَ ۾ شامل ٿيون.


تنھنڪري اي پاڪ ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪي آسماني ڪوٺ ۾ شريڪ آھيو، اوھين انھيءَ رسول ۽ وڏي سردار ڪاھن عيسيٰ تي غور ڪريو، جنھن کي اسين مڃون ٿا.


پر مسيح فرزند جي حيثيت ۾ خدا جي گھر جو مختيار ھوندي وفادار رھيو. ھاڻي خدا جو گھراڻو اسين آھيون، بشرطيڪ اسين پنھنجيءَ ھمت ۽ انھيءَ اميد تي قائم رھون، جنھن تي اسان کي فخر آھي.


اسان جي خواھش آھي تہ اوھان مان ھر ڪو پنھنجيءَ اميد کي يقيني بنائڻ لاءِ پڇاڙيءَ تائين ساڳيءَ طرح ڪوشش ڪندو رھي.


سو انھن جي حال تي غور ڪريو جيڪي ھڪ ئي دفعي روشن دل ٿيا آھن، جن آسمان واري بخشش جو سواد چکيو آھي ۽ جيڪي پاڪ روح جي برڪت ۾ شريڪ ٿيا آھن


پر جيئن جيئن اوھين مسيح جي ڏکن ۾ شريڪ ٿا ٿيو تيئن تيئن خوشي ڪريو، انھيءَ لاءِ تہ جڏھن سندس جلال ظاھر ٿئي تڏھن اوھين ڏاڍا خوش ۽ سرھا ھجو.


اوھان ۾ جيڪي بزرگ آھن تن کي آءٌ، جيڪو انھن بزرگن مان ھڪڙو مسيح جي ڏکن جو شاھد ۽ سندس جيڪو جلال ظاھر ٿيڻ وارو آھي، تنھن ۾ پڻ شريڪ آھيان ، سو نصيحت ٿو ڪريان تہ


جيڪي⁠بہ اسان ڏٺو ۽ ٻڌو آھي، سو اوھان کي ٻڌايون ٿا تہ جيئن اوھين اسان سان انھيءَ صحبت ۾ شامل ٿيو، جيڪا اسان کي پيءُ ۽ سندس فرزند عيسيٰ مسيح سان آھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ