Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 13:5 - Common Language New Testament

5 پيسي سان پيار نہ رکو، جيڪي اوھان وٽ آھي تنھن تي راضي رھو. ڇالاءِ⁠جو خدا پاڻ چيو آھي تہ ”آءٌ تو کي ڪڏھن بہ ڇڏي نہ ڏيندس، ۽ نڪي ڪڏھن تو کي وساريندس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 پيسي جي پيار کان اوهين آزاد رهو؛ جيڪي اوهان وٽ آهي تنهن تي راضي رهو: ڇالاءِ جو هن پاڻ چيو آهي تہ ”آئون توکي ڪنهن بہ طرح ڇڏي ڪين ڏيندس، نڪي آئون ڪڏهن توکي وساريندس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

5 پئسي سان پيار نہ رکو. جيڪي اوهان وٽ آهي تنهن تي راضي رهو، ڇاڪاڻ تہ ايشور پاڻ فرمايو آهي تہ ”آءٌ هميشہ تو ساڻ آهيان. آءٌ تو کي ڪڏهن بہ ڇڏي نہ ڏيندس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 پئسي سان پيار نہ رکو. جيڪي اوهان وٽ آهي تنهن تي راضي رهو، ڇاڪاڻ تہ خدا پاڻ فرمايو آهي تہ ”آءٌ هميشہ تو ساڻ آهيان. آءٌ تو کي ڪڏهن بہ ڇڏي نہ ڏيندس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 13:5
46 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”اوھين پنھنجي لاءِ خزانو ھن دنيا ۾ گڏ نہ ڪريو، جتي ڪينئان ۽ ڪٽ ان کي تباھہ ڪن ٿا ۽ چور کاٽ ھڻي چوري ڪن ٿا.


تنھنڪري آءٌ اوھان کي چوان ٿو تہ پنھنجي جان لاءِ ڳڻتي نہ ڪريو تہ ڇا کائينداسين يا ڇا پيئنداسين ۽ نہ پنھنجي جسم لاءِ تہ ڇا پھرينداسين؟ ڇا جان کاڌي کان ۽ جسم ڪپڙن کان وڌيڪ نہ آھي؟


سو اوھين سڀاڻي جي ڳڻتي نہ ڪريو، ڇالاءِ⁠جو سڀاڻو پنھنجي لاءِ پاڻ ئي ڳڻتي ڪندو. اڄ جي لاءِ اڄ جو ڏک ئي ڪافي آھي.“


زناڪاري، لالچ، بڇڙائي، ٺڳي، ڇڙواڳي، ڪينو، گلاخوري، مغروري ۽ بيوقوفي.


سپاھين بہ پڇيس تہ ”ڀلا اسان کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟“ تن کي چيائين تہ ”ڪنھن کي دٻائي ڌمڪائي زوريءَ پيسا نہ وٺو، پر پنھنجي پگھار مان پورت ڪريو.“


جيڪي ڪانڊيرن ۾ ڪريا سي ڪانڊيرا اھي ماڻھو آھن، جي ٻڌن تہ ٿا پر ھلندي ھلندي حياتيءَ جي ڳڻتين، دولت ۽ عيش عشرت ۾ ڦاسجي ٿا پون ۽ سندن ڦر پچي ئي ڪونہ ٿو.


ھو ھر طرح جي بڇڙائي، بدي، لالچ، بدنيتي، ريس، خون، جھيڙي، ٺڳي ۽ ساڙ سان ڀرجي ويا. ھو چغلخور،


دراصل مون اوھان ڏانھن اھو لکيو ھو تہ جيڪڏھن ڪو ايمان آڻيندڙ سڏائي پر ھجي زناڪار، يا لالچي يا بت⁠پرست يا گاريل، يا شرابي يا دغاباز، تہ انھيءَ سان صحبت نہ رکجو، بلڪ اھڙي سان گڏ کاڌو بہ نہ کائجو.


نڪي چور، نڪي لالچي، نڪي شرابي، نڪي گاريل ۽ نڪي دغاباز خدا جي بادشاھت ۾ داخل ٿيندا.


ستايل آھيون پر اڪيلا نہ ٿا ڇڏيا وڃون، ڪيرايل آھيون تڏھن بہ ناس نہ ٿيا آھيون.


پر زناڪاري ۽ ڪنھن بہ قسم جي ناپاڪي يا لالچ جو نالو بہ اوھان ۾ نہ ھئڻ کپي، ڇالاءِ⁠جو خدا وارن لاءِ اھو مناسب نہ آھي.


اوھين پڪ ڄاڻو تہ ڪوبہ زناڪار يا ناپاڪ يا لالچي ماڻھو جيڪو حقيقت ۾ بت⁠پرست آھي، تنھن جو مسيح ۽ خدا جي بادشاھيءَ ۾ ڪوبہ ورثو ڪونھي.


تنھنڪري اوھين پنھنجين انھن عادتن کي ماري ڇڏيو جيڪي زمين تي آھن، يعني زناڪاري، ناپاڪي، شھوت⁠پرستي، بريون خواھشون ۽ لالچ، جيڪا بت⁠پرستيءَ جي برابر آھي.


ھو شرابي نہ ھجي، نہ ئي مار ڪٽ ڪندڙ، بلڪ حليم ھجي. جھيڙو ڪندڙ يا پيسي جو لالچي نہ ھجي.


انھن جي اکين مان زناڪاري پيئي ظاھر ٿئي ۽ گناھہ ڪرڻ کان بس نہ ٿا ڪن. جيڪي ماڻھو ثابت⁠قدم نہ آھن، تن کي ھو ڦاسايو ٿا وٺن. اھي لالچ جا ماھر ۽ لعنتي ٻار آھن.


اھي لالچ جي ڪري بناوٽي ڳالھيون ٺاھي اوھان مان ناجائز فائدو حاصل ڪندا. گھڻو وقت اڳي انھن تي جنھن سزا جو حڪم ٿي چڪو ھو، تنھن جي اچڻ ۾ دير ڪانھي ۽ سندن بربادي ويجھي آھي.


افسوس آھي انھن تي! ڇالاءِ⁠جو ھو قابيل جي واٽ تي ھليا، نفعي جي خاطر بلعام جھڙي گمراھيءَ ۾ ڪاھي پيا ۽ قوراہ وانگر بغاوت ڪري برباد ٿيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ