Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 12:1 - Common Language New Testament

1 جڏھن تہ شاھدن جي ھيڏي وڏي ڪڪر اسان جو اچي گھيرو ڪيو آھي، تنھنڪري اچو تہ اسين بہ ھر ھڪ رڪاوٽ ۽ انھيءَ گناھہ کي جيڪو اسان کي آسانيءَ سان منجھائي ٿو، پاسي ڪريون ۽ ثابت⁠قدميءَ سان انھيءَ ڊوڙ ۾ ڊوڙون جيڪا اسان جي اڳيان آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 تنهنڪري جڏهن شاهدن جو هيڏو وڏو بادل اسان جي چوڌاري بيٺل آهي، تڏهن اچو تہ اسين بہ سڀڪو بار ۽ گناهہ، جو اسان کي آسانيءَ سان چنبڙيو پوي، تنهن کان پاسو ڪريون، ۽ صبر سان اُها ڊوڙ ڊوڙون، جا اسان جي لاءِ مقرر ڪئي ويئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 جيئن تہ اسين بيان ڪيل شاهدن جي ايڏي وڏي ڪڪر جي گھيري ۾ آهيون، تنهنڪري اچو تہ اسين بہ هر رڪاوٽ ۽ ڦاسائيندڙ هر پاپ کي هٽائي ثابت قدميءَ سان انهيءَ ڊوڙ ۾ ڊوڙون جيڪا اسان جي اڳيان آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 جيئن تہ اسين بيان ڪيل شاهدن جي ايڏي وڏي ڪڪر جي گھيري ۾ آهيون، تنهنڪري اچو تہ اسين بہ هر رڪاوٽ ۽ ڦاسائيندڙ هر گناهہ کي هٽائي ثابت قدميءَ سان انهيءَ ڊوڙ ۾ ڊوڙون جيڪا اسان جي اڳيان آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 12:1
52 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

منھنجي نالي جي ڪري سڀڪو اوھان کي ڌڪاريندو، پر اوھان مان جيڪو توڙ تائين نڀائيندو سو ئي ڇوٽڪارو حاصل ڪندو.


پر اوھان مان جيڪو توڙ تائين نڀائيندو، اھو ئي ڇوٽڪارو حاصل ڪندو.


تڏھن ھو پنھنجو ڪپڙو اتي ڦٽو ڪري ٽپ ڏيئي اٿيو ۽ عيسيٰ وٽ آيو.


پوءِ ھن سڀني کي چتائي ڏسندي چيو تہ ”ھوشيار ٿجو ۽ پاڻ کي ھر طرح جي لالچ کان بچائجو، ڇالاءِ⁠جو ڌن ۽ دولت جي گھڻائي ماڻھوءَ جي حياتيءَ کي نہ ٿي سنواري.“


جيئن تہ مون کي پنج ڀائر آھن، سو ھو انھن کي وڃي تاڪيد ڪري تہ متان اھي بہ ھن عذاب جي جاءِ ۾ اچن.‘


”ھوشيار ٿجو، متان اوھان جون دليون ھٻڇ، نشي ۽ ھن حياتيءَ جي فڪرن ۾ ڦاسي پون. ھوشيار ٿجو، متان ابن⁠آدم جي اچڻ جو اھو ڏينھن اوھان جي مٿان اوچتو اچي ڪڙڪي.


ھو انھيءَ جي شاھدي ڏئي ٿو جيڪو ھن پاڻ ڏٺو ۽ ٻڌو آھي، پر سندس شاھدي ڪوبہ قبول نہ ٿو ڪري.


انھيءَ شھر جي ڪيترن ئي سامرين عيسيٰ تي ايمان آندو، ڇالاءِ⁠جو ان عورت شاھدي ڏني ھئي تہ ”جيڪي ڪجھہ مون ڪيو آھي سو سڀ ھن مون کي ٻڌايو آھي.“


ھڪ دفعي عيسيٰ پاڻ چيو ھو تہ ”ڪنھن بہ نبيءَ کي پنھنجي وطن ۾ عزت نہ ٿي ملي.“


اميد ۾ خوش رھو، مصيبت ۾ صبر ڪريو ۽ دعا گھرڻ ۾ ھميشہ مشغول رھو.


جيڪي نيڪي ڪرڻ ۾ ثابت قدم رھندي جلال، عزت ۽ بقا جا طالب آھن، تن کي خدا دائمي زندگي ڏيندو.


اي پيارا دوستو! جڏھن اسان سان اھڙا واعدا ڪيا ويا آھن، تہ پوءِ اچو تہ پاڻ کي ھر انھيءَ شيءِ کان پاڪ ڪريون جيڪا اسان جي جسم ۽ روح ٻنھي کي پليت ڪري ٿي ۽ خدا جو خوف رکندي مڪمل طرح پاڪ ٿي وڃون.


آءٌ انھيءَ ڪري اوڏانھن ويس جو خدا مون تي الھام ڪيو تہ تو کي وڃڻ گھرجي. مون اڪيلائيءَ ۾ انھن جي اڳيان جيڪي معتبر سمجھيا ويندا ھئا، اھا خوشخبري پيش ڪئي جنھن جي آءٌ غير قومن ۾ تبليغ ڪندو آھيان. مون نہ ٿي چاھيو تہ منھنجي ھاڻوڪي يا اڳوڻي ڊڪ ڊوڙ اجائي ٿئي.


اوھين تہ ايمان جي ڊوڙ چڱيءَ طرح ڊوڙي رھيا ھئا. پوءِ ڪنھن اوھان کي سچ کي مڃڻ کان روڪي ڇڏيو؟


تنھنڪري ڪوڙ کي ڇڏي اوھان مان ھر ڪو پنھنجي پاڙيسريءَ سان سچ ڳالھائي، ڇاڪاڻ⁠تہ اسين سڀ ھڪ ئي بدن جا عضوا آھيون.


اوھين بہ خوشخبريءَ لاءِ ساڳيءَ طرح جانفشاني ٿا ڪريو، جيئن اوھان مون کي ڪندي ڏٺو ھو ۽ ھاڻي بہ ٻڌو ٿا تہ ائين ئي پيو ڪريان.


۽ اوھين کين زندگيءَ جو ڪلام پيش ٿا ڪريو. جيڪڏھن اوھين اھو سڀ ڪجھہ ڪريو ٿا تہ آءٌ مسيح جي موٽي اچڻ واري ڏينھن تي فخر ڪري سگھندس تہ منھنجي ڊڪ ڊوڙ ۽ محنت اجائي نہ ٿي.


ڪوبہ سپاھگيري ڪندڙ پاڻ کي دنيا جي معاملن ۾ نہ ٿو ڦاسائي، انھيءَ لاءِ تہ جنھن آفيسر کيس ڀرتي ڪيو آھي تنھن کي خوش ڪري.


آءٌ چڱي ويڙھہ وڙھي چڪو آھيان. آءٌ پوري ڊوڙ ڊوڙي چڪو آھيان. آءٌ پنھنجي ايمان تي قائم رھيو آھيان.


اھڙيءَ طرح ابراھيم صبر ڪري اھا واعدي ڪيل برڪت حاصل ڪئي.


ڇالاءِ⁠جو اوھين ڄاڻو ٿا تہ اوھان جي ايمان جي پرک صبر پيدا ڪري ٿي.


تنھنڪري ھر طرح جي بدخواھي، سموري ٺڳي، رياڪاري، حسد ۽ ھر قسم جي گلا غيبت کي پاڻ مان ڪڍي ڇڏيو.


مطلب تہ ھو اڳتي پنھنجي باقي جسماني زندگي انساني خواھشن موجب نہ، بلڪ خدا جي مرضيءَ موجب گذاري.


اوھان ۾ جيڪي بزرگ آھن تن کي آءٌ، جيڪو انھن بزرگن مان ھڪڙو مسيح جي ڏکن جو شاھد ۽ سندس جيڪو جلال ظاھر ٿيڻ وارو آھي، تنھن ۾ پڻ شريڪ آھيان ، سو نصيحت ٿو ڪريان تہ


آءٌ اوھان ڏانھن ھي مختصر خط سيلاس جي معرفت لکي رھيو آھيان، جنھن کي آءٌ وفادار ڀاءُ سمجھان ٿو. آءٌ چاھيان ٿو تہ اوھان کي ھمتايان ۽ شاھدي بہ ڏيان تہ خدا جو سچو فضل اھو ئي آھي. اوھين انھيءَ تي قائم رھو.


پنھنجي علم سان پرھيزگاري، پرھيزگاريءَ سان صبر ۽ صبر سان دينداريءَ ۾ واڌارو آڻيو.


آءٌ يوحنا اوھان جو ڀاءُ ۽ عيسيٰ جي مصيبت، بادشاھت ۽ صبر ۾ اوھان سان شريڪ آھيان. آءٌ خدا جي ڪلام ٻڌائڻ ۽ عيسيٰ جي شاھدي ڏيڻ ڪري انھيءَ ٻيٽ ۾ قيد ھوس جيڪو پتمس ٿو سڏجي.


جيڪڏھن ڪو قيد ٿيڻو آھي تہ اھو قيد ۾ ويندو ۽ جيڪڏھن ڪو تلوار سان قتل ٿيڻو آھي تہ اھو تلوار سان قتل ڪيو ويندو. اھو آھي خدا جي قوم جو صبر ۽ ايمان.


عيسيٰ چيو تہ ”مون عيسيٰ، پنھنجو ملائڪ انھيءَ لاءِ موڪليو آھي تہ ڪليسيائن کي انھن ڳالھين جي شاھدي ڏئي. آءٌ دائود جي نسل ۽ خاندان مان آھيان ۽ صبح جو چمڪندڙ تارو آھيان.“


جيئن تہ اوھان منھنجو حڪم مڃي صبر ڪيو، تنھنڪري آءٌ بہ اوھان کي آزمائش جي گھڙيءَ کان بچائيندس، جيڪا ڌرتيءَ تي رھڻ وارن جي آزمائش لاءِ ساري جھان تي اچڻي آھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ