Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 11:3 - Common Language New Testament

3 ايمان جي ڪري ئي اسين سمجھون ٿا تہ ڪائنات خدا جي حڪم سان بڻي آھي، يعني جيڪي ڪجھہ ڏسڻ ۾ اچي ٿو سو ڏسڻ ۾ نہ ايندڙ شين مان بڻيو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 ايمان ئي جي ڪري اسين سمجهون ٿا تہ عالم خدا جي ڪلام سان جڙيو ۽ انهن شين مان جي ظاهري ڏسڻ ۾ نٿيون اچن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

3 وشواس جي ڪري ئي اسين سمجھون ٿا تہ سڀيئي جهان ايشور جي حڪم سان بڻيا آهن. ائين نہ آهي تہ جيڪي ڪجھہ نظر اچي ٿو سو ڏسڻ ۾ ايندڙ شين مان بڻيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 ايمان جي ڪري ئي اسين سمجھون ٿا تہ سڀيئي جهان خدا جي حڪم سان بڻيا آهن. ائين نہ آهي تہ جيڪي ڪجھہ نظر اچي ٿو سو ڏسڻ ۾ ايندڙ شين مان بڻيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 11:3
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سڀيئي شيون ھن جي وسيلي پيدا ٿيون آھن ۽ جيڪا بہ شيءِ پيدا ٿي آھي، سا ھن کان سواءِ نہ بڻائي ويئي آھي.


”اي انسانو! اوھين ھي ڇا ٿا ڪريو؟ اسين بہ اوھان جھڙا فاني انسان آھيون. اسين تہ اوھان کي خوشخبري ٻڌائڻ آيا آھيون تہ اوھين ھنن ڪوڙين ريتن رسمن کان پاسو ڪري رڳو انھيءَ جيئري خدا کي مڃو، جنھن آسمان، زمين، سمنڊ ۽ ٻيو جيڪي منجھن آھي سو پيدا ڪيو آھي.


جنھن خدا سارو جھان ۽ جيڪي شيون منجھس آھن، سي سڀيئي پيدا ڪيون آھن، سو آسمان ۽ زمين جو مالڪ ھوندي ھٿن جي ٺھيل مندرن ۾ نہ ٿو رھي.


جيئن لکيل آھي تہ ”اي ابراھيم! مون تو کي گھڻين قومن جو پيءُ بڻايو آھي.“ اھو واعدو سچو آھي، ڇالاءِ⁠جو ابراھيم جو ايمان انھيءَ خدا تي ھو، جيڪو مئلن کي جيئرو ڪري ٿو ۽ جنھن جو حڪم انھن شين کي وجود ڏئي ٿو جيڪي اڳ ۾ موجود نہ آھن.


بلڪ، اسين خدا جي ڳجھي ڏاھپ بيان ڪري رھيا آھيون، جيڪا دنيا کان لڪل آھي ۽ جا خدا ھن زماني جي شروعات کان اڳي ئي اسان جي شان وَ شوڪت لاءِ مقرر ڪري ڇڏي ھئي.


ھن ڪري جو اھا خدا جي ڪلام ۽ دعا جي ڪري پاڪ ٿيو پوي.


پر ھاڻي ھن زماني جي آخر ۾ خدا اسان سان پنھنجي فرزند جي معرفت ڳالھايو، جنھن کي ھن سڀني شين جو وارث مقرر ڪيو ۽ سندس ئي وسيلي ڪائنات خلقيائين.


۽ جن خدا جي چڱي ڪلام ۽ ايندڙ جھان جي طاقتن جو تجربو حاصل ڪيو آھي.


پر ھيءَ ڳالھہ انھن ڄاڻي⁠ٻجھي وساري ڇڏي آھي تہ خدا جي حڪم سان پراڻي زماني کان آسمان موجود آھن ۽ زمين پاڻيءَ منجھان ٺھي ۽ پاڻيءَ جي وچ ۾ آھي.


”اي اسان جا خداوند ۽ خدا! تون تعظيم، عزت ۽ قدرت جي لائق آھين، ڇالاءِ⁠جو تو ئي سڀ شيون پيدا ڪيون ۽ تنھنجيءَ ئي مرضيءَ سان پيدا ٿيون ۽ وجود ۾ آيون.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ