Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 13:13 - Common Language New Testament

13 تنھنڪري اچو تہ اسين سندس خواري پاڻ تي کڻي خيمي⁠گاھہ کان ٻاھر ھن وٽ ھلون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 انهي ڪري اچو تہ اسين بہ هن جي خواري پاڻ تي کڻي منزلگاهہ کان ٻاهر هن وٽ هلون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

13 سو اچو تہ اسين سندس خواري پاڻ تي کڻي خيمي‌گاهہ کان ٻاهر هن وٽ هلون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 سو اچو تہ اسين سندس خواري پاڻ تي کڻي خيمي‌گاهہ کان ٻاهر هن وٽ هلون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 13:13
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ عيسيٰ پنھنجن شاگردن کي چيو تہ ”جيڪڏھن ڪو منھنجي پٺيان ھلڻ گھري تہ ھو پنھنجي خوديءَ کي ماري ۽ پنھنجو صليب کڻي منھنجي پٺيان ھلي.


جڏھن ھو وڃن پيا تہ انھن کي ڪرين شھر جو ھڪڙو ماڻھو مليو جنھن جو نالو شمعون ھو. انھيءَ تي ھنن زور رکيو تہ ھو عيسيٰ جو صليب کڻي ھلي.


سڀاڳا آھيو اوھين، جو ماڻھو منھنجي ڪري اوھان جي بي⁠عزتي ڪن، اوھان کي ستائين ۽ اوھان تي ھر قسم جون تھمتون ھڻن،


سڀاڳا آھيو اوھين، جڏھن ماڻھو ابن⁠آدم جي ڪري توھان کي ڌڪاريندا، ناتا ٽوڙيندا، ڦٽ لعنت ڪندا ۽ ائين بہ چوندا تہ اوھين بڇڙا آھيو.


پوءِ سڀني کي چيائين تہ ”جيڪو منھنجي پٺيان اچڻ گھري، سو پنھنجي خوديءَ کي ماري ۽ روزانو پنھنجو صليب کڻي منھنجي پٺيان ھلي.


رسول ڪائونسل مان خوشيون ڪندي نڪتا جو خدا کين انھيءَ لائق بڻايو تہ عيسيٰ جي نالي جي ڪري سندن بي⁠عزتي ٿي.


سو آءٌ مسيح جي خاطر ڪمزورين ۾، بي⁠عزتين ۾، گھُرجن ۾، مشڪلاتن ۾ ۽ ستائجڻ ۾ خوش ٿو رھان. ڇالاءِ⁠جو جڏھن آءٌ ڪمزور ھوندو آھيان تڏھن آءٌ طاقتور ھوندو آھيان.


ھن مسيح جي خاطر بي⁠عزت ٿيڻ کي مصر جي خزانن کان وڏي دولت سمجھيو، ڇالاءِ⁠جو ھن جي نظر ملڻ واري اجر تي ھئي.


اچو تہ اسين عيسيٰ ڏانھن نھاريندا رھون، جيڪو اسان جي ايمان جو باني ۽ ڪامل ڪندڙ آھي. ھن انھيءَ خوشيءَ جي خاطر جيڪا بعد ۾ کيس ملڻي ھئي، شرمندگيءَ جي پرواھہ نہ ڪري صليب جو ڏک سٺو ۽ خدا جي تخت جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.


انھيءَ تي غور ڪريو، جنھن گنھگارن جي طرفان ايتري مخالفت برداشت ڪئي، تان تہ اوھين بيزار ٿي ھمت نہ ھاريو.


اوھان گناھہ جي خلاف وڙھڻ ۾ اڃا تائين اھڙو مقابلو نہ ڪيو آھي جو اوھان جو رت وھايو ويو ھجي.


انھن کي عجب ٿو لڳي تہ ھاڻي اوھين سندن اھڙي سخت بدچاليءَ جي ڊوڙ ۾ ساڻن شامل ڇو نہ ٿا ٿيو، تنھنڪري ھو اوھان جي گلا ٿا ڪن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ