Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 11:13 - Common Language New Testament

13 اھو ايمان ئي ھو جنھن تي اھي سڀ ماڻھو سڄي عمر قائم رھيا. جيتوڻيڪ کين واعدي ڪيل شيون نہ مليون، مگر انھن کي پري کان ئي ڏسي سندن مرحبا ڪيائون. ان سان گڏ ھنن قبول ڪيو تہ اسين ڌرتيءَ تي مھمان ۽ مسافر آھيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 اهي سڄي عمر ايمان تي قائم هئا، ۽ جيتوڻيڪ واعدي جون شيون نہ ملين، مگر پري کان انهن کي ڏسي انهن جي مرحبا ڪيائون، ۽ قبول ڪيائون تہ اسين زمين تي پرديسي ۽ مسافر آهيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

13 اهو وشواس ئي هو جنهن تي اهي سڀ مرڻ گھڙيءَ تائين قائم رهيا. جيتوڻيڪ کين ڪجھہ بہ نہ مليو، جنهن جو ايشور ساڻن وچن ڪيو هو، تڏهن بہ پري کان ئي سڀ ڪجھہ ڏسي خوشيءَ جو اظهار ڪيائون. ان سان گڏ هنن اقرار ڪيو تہ ”اسين ڌرتيءَ تي پرديسي ۽ مسافر آهيون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 اهو ايمان ئي هو جنهن تي اهي سڀ مرڻ گھڙيءَ تائين قائم رهيا. جيتوڻيڪ کين ڪجھہ بہ نہ مليو، جنهن جو خدا ساڻن واعدو ڪيو هو، تڏهن بہ پري کان ئي سڀ ڪجھہ ڏسي خوشيءَ جو اظهار ڪيائون. ان سان گڏ هنن اقرار ڪيو تہ ”اسين ڌرتيءَ تي پرديسي ۽ مسافر آهيون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 11:13
36 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ ڪيترن نبين ۽ نيڪن جي اھا خواھش ھئي تہ جيڪي اوھين ڏسو ٿا سو ھو بہ ڏسن، پر نہ ڏٺائون ۽ جيڪي اوھين ٻڌو ٿا سو ھو بہ ٻڌن، پر نہ ٻڌائون.“


يسعياہ ھي انھيءَ لاءِ چيو ھو جو ھن عيسيٰ جو جلوو ڏٺو ھو ۽ انھيءَ جي باري ۾ ڳالھايو ھئائين.


اوھان جو پيءُ ابراھيم منھنجي انھيءَ ڏينھن جي ڏسڻ جي اميد تي ڏاڍو خوش ھو. ھُن اھو ڏينھن ڏٺو ۽ خوش ٿيو.“


ھن کي پورو يقين ھو تہ خدا جيڪو واعدو ڪيو آھي سو پورو ٿيندو.


سو اسان کي اميد جي وسيلي ئي تہ ڇوٽڪارو مليو. پر جنھن شيءِ جي اميد ھجي سا جيڪڏھن ڏسڻ ۾ اچي تہ پوءِ اميد ڇا جي؟ ڇا ڪو اھڙو ماڻھو آھي جيڪو ڪا شيءِ ڏسي ۽ پوءِ بہ انھيءَ لاءِ اميد رکي؟


سو اسين ڏٺل شين تي نہ، بلڪ اڻ⁠ڏٺل شين تي نظر ڪريون ٿا. ڇالاءِ⁠جو جيڪي شيون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون سي عارضي آھن ۽ جيڪي نہ ٿيون ڏسجن سي دائمي آھن.


تنھنڪري اسان کي ھميشہ پوري خاطري ٿي رھي ۽ ڄاڻون ٿا تہ جيستائين ھي جسم اسان جو گھر آھي تيستائين اسين خداوند کان پري آھيون.


تنھنڪري اوھين ھاڻي ڌاريا ۽ پرديسي نہ رھيا آھيو، بلڪ خدا جي قوم جا ھم⁠وطن ۽ خدا جي گھر جا ڀاتي آھيو.


جيڪي ماڻھو اھڙيون ڳالھيون ڪندا آھن، سي ظاھر ڪندا آھن تہ اسين پنھنجي وطن جي ڳولا ۾ آھيون.


ايمان جي ڪري ئي پنھنجي آزمائش وقت ابراھيم اسحاق کي نذراني طور قربان ڪيو. اھو ئي ابراھيم جنھن خدا جا واعدا قبول ڪيا ھئا، سو پنھنجي پياري پٽ کي قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو.


ايمان جي ڪري ئي موسيٰ بادشاھہ جي ڪاوڙ جي پرواھہ نہ ڪئي ۽ مصر ڇڏي ڏنائين. ھو ڏسڻ ۾ نہ ايندڙ خدا کي ڄڻڪ ڏسي ڪري ثابت⁠قدم رھيو.


انھن سڀني کي سندن ايمان جي ڪري ساراھيو ويو، تڏھن بہ انھن مان ڪنھن کي بہ واعدي ڪيل شيءِ ڪانہ ملي.


ھي خط پطرس جي طرفان آھي، جيڪو عيسيٰ مسيح جو رسول آھي. ھي خدا جي انھن چونڊيل ماڻھن ڏانھن ٿو لکجي، جيڪي جلاوطن جي حيثيت ۾ پنطس، گلتيا، ڪپدڪيا، ايشيا ۽ بٿونيا پرڳڻن ۾ پکڙيل آھن.


ھاڻي جيڪڏھن اوھين انھيءَ کي پيءُ ڪري سڏيو ٿا، جيڪو ھرھڪ ماڻھوءَ جي ڪم موجب بنا طرفداريءَ جي انصاف ٿو ڪري، تہ پوءِ پنھنجي ھيءَ مسافرن واري زندگي خدا جي خوف ۾ گذاريو.


اي پيارا دوستو! آءٌ اوھان کي ھن دنيا ۾ پرديسي ۽ جلاوطن سمجھي منٿ ٿو ڪريان تہ انھن جسماني برين خواھشن کان پري رھو، جيڪي اوھان جي روح سان جنگ ٿيون جوٽين.


انھيءَ مان اسان کي خبر پوندي تہ اسين حق تي آھيون ۽ خدا جي حضور ۾ اسان جي دل کي خاطري ٿيندي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ