Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 12:16 - Common Language New Testament

16 خيال رکو تہ متان ڪو زناڪار يا عيسوءَ وانگر بي⁠دين نہ ٿئي، جنھن ھڪڙي وقت جي کاڌي جي عيوض پنھنجي پھريتي ٿيڻ جو حق وڪڻي ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 متان ڪو زناڪار يا عيسوءَ جهڙو بي دين ماڻهو ٿئي، جنهن هڪڙي وقت جي کاڌي لاءِ پنهنجي پهريتي جو حق وڪڻي ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

16 خيال رکو تہ متان ڪو زناڪار يا عيسوءَ وانگر ايشور جي ڳالهين کي خسيس ڄاڻيندڙ نہ ٿئي، جنهن هڪڙي وقت جي کاڌي جي عيوض پنهنجي پهريتي هجڻ جو حق وڪڻي ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 خيال رکو تہ متان ڪو زناڪار يا عيسوءَ وانگر خدا جي ڳالهين کي حقير ڄاڻيندڙ نہ ٿئي، جنهن هڪڙي وقت جي کاڌي جي عيوض پنهنجي پهريتي هجڻ جو حق وڪڻي ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 12:16
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ⁠جو انسان جي دل مان بڇڙا خيال ٿا نڪرن، جھڙوڪ: حرامڪاري، چوري، خون،


پر انھيءَ جي بجاءِ اسين کين لکي موڪليون تہ جيڪي شيون بتن تي چاڙھيون ويون آھن سي ھو نہ کائين، نڪي زنا ڪن ۽ نہ وري گھُٽي ماريل جانور ۽ رت ئي کائين.


جھڙوڪ: اھو کاڌو نہ کائو جيڪو بتن تي چاڙھيو ويو ھجي، رت ۽ انھيءَ جانور جو گوشت نہ کائو جنھن کي گھٽي ماريو ويو ھجي ۽ زنا کان پري ڀڄو. جيڪڏھن اوھين انھن ڳالھين کان پاسو ڪندا تہ اھا اوھان لاءِ چڱي ڳالھہ آھي. شال سدائين سلامت رھو.“


نڪي اسان کي حرامڪاري ڪرڻ گھرجي، جيئن انھن مان ڪن ماڻھن ڪئي ۽ ھڪڙي ئي ڏينھن ۾ ٽيويھہ ھزار ڪِري مري ويا.


آءٌ ڊڄان ٿو تہ جڏھن آءٌ وري اوھان وٽ اچان تہ متان منھنجو خدا مون کي اوھان جي اڳيان شرمندو ڪري. متان مون کي اھڙن گھڻن ماڻھن جي ڪري افسوس ڪرڻو پوي جن ھيستائين ناپاڪيءَ، زناڪاريءَ ۽ فحاشيءَ وارا ڪم ڪري گناھہ پئي ڪيا آھن ۽ انھن کان توبھہ نہ ڪئي اٿن.


پر زناڪاري ۽ ڪنھن بہ قسم جي ناپاڪي يا لالچ جو نالو بہ اوھان ۾ نہ ھئڻ کپي، ڇالاءِ⁠جو خدا وارن لاءِ اھو مناسب نہ آھي.


اوھين پڪ ڄاڻو تہ ڪوبہ زناڪار يا ناپاڪ يا لالچي ماڻھو جيڪو حقيقت ۾ بت⁠پرست آھي، تنھن جو مسيح ۽ خدا جي بادشاھيءَ ۾ ڪوبہ ورثو ڪونھي.


تنھنڪري اوھين پنھنجين انھن عادتن کي ماري ڇڏيو جيڪي زمين تي آھن، يعني زناڪاري، ناپاڪي، شھوت⁠پرستي، بريون خواھشون ۽ لالچ، جيڪا بت⁠پرستيءَ جي برابر آھي.


اسين ھي بہ ڄاڻون ٿا تہ شريعت نيڪ ماڻھن لاءِ نہ ٺھي آھي. پر اھا نافرمانن ۽ فسادين، بدڪارن ۽ گنھگارن، ناپاڪن ۽ ڪفر بڪندڙن لاءِ ۽ انھن لاءِ ٺھي آھي جيڪي پيءُ ۽ ماءُ جا قاتل آھن ۽ جيڪي خوني آھن.


سڀني ماڻھن جي نظر ۾ شادي عزت جي ڳالھہ ھئڻ کپي ۽ زال مڙس کي ھڪ ٻئي سان وفادار ھئڻ گھرجي، ڇالاءِ⁠جو خدا زناڪارن ۽ حرامڪارن کي سزا ڏيندو.


پر جيڪي ڊڄڻا، بي⁠ايمان، ناپاڪ، قاتل، زناڪار، جادوگر، بت⁠پرست ۽ ڪوڙا آھن، تن سڀني جي جاءِ انھيءَ ڍنڍ ۾ ٿيندي، جيڪا باھہ ۽ گندرف سان پيئي ٻري. اھو ئي ٻيو موت آھي.“


پر ڪتا، جادوگر، زناڪار، قاتل، بت⁠پرست، ڪوڙ کي پسند ڪندڙ ۽ ڪوڙ ڳالھائيندڙ شھر کان ٻاھر ھوندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ