Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 11:32 - Common Language New Testament

32 ھاڻي وڌيڪ آءٌ ڇا ٻڌايان؟ ايتري واندڪائي ڪانہ اٿم جو گدعون، باراق، سمسون، يفٿاح، دائود، شموايل ۽ ٻين نبين جو ذڪر ڪريان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

32 هاڻي وڌيڪ آئون ڇا چوان؟ جو فرصت ڪانہ اٿم تہ جدعون، باراق، سمسون ۽ يفتہ جو ذڪر ڪريان؛ يا دائود ۽ سموئيل ۽ ٻين نبين جو ذڪر ڪريان؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

32 هاڻي وڌيڪ آءٌ ڇا ٻڌايان؟ هينئر ايترو وقت ڪانہ اٿم جو جِدعون، برق، سمسون، افتاح، يا وري دائود، سموئيل ۽ ايشور جو سنديش ڏيندڙ ٻين سنتن جو ذڪر ڪريان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

32 هاڻي وڌيڪ آءٌ ڇا ٻڌايان؟ هينئر ايترو وقت ڪانہ اٿم جو جِدعون، برق، سمسون، افتاح، يا وري دائود، سموئيل ۽ ٻين نبين جو ذڪر ڪريان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 11:32
38 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇوتہ اھڙيءَ طرح ئي نبين کي بہ ستايو ويو ھو. خوش ٿيو ۽ ڏاڍا سرھا ٿيو، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھان کي بھشت ۾ وڏو اجر ملندو.“


پوءِ جڏھن اوھين پاڻ کي ٻاھر ڌڪيل ۽ ابراھيم، اسحاق، يعقوب ۽ ٻين سڀني نبين کي خدا جي بادشاھت ۾ ڏسندءُ تہ روئڻ ۽ ڏند ڪرٽڻ لڳندءُ.


ابراھيم چيس تہ ’جيڪڏھن ھو موسيٰ ۽ نبين جي نہ ٿا ٻڌن، تہ پوءِ ڪو مئلن مان بہ جيئرو ٿي وڃين تہ انھيءَ جي بہ ڪونہ ٻڌندا.‘“


ٻيون بہ گھڻيون ئي ڳالھيون آھن جيڪي عيسيٰ ڪيون ھيون. اھي جيڪڏھن ھڪڙي ھڪڙي ڪري ويھي لکجن ھا تہ آءٌ سمجھان ٿو تہ ايترا تہ ڪتاب لکجي وڃن ھا جو ھوند دنيا ۾ نہ سمائجي سگھن ھا.


انھيءَ بابت سڀني نبين جي شاھدي آھي تہ جيڪو بہ مٿس ايمان آڻيندو، تنھن جا گناھہ سندس نالي جي وسيلي بخشيا ويندا.“


اھڙيءَ طرح ساڍا چار ⁠سؤ سال گذري ويا. تڏھن خدا سموئيل نبيءَ جي زماني تائين انھن لاءِ رھبر مقرر ڪندو رھيو.


سموئيل کان وٺي جيڪي ⁠بہ نبي آيا، تن مان جن جن بہ اڳڪٿي ڪئي تن سڀني ھنن ڏينھن جو ذڪر ڪيو آھي.


پر آءٌ ماڻھن جي ئي بحث مطابق پڇي سگھان ٿو تہ جيڪڏھن اسان جي بڇڙائيءَ جي ڪري خدا جو انصاف ظاھر ٿئي ٿو تہ پوءِ ڇا اسين ائين چئون تہ خدا بي⁠انصاف آھي، جو ھو غضب ٿو نازل ڪري؟


اسين پنھنجي ڏاڏي ابراھيم بابت ڇا چئون؟ ھن کي ڇا حاصل ٿيو؟


تہ پوءِ ڇا اسين ائين چئون تہ گناھہ ڪندا رھون تہ جيئن خدا جو فضل وڌيڪ ٿئي؟


پوءِ ڇا اسين ائين چئون تہ شريعت گناھہ آھي؟ نہ، بلڪل نہ، ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن شريعت نہ ھجي ھا تہ مون کي گناھہ جي خبر نہ پوي ھا. جيڪڏھن شريعت نہ چوي ھا تہ ”لالچ نہ ڪر“ تہ مون کي لالچ جي خبر نہ پوي ھا.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! انھن نبين کي ڏک سھڻ ۽ صبر ڪرڻ جو نمونو ڪري سمجھو، جن خداوند جي نالي تي ڪلام ڪيو.


ڇالاءِ⁠جو نبين جي ڪابہ ڳالھہ ڪڏھن بہ انسان جي پنھنجي مرضيءَ موجب ڪانہ ٿي، بلڪ ماڻھو پاڪ روح جي رھنمائيءَ سان خدا جي طرفان ڳالھائيندا ھئا.


آءٌ چاھيان ٿو تہ اوھين انھن ڳالھين کي، جيڪي پاڪ نبي اڳي ڪري ويا آھن ۽ اسان جي خداوند ۽ ڇوٽڪاري ڏيندڙ جي انھيءَ حڪم کي ياد رکو، جيڪو اوھان کي رسولن جي وسيلي ڏنو ويو ھو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ