Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 13:3 - Common Language New Testament

3 قيدين کي ياد رکو جو ڄڻ تہ اوھين بہ انھن سان گڏ قيد ۾ آھيو. جن سان بدسلوڪي ڪئي وڃي ٿي تن کي بہ ياد ڪريو، جو ڄڻ تہ اوھين بہ انھن سان گڏ ڏک سھو ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 قيدين کي اهڙيءَ طرح ياد ڪريو جو ڄڻ تہ اوهين بہ انهن سان قيد ۾ آهيو؛ ۽ جن سان بدسلوڪي ڪرڻ ۾ ٿي اچي، تن کي بہ ياد ڪريو ۽ سمجهو تہ اوهان کي بہ انهن جهڙو جسم آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

3 قيدين کي ياد رکندي سندن ائين سار سنڀال لهو جو ڄڻ تہ اوهين بہ انهن سان گڏ قيد ۾ آهيو. جن سان بدسلوڪي ڪئي وڃي ٿي تن کي بہ ائين ياد رکو، جو ڄڻ تہ اوهين پاڻ بہ انهن سان گڏ بدسلوڪي سهو ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 قيدين کي ياد رکندي سندن ائين سار سنڀال لهو جو ڄڻ تہ اوهين بہ انهن سان گڏ قيد ۾ آهيو. جن سان بدسلوڪي ڪئي وڃي ٿي تن کي بہ ائين ياد رکو، جو ڄڻ تہ اوهين پاڻ بہ انهن سان گڏ بدسلوڪي سهو ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 13:3
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ اگھاڙو ھوس تہ اوھان مون کي ڪپڙا ڍڪايا، آءٌ بيمار ھوس تہ اوھان منھنجي تيمارداري ڪئي، آءٌ قيد ۾ ھوس تہ اوھان منھنجي ملاقات ڪئي.‘


جڏھن آءٌ پرديسي ھوس تہ اوھان مون کي پنھنجي گھر ۾ نہ ٽڪايو، آءٌ اگھاڙو ھوس تہ اوھان مون کي ڪپڙا نہ ڍڪايا، آءٌ بيمار ۽ قيد ۾ ھوس تہ اوھان منھنجي تيمارداري نہ ڪئي.‘


ھن پولس جي نگھبان صوبيدار کي حڪم ڏنو تہ ”ھن کي وڃي نظربند ڪريو، پر کيس ڪجھہ آزادي ڏجو ۽ جيڪڏھن ھن جي دوستن مان ڪو سندس خدمت ڪرڻ گھري تہ کيس نہ روڪجو.“


ٻئي ڏينھن تي اسين صيدا ۾ پھتاسين. اتي يوليس پولس تي اھا مھرباني ڪئي جو کيس موڪل ڏنائين تہ ھو ڀلي پنھنجن دوستن وٽ وڃي ۽ جيڪي گھرجيس سو ڀلي انھن کان وٺي.


جيڪي خوشي ڪن تن سان خوشي ڪريو ۽ جيڪي روئن تن سان گڏجي روئو.


جيڪڏھن ھڪڙي عضوي کي ڏک رسي ٿو تہ سڀني عضون کي انھيءَ سان گڏ ڏک ٿو رسي. پر جيڪڏھن ھڪڙي عضوي جي خاص عزت ٿئي ٿي تہ انھيءَ سان گڏجي سڀ خوشي ڪن ٿا.


تنھنڪري آءٌ، جيڪو خداوند جي خاطر قيدي آھيان، اوھان کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ جنھن مقصد لاءِ خدا اوھان کي سڏيو آھي انھيءَ جي لائق زندگي گذاريو.


آءٌ پولس، ھاڻي پنھنجي ھٿ سان ھي سلام لکي رھيو آھيان. منھنجي قيد جي زنجيرن کي ياد رکجو. شل اوھان تي فضل ٿيندو رھي.


جيڪي قيد ۾ ھئا، تن سان اوھان ھمدردي ڪئي ۽ پنھنجي مال ملڪيت جو لٽجي وڃڻ بہ خوشيءَ سان قبول ڪيو. ڇالاءِ⁠جو اوھان کي خبر ھئي تہ اوھان وٽ بھتر ۽ پائدار ملڪيت موجود آھي.


ھو سنگسار ڪيا ويا، ڪرٽ سان چيريا ويا، تلوار سان قتل ڪيا ويا ۽ آزمايا ويا. ھو رڍن ۽ ٻڪرين جون کلون پائي محتاجيءَ، مصيبت ۽ بدسلوڪيءَ جي حالت ۾ ڀٽڪندا رھيا.


مطلب تہ اوھين سڀيئي پاڻ ۾ ھڪ دل ٿي گذاريو ۽ ھمدرد ٿيو. ھڪ ٻئي کي ڀائر سمجھي پيار ڪريو، نرم دل ۽ نماڻي طبيعت وارا ٿيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ